1940 واري ٺهرا ڇا ڏنڏ ڇا ورتو

'راءِ شماري' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    امان الله شيخ

    دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جيڪي به ملڪ ڪنهن جدوجهد حادثي، اتفاق يا مطالبي ذريعي وجود ۾ آيا آهن. انهن ملڪن کي پنهنجي هئڻ يا جياپي لاءِ دليل ۽ اصول هوندا آهن. ائين برصغير/ اپکنڊ ۾ ويهين صدي جي پوئين اڌ ۾ انگريزن جي ڪوچ ڪرڻ سان ٻه آزاد ملڪ، هندستان ۽ پاڪستان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. انهيءَ آزادي ماڻڻ جي حوالي سان پيارو پاڪستان ڄمار جي ستين ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ پير پائي رهيو آهي.

    هونئن ته آزادي ماڻڻ جي ڏس ۾ 14 آگسٽ جو ڏينهن اهم آهي. پر سندس ”هئڻ“ جو ڪارڻ يا دليل 23 مارچ 1940 جو لاهور ٺهراءُ ليکيو وڃي ٿو. جنهن کي اڄ به سرڪاري سطح تي مڃتا حاصل آهي، جنهن ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به هرج ڪونهي ته 14 آگسٽ يعني آزادي جي ڏهاڙي جو پيڙهه پٿر 23 مارچ، 1940 جو ٺهراءُ آهي. ساڳي ريت، اسان جي کنيل موضوع جوبه مرڪز ۽محور 23 مارچ 1940ع جو لاهور ٺهراءُ آهي. ان ڪري اڳتي وڌڻ کان پهريائين سرسري طور ٺهراءُ جو خاڪو ڏيڻ ضروري آهي. ”آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس يڪراءِ ويچار آهي ته هن ملڪ جي مسلمانن لاءِ ڪو به آئيني منصوبو قابل عمل ۽ مڃتا لائق نه هوندو، جيستائين هيٺين ڄاڻايل اصول تي ٻڌل نه هوندو يعني ته جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان پاڻ ۾ ڳنڍيل وحدتن جي حدبندي اهڙي ريت ڪئي وڃي جيڪي پاڻ ۾ ائين جڙيل هجن جن ۾ ضرورت مطابق علائقائي ردوبدل ڪري انهن علائقن ۾ جتي مسلمانن جي عددي اڪثريت آهي، جهڙوڪ هندستان ۾ اتر اولهه ۽ اڀرندي علائقن ۾ آهي. انهن کي آزاد رياستن جي شڪل ۾ آندو وڃي. انهن ۾ شامل ٿيندڙ وحدتون خود مختيار (Auto no mous) ۽ اقتدار اعلى (Sovereign) جون مالڪ هونديون.

    اهو ته مناسب، اثرائتين ۽ اختياري آئيني ذميوارين سان گڏ واضح طور، انهن وحدتن ۽ علائقن جي قانون ۾ اتي رهندڙ اقليتن لاءِ سندن صلاح مصلحت سان انهن مذهب، ثقافت، معاشي، سياسي، انتظامي، ٻين حقن ۽ مفادن کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ هندستان جي ٻين علائقن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، اتي مناسب اثرائتين ۽ اختياري آئيني ذميوارين سان واضح طور، انهن ۽ ٻين اقليتي برادرين جي مشوري سان سندن مذهب، ثقافت، معاشيات سياسي انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. وڌيڪ اهو ته هي اجلاس، ورڪنگ ڪميٽي کي، لاڳاپيل علائقن بابت آخري مفروضي طور ڄاڻايل شرطن جي انهن آخري بنيادي اصولن پٽاندڙ، اهڙن سمورن اختيارن جهڙوڪ، بچاءُ، پرڏيهي معاملن، مواصلات، ڪسٽم ۽ ٻين مامرن جيڪي ضروري هجن تن بابت آئيني منصوبو جوڙڻ جو اختيار ڏئي ٿو“.

    اڄ به پاڪستان ۾ رهندڙ قومون هٿن ۾ مشعلون کنيون لاهور ٺهراءُ کي ڳولي رهيون آهن جنهن ۾ هنن سان خودمختياري ۽ اختيار اعلى جا واعدا ۽ وعيد ڪيا ويا هئا. آخر سوال آهي ته هن ٺهراءَ کي جيڪڏهن پاڪستان جي نظرياتي بڻ بڻياد جي حيثيت آهي ته پوءِ عمل ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو ويو آهي. ان حد تائين جو اڌ ملڪ جو وڃائڻ قبول ڪيو ويو پر قومن کي تواريخي ۽ قانوني حق ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو. ائين ته ڪونهي ته لاهور ٺهراءُ ننڍي کنڊ جي سياسي راند ۾ هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو هو. يا وري مو رڳو 1940ع جي ٺهراءَ سان ڪا هٿ چراند، سازش ۽ ويساهه گهاتي ڪئي وئي هئي. ڇو ته سياسي ميدان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ظاهري ڏيک ويک لاءِ اهڙا مطالبا ڪيا ويندا آهن جيڪي عمل لائق ڪو نه هوندا آهن. پر انهن مطالبن کي ان لاءِ ميدان ۾ آندو ويندو آهي ته ڳالهه ٻولهه جي ميز تي ڏيتي ليتي ۽ سوديبازي لاءِ ڪتب آڻي سگهجي.

    انهن کوڙ سارن لاڳاپيل سوالن جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته 1940ع جي تواريخي پس منظر کي پڙهجي پوءِ ان جي پٺيان ٿيندڙ محرڪات کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي.

    يورپ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ سان برطانيا سرڪار جي جنگ جي محاذ تي ڏينهون ڏينهن حالت خراب ٿيڻ لڳي. ان زماني ۾ هندستان ۾ ڪانگريس وزارتن 31 آڪٽوبر 1939ع تي استعيفائون ڏئي انگريز سرڪار تي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ۽ سرڪار سان عدم تعاون جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي ڪانگريس جي ڪٽر مخالف مسلم ليگ اهڙي صورتحال منجهان فائدو حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان ڪري محمد علي جناح صاحب 22 ڊسمبر 1939ع تي مسلمانن کي يوم نجات ملهائڻ جي اپيل ڪئي. ان سياسي دٻاءَ کي جناح ايترو ته اڳتي وٺي ويو جو جڏهن پاڻ 6 فيبروري 1940ع تي وائسراءِ هند لارڊ لنلٿگو سان ملاقات ڪئي ته هن کيس چيو ته مسلم ليگ جي نقطه نظر کي ڪو به هندستان يا برطانيا ۾ مدبر ۽ فهم رکندڙ ماڻهو نظرانداز ڪري نه ٿو سگهي. پر ساڳي وقت هڪ اهم نقطو غور مطلب آهي ته هڪ اقليت پنهنجي اقليت هئڻ جو فائدو وٺي اڪثريت جي آڏو رنڊڪ بڻجي سرڪار ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ محاذ آرائي کي ڀڙڪائڻ لاءِ ڦوڪون ڏئي ته اهڙي سوچ ۽ سلوڪ کي برطانيا ۾ پٺڀرائي ملڻ محال آهي. اصل ۾ گانڌي ۽ جناح ۾ هڪ ڳالهه مشترڪه هئي ته ٻئي صاحب پنهنجي مطالبي ۽ بيان کي مبهم ۽ منجهيل رکڻ جي مهارت رکندڙ هئا. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ هو ته جڏهن دٻاءُ ۾ واڌارو اچي وڃي ته پوءِ ڳالهه ٻولهه مهل لفظن کي پنهنجي مقصد ۽ مراد خاطر، هنر ۽ حرفت سان ڪتب آڻي ۽ هيٺ مٿي ڪري، ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هاڻي جناح به محسوس ڪري ورتو ته ههڙي پيچيده صورتحال ۾ لکت يا مطالبي جي صورت ۾ هڪ اهڙي مبهم راءِ کي آندو وڃي جو ائين ڏسڻ ۾ اچي ته ڊيڊ لاڪ/ جموريت منجهان ٻاهر نڪرڻ جو اهوئي واحد وسيلو آهي. ان لاءِ جناح صاحب مختلف صوبن منجهان تجويزون ۽ رايا گهرائڻ لاءِ غير رسمي رابطو ڪيو. ڇاڪاڻ ته طئه ڪيو ويو هو ته مسلم ليگ جو هڪ وفد جنهن ۾ سر سڪندر حيات وزيراعظم پنجاب، خواجه ناظم الدين بنگال ۽ چوڌري خليق الزمان يو پي تي مشتمل هوندو سو مسلم ليگ جو نقطه نگاهه پيش ڪرڻ لاءِ لنڊن ويندو. ان سلسلي خاطر هڪ مسودو/ ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ تجويزون گهرايون ويون. ان ڏس ۾ پنجاب ۽ سنڌ پاران مسلم ليگ ڏانهن دهلي ۾ اماڻيل تجويزون، لکت، زباني، توڙي تقريرن جي شڪل ۾ نظرانداز ڪري نه ٿيون سگهجن.

    پنجاب جي وزيراعظم سر سڪندر حيات لکت ۾ پنهنجي تجويز مير مقبول محمود جي معرفت جناح صاحب ڏانهن دهلي اماڻي ڇڏي. ان وري پهتل ڊرافٽ کي ڪاروباري ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ته جيئن غور ڪري حتمي راءِ پيدا ڪئي وڃي. بهرحال ان ڊرافٽ ۽ ٻين تجويزن جي ڇنڊڦوڪ ۽ ڪاٽ ڪوٽ منجهان ئي 23 مارچ 1940ع لاهور جو ٺهراءَ نڪري نروار ٿيو ۽ سر سڪندر حيات جو موڪليل ڊرافٽ گم غائب ڪري ڇڏيو ويو.

    انت ته 1940ع جو لاهور ٺهراءُ ته مسلم ليگ طمطراق سان پاس ڪري ڇڏيو. پر ان کي ”هندو پريس“ واويلا مچائي پاڪستان جو دستاويز ڄاڻايو. انهي صورتحال هندو مسلم ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو. ان ڪري سرسڪندر حيات 11 مارچ 1941ع تي پنجاب اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”لاهور قرارداد جو بنيادي ڊرافٽ مون ئي تيار ڪري دهلي اماڻايو هو. ان جي شڪل شبيهه کي ايترو ته منسخ ڪيو ويو آهي جو موجوده لاهور ٺهراءُ جي شڪل ئي ٻي آهي. ان کان پوءِ اسيمبلي جي آڏو مسلم ليگ کي اماڻيل ڊرافٽ جي متعلق وضاحت ۽ جيڪا ٽيڪاٽپڻي هن ڪئي ان جو متن هيٺين ريت آهي، 1 برصغير جي موجوده صوبن کي خودمختيار (Auto no mous) ۽ حق حاڪميت (Soverign) رياستن (States) جو درجو ڏنو وڃي.

    2: ڪجهه کاتا جهڙوڪ، بچاءُ، پرڏيهي معاملا ۽ مواصلات هڪ مرڪزي اداري يا بورڊ جي سپرد ڪيا وڃن. جنهن جي حيثيت خودمختيار رياستن جي ايجنٽ طور هئڻ گهرجي.

    دراصل سرسڪندر حيات، مسلم ليگ جي ڦلهڙي حڪمت عملي جي برعڪس وحدتن کي سيڪيولر بنيادن تي رياستن جو درجو ڏئي هڪ محب وطن پنجابي قوم پرست جي حيثيت سان هڪ اهڙو ڊرافٽ تيار ڪري اماڻيو جيڪو سندس غير مسلم يونينسٽ پارٽي جي ساٿين لاءِ پڻ قابل قبول هو. اهو مجموعي سيڪيولر/ غير فرقيورانه بنيادن تي خودمختياري ۽ حق حاڪميت جو دستاويز هو.

    سنڌ جي سياسي سٽاءَ ۾ ڪانگريز جي پليٽ فارم تان چونڊجي آيل ميمبر گهڻي ڀاڱي آل انڊيا مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل هئا. ان ڪري سنڌ جا مامرا هنن لاءِ ثانوي درجو رکندڙ هئا. جڏهن ته مسلمان ميمبرن جي اڪثريت وري مقامي مسئلا جهڙوڪ ٿاڻا، روينيو عملدار هٿ وسيڪا ڪرڻ ۽ ذاتي پلئه ۽ پلاند ۾ غلطان هئا. اڄ به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي، هنن لاءِ به سنڌ جو مسئلو ثانوي هو. ان ڪري سنڌ ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت جو قيام اٿندي ئي ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويو. ان جي شروعات گورنر سنڌ لانسٽ گراهم 3 ميمبرن جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي کي وزارت/ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيڻ سان ڪئي. پر سال کان به گهٽ عرصي ۾ 23 مارچ 1938ع تي خان بهادر الهه بخش سومرو سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. سنڌ جي ان روشن خيال ۽ سيڪيولر سربراهه کي گورنر سنڌ سان گڏوگڏ نالي ماتر مسلم ليگي ميمبر براشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا. ان ڪري الهه بخش خلاف عدم اعتماد جي تياري شروع ڪئي وئي. انهي زماني ۾ يعني آڪٽوبر 1938ع ۾ جناح صاحب آيو. سنڌ ۾ امن امان ۽ اتحاد کي قائم رکڻ جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو. انهي اجلاس ۾ سر سڪندر حيات وزيراعظم پنجاب، مولوي فضل الحق، وزيراعظم بنگال، خان بهادر، الهه بخش سومرو، وزيراعظم سنڌ ۽ ان کان سواءِ جناح صاحب، جي ايم سيد صاحب ۽ سر غلام حسين پڻ شريڪ ٿيا. ان گڏجاڻي ۾ بحث مباحثي کان پوءِ جناح صاحب الهه بخش کي چيو ته سنڌ جي اتحاد خاطر مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪر ۽ وزارت عظميٰ تان پڻ دستبردار ٿيءُ. پر وزيراعظم سنڌ، جناح صاحب جي ٻٽي معيار کي مڃڻ کان لاچاري ڏيکاري، ڇو ته پنجاب جي وزيراعظم کي مسلم ليگ ۾ شموليت لاءِ پنهنجي عهدي تان دستبردار به ڪو نه ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ غير مسلم ليگي سهڪاري ميمبرن سان پنجاب جي ڪاروهنوار ۾ ڪنهن به مداخلت کان پاسيرو رهڻ جو انجام ڪيل هو. نيٺ سنڌ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ مسجد منزل گاهه جي نالي ۾ رتوڇاڻ ڪرائي وئي. جنهن جي سربراهي سنڌ مسلم ليگ ڪري رهي هئي. الهه بخش مذهبي فرقيواريت جي آڏو گوڏا کوڙڻ جي بجاءِ 17 مارچ 1940 تي استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ هفتي کن کان به گهٽ عرصي ۾ 23 مارچ 1940ع تي لاهور ٺهراءُ پاس ٿيو. (هلندڙ)



    الهه بخش جي دورانديش نگاهن محسوس ڪري ورتو ته فرقيوار سياست جو وهڪرو نه رڳو سنڌ کي پر ننڍي کنڊ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيو آهي ۽ خاص مسلمانن کي مسلم ليگ جي اندر ويٺل جنوني رتوڇاڻ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. ان حوالي سان آزاد ڪانفرنس جي نالي سان هڪ اجلاس دهلي ۾ گهرايو ويو. آزاد مسلم ڪانفرنس متعلق ”هندستان ۾ جديد اسلام“ (modern islam in India) جو منصف ڊبليو سي سمٿ ڄاڻائي ٿو ته ”مارچ 1940ع ۾ هندستان جي روشن خيال ۽ قوم پرست مسلمانن جي گڏجاڻي ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ جي نالي هيٺ ٿي. ان ڪانفرنس جي صدارت سنڌ جي اڳوڻي وزيراعظم الهه بخش سومري ڪئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وفدن ”لاهور ٺهراءَ“ کي هڪ سياسي چال کان وڌيڪ ڪو نه ڄاڻايو. ان تي عمل ڪرڻ سان جيڪي زهريلا نتيجا نڪرندا سو سڄو برصغير ڀوڳيندو. مذهبي بنيادن تي ننڍي کنڊ جو ورهاڱو موتمار ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ ستت ئي 30/27 اپريل 1940ع تي برصغير جي بگڙجندڙ حالتن جي ڪارڻ آزاد مسلم ڪانفرنس پاران دهلي ۾ هڪ ٻيو اجلاس گهرايو ويو. ان اجلاس جي صدارت به الهه بخش سومري ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ دنيا ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن ۽ ان جو برصغير تي اثر مرتب ٿيڻ کي مدبراڻي انداز ۾ پيرائتي نموني سان بيان ڪيو ۽ لاهور ٺهراءَ تي ورجاءِ ڪري ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چيو.

    لاهور ٺهراءُ/ قرارداد پاڪستان محض اکين جو ڍءُ آهي ۽ سچ پچ ته برصغير جي سيڪيولر ۽ قوم پرست خدوخال کي ٽارپيڊو ڪرڻ جي برابر آهي. هن وقت اسان جو گول هندستان جي آزادي آهي. ڇا سياست جي عملي دنيا ۾ ممڪن آهي ته ڪجهه ڪروڙ پنجابي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ مسلمانن جي رياست اتر اولهه ۾ ۽ ٻي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ آسامي ۽ بنگالي مسلمانن جي ٺاهي ان جي وسيلي ٻين صوبن ۾ رهندڙ اقليتي مسلمانن لاءِ حفاظتي اپاءُ ورتا ويندا.

    حاصل مطلب ته 23 مارچ 1940ع جي تواريخي سپر منظر پڙهڻ کان پوءِ تت هيٺين ريت بيهي ٿو.

    1: سر سڪندر حيات وزيراعظم جو مسلم ليگ ڏانهن موڪليل ڊرافٽ سيڪيولرز ۽ حب الوطني جي بنيادن تي ٺاهيل هو، جنهن کي دهلي ۾ گم ڪيو ويو.

    2: اڳوڻي وزيراعظم سنڌ الهه بخش سومري آزاد مسلم ڪانفرنس جي اجلاسن ۾ پنهنجي مدبرانه دليلن سان قرارداد لاهور کي هڪ سياسي چال ڄاڻائيندي برصغير لاءِ موتمار قرار ڏنو.

    هاڻي هتي اسان جي موضوع سان لاڳاپيل سوالن منجهان ٻه پتڪڙا لفظ اڀري اچن ٿا سي آهن سياسي چال، سازش ۽ ويساهه گهاتي، انهيءَ ڪار گذاري کي سمجهڻ لاءِ وري به تواريخ جي قومي نفسيات کي نظر منجهان ڪڍڻ ضروري آهي. برصغير ۾ قومن جي تواريخي حقن جي سوچ ۽ ان جي نفسيات جي نمائندگي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترتيب وار سر سڪندر حيات ۽ الهه بخش سومرو ڪري رهيا هئا. اهي ٻئي صاحب تواريخ جي پس منظر ۾ اهڙن صوبن/ وحدتن جا رهواسي هئا جن جون پاڙون پنهنجي وطن ۾ کتل هيون ۽ هو ٻئي ڄڻا جديد قومي رياست جي نظرئي مطابق پنهنجن پرڳڻن جي ماڻهن کي فرقيوارانه سوچ جي دائري منجهان ٻاهر ڪڍي خوشحالي ۽ امن ڏانهن گامزن ڪرڻ جي تمنا رکندڙ هئا. ان جي برعڪس مسلم ليگ تي قابض گروهه، جنهن جي سربراهي لياقت علي خان ۽ چوڌري خليق الزمان جهڙا سياڻا ۽ اياڻا ڪري رهيا هئا. اهي بنيادي طور هڪ اهڙي نفسياتي ڪلچر جي پيداوار هئا جن لاءِ زمين، قوم ۽ ڌرتي بي معنيٰ ۽ بي مقصد هئي. اهي بنيادي طور هڪ جارحانه ۽ مرڪز پرست ڪلچر جا نمائندا هئا. اڃا به ٿورو پوئتي وڃبو ته نظر پيو اچي ته برصغير کي غلامي جي زنجيرن م جڪڙڻ جي ذميواري کان انهن مرڪز پرستن کي آجو ڪري نه ٿو سگهجي. انهن مرڪز پرستن ۽ بي وطن ماڻهن انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ڪلائيو جي سربراهي ۾ 1757ع ڌاري بنگال جي محب وطن حڪمران سراج الدوله کي مارائي قبضو ڪرايو. ان کان پوءِ انگريزن لاءِ برصغير تي قبضي ڪرڻ جا دروازا کلي ويا. انهن انگريزن جي مرڪز پرست ساٿيارين هڪ صدي جي مختصر مدي ۾ آزاد سنڌ، آزاد پنجاب کي ترتيب وار 1843ع ۽ 1848ع ۾ غلامي جي صفن ۾ بيهاري ڇڏيو. اهڙن غير وطن ۽ مرڪز پرستن جي سڃاڻپ ”ڀيا ڪلچر“ جي نالي سان ٿيڻ لڳي. ائين چئجي ته مسلم قوم جو نعرو به اڳتي هلي انهن مرڪز پرستن/ ڀيا ڪلچر جي مجبوري ۽ ضرورت بڻجي پيو. ڇو ته مستقبل ۾ سندن جياپي ۽ گذران جو وسيلو ”مسلم قوم“ جو نعرو هو. انهن ڀيا ڪلچر جي نمائندگي ڪندڙن جو هڪ ته واسطو مسلم اڪثريت جي علائقن سان ڪو نه هو. ٻيو ته انهن ۾ قومي فڪر ۽ شعور جو ادراڪ نه هئڻ برابر هو. اهڙي حالت ۾ انهن مرڪز پرستن لاءِ بنگالي، پنجابي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ نسبت سان سوچڻ اجايو ۽ عبث هو. اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جو 23 مارچ 1940ع جي پيش ڪيل ٺهراءَ سان سازش ۽ ويساهه گهاتي ڪندي حرفت ۽ چالاڪي سان صوبن/ وحدتن جي جاءِ تي مسلم اڪثريت جو علائقن جو اصطلاح ٽنڀي ڇڏيو ويو ته جيئن سياسي ڏيتي ليتي ۾ سهوليت پيدا ڪري سگهجي. اهڙي سياسي سوديبازي ڪرڻ لاءِ 10 اپريل 1946ع تي مسلم ليگ دهلي ۾ اجلاس گهرائي 1940ع جي لاهور ٺهراءَ ۾ آزاد ۽ خودمختيار رياستن ۽ ٻين دلڪش لفظن کي خارج ڪري هڪ پاڪستان جو مطالبو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ، سرحد، پنجاب بلوچستان کان علاوه بنگال ۽ آسام کي صوبن طور شامل ڪرڻ جو ٺهراءُ بحال ڪيو ويو.

    مطلب ته هاڻ جڏهن 23 مارچ 1940ع جو لاهور ٺهراءُ رڳو مينار پاڪستان تي اڪريل يادگار طور وڃي رهيو آهي ۽ ان سان سندس خالق مسلم ليگ ئي ويساهه گهاتي ڪئي آهي ته پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟

    مان سمجهان ٿو ته 1940ع جو لاهور ٺهراءُ محض اکين جو ڍءُ ۽ سياسي ٽڪساز کان وڌيڪ ڪا به حيثيت ڪو نه رکي ٿو. اسان سر سڪندر حيات ۽ الهه بخش سومري جي ڏنل تجويزن ۽ لکتن تي عمل ڪري، ڇهه ڏهاڪن کان به وڌيڪ يرغمال صورتحال مان هن ملڪ کي آجو ڪرائي سگهون ٿا. يعني هن ملڪ جو مستقبل هڪ نئين سماجي معاهدي سان سلهاڙيل آهي ۽ مختصر لفظن ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف پاڪستان رياست هاءِ متحده پاڪستان.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو