هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هَاڪَ، سُتَي سَنڀَارَنِ جِي مُحَبَتِي مَيهَارَ جَي، چَڙَنِ چَورِيَا چَاڪَ اُنِيَنِ جِي اَوطَاقَ، وَڃَڻُ وَاجِبُ مُون پِيَو سُرُ سُهِڻِي ڀَرِ = پاسي، طرف، هن پاسي، درياھ پار سُيَمِ = ٻڌم هَاڪَ = آواز، آلاپ، سڏ سَنڀَارَنِ = چَڙِيُنِ، ٽَلِيُنِ چَورِيَا = اٿلي پيا، جاڳي پيا چَاڪَ = ڦٽ، چير، زخم اُنِيَنِ = انهن وَاجِبُ = ضروري، فرض ٿي پيو آهي بيت جو پس منظر ~ اڃان ستي پئي هيس تہ درياھ جي هن پاسي کان ميهار جي مَينهُنِ جَي ٽلين جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا اچن. ~ انهن چڙن جَي آوازن منهنجي ستل سورن ۽ ڇٽل ڦٽن کي جاڳائي وڌو آهي. ~ هاڻي تہ ميهار سان ملڻ لاءِ سندس ديري تي وڃڻ ضروري ٿي پيو آهي. سمجهاڻي رات جو وقت آهي سهڻي ستل آهي اوچتو درياھ جي ٻئي پاسي کان ميهار جَي مَينهُنِ جَي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙن ۽ ٽلين جا مڌر سر آلاپ سندس ڪنن تي پيا آهن. سهڻي ڇرڪ ڀري اٿي پئي آهي، ميهار جي سِڪَ، اُڪِيرَ ۽ جدائيءَ ۾ سندس دل جا زخم وري اٿلي پيا هن. سو سهڻي چئي ٿي تہ محبوب ميهار سان هينئر ئي ملڻ لاءِ درياھ پار ڪري وڃڻو پوندو. ڀٽائي هن بيت مان اسان کي اشارن ۽ اهڃاڻن کي سمجهي پاڻ ۾discipline ۽ ضابطي پيدا ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ادا سليمان وساڻ صاحب توهان تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ اميد ته اڳتي به ايتري ئي محنت ڪندا اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن باقي اسان جيڪو توهان کي عرض ٿا ڪريون ته توهان شاهه صاحب جي بيت ۾ زير، زبر ۽ پيش جو خيال رکندا ڇو ته هڪ زير يا زبر اڳتي پوئتي ٿيڻ سان معني تبديل ٿي وڃي ٿي.