مَيهَارَان مَهِي، پِيتَائِين پِرَيمَ جِي اُرِڪَ سُرِڪَ سَيَدُ چَئَي، لَڳِيَسِ ڏَوتُ ڏَهِي سَگِهي تَان نَہ سَهِي، مِلَي جَان نَہ مَيهَارَ کَي سُرُ سُهِڻِي مَيهَارَان = ميهار وٽان، ميهار کان مَهِي = ڏڌ، لسي _ جنهن ۾ پاڻي مليل نہ ھجي پِرَيمَ = عشق، پيار، محبت اُرِڪَ سُرِڪَ = وات کان مٿي ٿانءُ جهلي پاڻي هاري وات ۾ وجهڻ. ڏَوتُ = پيتائين سَگِهي = چڱي ڀلي بيت جو پس منظر ~ سهڻي ميهار وٽان عشق جي ڏنل مهي پي آئي آهي. ~ جيڪا ميهار پنهنجي هٿن سان پياري هيس ~ تنهن چڪيءَ اهڙو مست ڪري ڇڏيس جو جيسين ميهار سان نہ ٿي ملي تيسين سڪون ۾ ناهي. سمجهاڻي هڪ ڀيري سهڻي ميهار جي وٿاڻ تي ڪنهن سانگي آئي هئي. دل چيس تہ جيڪر مهي پيئان. ميهار هڪ شرط تي سهڻيءَ جي ڳالھ مڃي تہ پياريندوسانءِ آئون پنهنجي هٿن سان.سهڻيءَ وات کوليو ۽ ميهار پياريندو ويو سهڻي ڳيت ڏيندي وئي. سهڻيءَ جيڪا ميهار جي هٿن سان مهي پيتي ان اهڙي تہ اندر ۾ اُڃَ لڳايس جو جيسين ميهار سان نہ ملندي هئي تيسين سُکُ، چين، آرام ۽ نيڻين ننڊ حرام ٿي ويس. سو جي محبوب پنهنجي هٿن سان پياري تہ ان جو خُمَارُ سڄي زندگي لهندو ئي ناهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل