عيب جوئي جي استحصالي وصف

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    پهاڪا، اصلاح ۽ چوڻيون قومن جي طبقاتي، سماجي ۽ نظرياتي سوچ جو پڙاڏو ٿينديون آهن، بنهه اهڙي ريت رويا ۽ روايتون به ساڳي روپ ۽ رنگ ۾ رتل ٿينديون آهن، اهي دور جا دانشور ئي هوندا آهن، جيڪي انهن جي وقت ۽ حالتن مطابق تشريع بيان ڪندا آهن ۽ عوام کي انهن جي منفي خواهه مثبت نتيجن کان با خبر رکندا آهن.

    چيو ويندو آهي ته ”عب جو ئي“ وڏو گناهه آهي، بي شڪ اهو سورنهن آنا سچ آهي، پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عيب جو ئي آهي ڪهڙي بلا جو نالو، اها جيڪڏهن عادت بڻجي وڃي ته پوءِ برابر پنهنجي ڪردار تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پنهنجي مطلب ۽ ذاتي غرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي جي عيب جوئي ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهبي ته اها بيهودگي ۽ـ گناهه آهي. مطلق العناني، اختيارن جي مرڪزيت ۽ ذريعن وسيلن جي هڪ هٽي واري نظام ۾ انهيءَ اوڳڻ جي پالنا ڪئي وئي ويندي آهي، وڏيرو ، پير، حڪمران ۽ بااختيار عملدار اهو ئي چاهيندو آهي ته ماڻهن جي ڳڻن ۽ چڱائين بدران هنن جي هٿ ۾ ماڻهن جي غلطين ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو ڪارو چٺو هئڻ گهرجي ته جيئن حڪمراني دٻدٻي ۽ ناجائز معتبري مڙهڻ ۾ کيس آساني ٿئي، اهڙي ماحول ۽ اهڙي نظام ۾ کين اهو ئي ماڻهو وڻندو ، جيڪو سندن اڳيان ٻين جا عيب پچاري ۽ ان جي موٽ معاوضي ۾ پنهنجا اُلو سڏا ڪري.

    ههڙين حالتن ۾ نظرياتي ويساهه گهاتي اها ڪئي ويندي آهي ته جيڪو ماڻهو مٿئين طبقي جي هٿرادو ۽ خواهه مخواهه مقبرن جي مڃتا جو منڪر ٿي پوندو آهي يا انهن جي عيبن ثوابن جي اصلي صور ت عوام اڳيان آڻيندو آهي ته انهي سچار انسان کي عيب ڌڻي، ڦڏ باز ڪروڌي ۽ ناپسنديده شخصيت سڏيو ۽ مشهور ڪيو ويندو آهي.

    ”عيب اهو آهي ته پاڻ جهڙي هيٺين طبقي جي ماڻهو تي اجايا الزام هڻي، هن جو دڳ روڪيو وڃي ”سچ“ اهو آهي ته عام ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪندڙ ڪنهن پير ،مير،جاگيردار ۽ حاڪم حڪمران جي اصلي نيتن ۽ عملن جي نشاندهي ڪئي وڃي، جيئن چوندا آهن ته عادل حڪمران ستن ولين جي برابر حيثيت رکي ٿو. تيئين هيئن چوڻ به سورنهن آنا سچ آهي ته ڪنهن ظالم ۽ استحصالي سوچ واري حاڪم حڪمران، پير ۽ امير کي ٻه ٺپيون ٻڌائڻ لاتعداد ولين جي روايتن کي قائم ڪرڻ برابر آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سچار ۽ انسان دوست مٿئين طبقي ۽ حڪمرانن جي تصادم ۽ ٽڪر ۾ ئي رهيا. پوءِ ڇو نه اهي مخدوم بلاول بڻجي گهاڻي ۽ پيڙهيا ويا، يا شاهه عنايت بڻجي جنگ جا ناد وڄايائون.

    جڏهن حالتون مٽجي اهڙيون ٿي بيهن جو پاڻ کي علم ۽ عقل جا اڪابر سڏائيندڙ ماڻهون حاڪمن حڪمرانن، پيرن، اميرن، عملدارن، رعيت آزارن جي قصيده گوئي ڪن ۽ عاشقن جي اهڙي کيپ تيار ٿي پئي جو پنهنجي اڳواڻ، حڪمران، پير، مرشد، هاديءَ رهبر خلاف ڪجهه به نه ٻڌن، بلڪه خلاف ڳالهائيندڙن جون سسيون لڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ته پڪ ڄاڻو مفاد پرستي ۽ ذهني غلامي انهن جي رڳ رڳ ۾ دڳ ٺاهي ڇڏيا آهن. انهيءَ صورتحال ۾ ڪنهن وڏيءَ قربانيءَ کان سواءِ ڪفر جا اهي ڪوٽ ڊهي نه سگهندا، غلاميءَ جا زنجير ٽٽي نه سگهندا ۽ مثبت تبديلي اچي نه سگهندي.

    اهي نوجوان جيڪي دور سان مهاڏا اٽڪائن ٿا. معاشري تي مڙهيل نام نهاد ۽ نقلي آدرشن جي خلاف عملي، علمي، نظرياتي، قلمي ۽ زباني جهاد ڪن ٿا، تن جو هر ڪو عمل عيب جوئي نه، پر عظمت ڀريو قدم آهي جيڪڏهن ڪو سموريءَ سنڌ ۾ اڪيلو آهي ۽ انهيءَ ڪرت ۾ مصروف آهي ته اهو ڪيترن ئي ڪکن ۾ لکن برابر آهي هو عظيم آهي ۽ هن دور جو هيرو آهي.

    اسان ذاتي غرضن ۽ مجبورين سبب ڪنڌ جهڪائڻ ته سکيا آهيون پر سچ لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ اچي ئي ڪو نه ٿو. اسان کان سچ ۽ سوريءَ جي سنگت وارو داستان ئي وسري ويو آهي. اسان کي سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ کان سواءِ ”ناجائز صبر“ جي ستي پياري وئي آهي. اسان کي اڄ به تصوف ۽ ويدانيت مان ” من پسند“ نڪتا ڪڍي، غلط تشريح ڪري مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ جا درس ياد ڏياريا پيا وڃن. اسان کي اشارن تي نچڻ ۽ هلڻ واريون ڪٽ پتليون بڻايو پيو وڃي. ڪو به ڪونهي جو چئي ۽ سمجهائي ته سچ گوئي جهڙي سونهن ئي ڪانهي ۽ استحصالي قوتن خواهه سامراجي طاقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ انهن جي عيب جوکي ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا عظمت ئي ڪانهي.

    جڏهن پاڻ جهڙي، مظلوم، ڏتڙيل ۽ بي پهچ ماڻهو ۽ عوام جي عيب جوئي ڪئي ويندي ته اها مئي ڪتي جي ماس کائڻ برابر آهي. پر جيڪڏهن ظالم ۽ استحصال پسند طبقي يا نمائندي جي عيب جوئيءَ ڪئي ويندي ته اها بکايل ڪتي کي مردود ماس کارائڻ برابر هوندي. ان ڪري اچو ته سوچيون ۽ عيب جوئيءَ جي اصلي خواهه نقلي مفهوم جي پنهنجي قول ۽ فعل سان نئين سر تشريح ڪريون.
     
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    اسان وٽ اهو عام جام رهيو آهي ته هرون ڀرون ٻين جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون ڳولي پيا پر پٺ ماڻهن کي ٻڌائيندا آهيون ان سان ڪنهن دوست جي دل آزاري ته ٿيندي آهي پر ان سان گڏو گڏ ٻڌڻ وارن ماڻهن جي دل ۾ گلا خور لاءِ به ڪي سٺا تاثرات ڪونهن جڙندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو