جاگيرداڻي سماج جا اندروني الميا

'راءِ شماري' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    عائشه صديقه

    ڪجهه ڏينهن اڳ بنيا شاهه جي لکڻي نظر مان گذري، جنهن ۾ هن جاگيرداري نظام جي پيچيدگين تي روشني وڌي آهي. سندس لکڻيءَ جو تت هي هو ته ماڻهن کي کري ۽ کوٽي جي پرک هئڻ گهرجي ۽ کين هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهارڻ گهرجي. جاگيرداري نظام ايترو به برو ناهي جيترو برو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي هن نظام جي سٺاين ۽ خرابين کي الڳ ڪري الڳ زاوين سان ڏسڻ گهرجي. ٻيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته لوئر سنڌيا سنڌ جي ڏاکڻي پاسي هي نظام اپر سنڌ يا سنڌ جي اترئين پاسي جي ڀيٽ ۾ قدري بهتر آهي. ڇاڪاڻ جو اترئين پاسي وارو نظام پنجاب جي جاگيرداري نظام سان ويجهڙائي رکي ٿو. کوڙ سارا اهڙا مسئلا آهن، جيڪي پنجاب مان سنڌ پهتا آهن پر جاگيرداري نظام جو شمار انهن ۾ ٿي نه ٿو سگهي. هوءَ وساري ٿي ويهي ته برطانيا طرفان سياسي سرحدن ۾ تبديليءَ کان اڳ سنڌ جي حد ملتان تائين هوندي هئي، ڪنهن به صورت ۾ اهڙي قسم جي راءِ مان ان نسلي تعصب جي عڪاسي ٿئي ٿي جنهن جي ڳالهه ڪنهن دور ۾ شير محمد مري ڪندو هو، ۽ ان کي سنڌ جي وڏيرن ۽ نوڪر شاهيءَ جي پيداوار قرار ڏنو هو. مون کي شبو آهي ته هن شايد لوئر سنڌ جي جاگيردار پيراڻين گادين جون ڪهاڻيون نه ٻڌيون آهن. جيڪي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن هٿان ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرائڻ ۾ ملوث رهيون، جنهن جي ڪري ان دور ۾ سنڌ کي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ مشهوري ملي.

    ڀوتارڪي نظام براين ۽ چڱاين کي ڀيٽڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مان جيئن ته ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکان ٿي، جتان بينا شاهه جي خيال موجب سمورو جاگيرداري نظام اڀري ٿو، تنهن ڪري آءُ ساڻس ۽ انهن سمورن، جيڪي سمجهن ٿا ته جاگيرداري نظام ۾ سري کان ڪي سٺايون به شامل آهن، تن سان بحث ڪرڻ ۾ ڪو عار نه ٿي سمجهان. مون ته بينا شاهه جي آسانيءَ لاءِ ڪي حوالا به ڏنا آهن ته جيئن هوءَ منهنجي راءِ کي ائين نه وٺي، جيئن اڪثر ڪري شهري وچين طبقي جا ڪي برگر فرد سمجهندا رهيا آهن. بينا شاهه موجب وڏيرڪي يا جاگيرداري نظام جون ڪي چڱايون به آهن، جن جي قدرن آهر هڪ جاگيردار يا ڀوتار ۽ سندس خاندان، سندن ملازم يا نوڪر ته خوشنصيب ڀائنبا جن جي تيماداري ڪو طاقتور ڪري ۽ کين ممڪن، تحفظ ۽ کاڌي پيتي جهڙيون بنيادي شيون ميسر ڪري ڏئي. سو ماڻهو آخرڪار اهڙي ديوتا بغير ڪيئن گذارو ڪندا؟ شايد ڌاڙا هڻائڻ ۽ ماڻهو کڻائڻ ۽ انسان ذات کي ڪو وڏو هاڃو رسائڻ کان بچائڻ لاءِ غريب ماڻهن کي مصروف رکڻ به ان دياره دليءَ جو حصو ئي هجي؟ مون کي دليل ڏيندي ڏکڻ پنجاب جي پيراڻي خاندان جي ان جاگيردار نوجوان سان ڪيل اها ڳالهه به ياد ڏياري وئي ته اهڙي قسم جا ميلا ماڻهن کي رزق ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ پيرن جي وڏي دل جو ثبوت آهن. ان نوجوان کان اهو پڇڻ جو ڪو فائدو ته اوهان غريب ماڻهن کي پابنديءَ جي خول ۾ بند رکي روزگار جي غير فائديمند وسيلن بجاءِ سندن خاطر روزگار جا بامقصد موقعا پيدا ڪرڻ تي غور ڇو ڪو نه ٿا ڪيو؟ پر جاگيرداراڻي نظام جي ظلم ۽ جبر جو شڪار صرف اهي ئي ناهن، جيڪي ان جو حصو آهن. هي هڪ اهڙو آدمخور آهي، جيڪو پنهنجن کي ئي ڳڙڪائي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته هي تخليقي ليکڪه انهن جي تنهائي ڏسڻ ۾ ڪيئن ۽ ڇو گسي وئي، جيڪي هن نظام جي وڌ ۾ وڌ ڀوڳنائن جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اهي ان نظام جو حصو آهن ۽ کين مورڳو متاثر جي حال ڀائي ٿيڻ جو موقعو به ميسر ناهي، انساني حوالي سان جاگيرداري يا ڀوتارڪو نظام انسان ذات لاءِ قابل برداشت ناهي. قرآن سان لانئون لهڻ تي مجبورڪرڻ ڪند خانداني روايتن هيٺ شاديءَ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ تصوراتي غيرت ۾ اچي ماري ڇڏڻ رڳو بگڙيل عادت جا معاملا ناهن. اهي طاقت ماڻڻ لاءِ ”آقا“ جي ضرورت طور اسرن ۽ اڀرن ٿا. اهڙو ”آقا“ شايد ڪنهن ڏينهن به پيدا نه ٿيندو، جيڪو فيصلو ڪري ته سندس نوجوان ڌيءَ يا ڀيڻ کي زندگيءَ گهارڻ جو مرد جي برابر حق حاصل آهي ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي انا کي ان لاءِ قربان نه ڪندو. دولت، زمين ۽ خاندان جون عورتون، ڀوتار، سردار يا جاگيردار خاندان جي طاقت جو محور ۽ سرچشمو آهن. ان کي هر صورت ۾ دولت کپي. جنهن مقصد کي ماڻڻ لاءِ عورتن ۽ انساني زندگين کي قربان ڪيو ٿو وڃي، بعد ۾ ان کي روايتن جو ڀرم رکڻ جي نالي ۾ جائز قرار ڏنو ٿو وڃي.مخدوم هالا جا هجن يا رحيم يار خان جا، انهن خاندانن جو اثر رسوخ ۽ مقام فقط ظاهري آهي. ان سان سندن اها اندروني حقيقت قطعي طور تبديل نه ٿي ٿئي. جنهن ڪري عورتن کي جيون ساٿي ڳولڻ يا شاديون ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي ته جيئن ان جي صورت ۾ ملڪيت خاندان وٽ ئي رهي. مان تازو ئي ان ڀائٽي/ڀاڻيجيءَ جو فيس بڪ پيج ڏٺو، جنهن جي ماءُ کي رحيم يار خان جي مخدوم خاندان مان ڪنهن هڪ ۾ پرڻايو ويو هو، جيئن ته اها ڇوڪري ويهن ورهين جي ڄمار جي آهي، تنهن کي پنهنجي چاچي/ماسيءَ جي نقش قدم تي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ۽ هوءَ ان طريقي شادي نه ڪري سگهي، جنهن جي مذهب کيس اجازت ڏئي ٿو ۽ يقين ڌياني ڪرائي ٿو. هاڻي هوءَ فيس بڪ تي مذهبي پيغام پوسٽ ڪري ٿي، جيڪي آزاد خيالي جا نه پر هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا حالتن اڳيان جهڪي پوڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.

    لڳ ڀڳ ساڳي ئي قسم جي صورتحال ڀوڳيندڙ ٻيون به ڪي عورتن آهن جيڪي ڪافي دلير ۽ بي چين آهن ۽ اهي وري جن جي قسمت کٽل آهي سي ماريون ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ دفنايون به ويو آهن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن، پر اهي هاڻي ڪنهن کي ياد ئي ناهن. اهڙو ظلم ۽ جبر لڪايو وڃي ٿو ظاهر ٿيڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي جڏهن ته مرد وري جڏهن عورتن جي آزاديءَ جو راڳ آلاپين ٿا ته درحقيقت ٻين عورتن جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا پر پنهنجين عورتن جو مورڳو ذڪر به نه ٿا ڪن.

    جاگيرداراڻي طرز زندگي انهن ماڻهن کي هڪ خول ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ان جو حصو آهن ۽ کين انهيءَ دائري ۾ برابريءَ جي حيثيت به حاصل ناهي. انساني زندگيءَ کي دولت ۽ خانداني طاقت ۾ توريو ۽ تڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ انسان رهي ٿو. سربراهه ۽ ڪٽنبن کي ئي اداري ۽ فيصلي جو اختيار هجي ٿو. اهڙي ماحول ۾ پنهنجي بقا لاءِ ماڻهوءَ تي لازم ٿي پئي ٿو ته اهو انهن خانداني قدرن جي حساسيت جي پرک ۽ پروڙ رکي ۽ ڪوڙي دنيا اڏڻ ۽ان تي عقيدي جي صلاحيت به رکي. آنءُ ته سمجهان ٿي ته جاگيرداراڻين پيراڻين گادين/خاندانن جي عورتن جي ڀيٽ ۾ اهي عام عورتون وڌيڪ خوشنصيب آهن، جن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني آزادي ته ميسر هجي ٿي.

    هيٺين طبقي جو عورتون ڏيکاءَ لاءِ ئي صحيح گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي بري خواهش ظاهر ته ڪن ٿيون. جنهن مان اڪثر ائين ڀائنبو آهي ته ان خواهش جو اظهار سندن لاءِ ڄڻ آزادي، تفريح ۽ وندر جي گهرج آهي. باس يا من جي مردا لاءِ ڪنهن پير يا مزار تي وڃڻ سان کين سماجي طور ميل، جول ۽ اٿ ويهه، خريداري وغيره ڪرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو موقعو ته ملي ٿو وڃي. مان ته سمجهان ٿي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مزارون ان ڪاروهنوار جي پهچ کان پري ناهن، گهٽ ۾ گهٽ هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته اهي ڪميونٽي سينٽرن ۽ ميل جول جي اهم مرڪزن طور ڪتب اچن ٿيون، اهڙا مرڪز جتي، اخلاقي ۽ سماجي روايتن آهر لنگر نياز هلندو رهندو آهي. سو بلڪل عبادت جا اهي هنڌ جتي، اجتماع ۽ ميڙ ٿين (دنيا ۾ ڪٿي به) سي سماجي طور ميل جول جا شاندار موقعا فراهم ڪن ٿا.

    منهنجو درد ۽ نوحو فقط انهن عورتن جي لاءِ آهي جيڪي جاگيرداري نظام جي وچ ۾ مردن جي غيرت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي جيئن ٿيون، ۽ فريب جي تاريڪ پاڇن کان سواءِ زندهه رهي نه ٿيون سگهن. عجب لڳندو جڏهن اهڙي وارتا ٻڌائيندڙ ڪو پاڻ هڪ ڏينهن انهن عورتن بابت لکي، جيڪي اڻپورين خواهشن ۽ ديوانن وانگر ڪنهن به (اڪثر جسماني) خواهش جي پورائي جي آس رکڻ جي ڪشمڪش ۾ زندگي گهارين ٿيون، جنهن لاءِ کيس سماجي طرح خطرناڪ حدن کي اورانگهڻو ۽ سندس لاءِ گهرجي وڏي/سردار جي غيرت جي خوف کي به اورانگهڻو پوندو. بينا شاهه کي سمجهڻ گهرجي ته ٻه ڏهاڪا اڳ ڏکڻ پنجاب ڪاروڪاري جي قتلن جي حوالي سان به سڃاپجندو هو. هن نظام جو اصل الميو ان جي اندر ۾ سمايل آهي ۽ جيڪڏهن ڪير چئي ته هن يا هن جي خاندان ۾ ايئن نه ٿيندو آهي ته اهو نسورو ڪوڙ آهي.

    ڪافي سال اڳ هڪ خانداني تقريب ۾ منهنجي سوٽاڻي سوٽ جي هڪ نون ورهين جي نينگر جڏهن پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته ڇا جڏهن مان مري ويندس ته منهنجو خوبصورت باغ سرڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏيندي، ان ٻار جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجو مٿو چڪرائجي ويو، ان وقت مان غير شادي شده هئس ۽ پنهنجي ويڳن رشتن جي گهيري ۾ هئس، جيڪي منهنجي ملڪيت جا قانوني وارث نه ٿي ٿي سگهيا. منهنجي غير موجودگيءَ ۾ وڏڙن ضرور ان ڇوڪر جي ڳالهه جي نتيجن تي مٿاڪٽ ڪئي هوندي، جنهن ملڪيت جي ٽڪريءَ لاءِ پنهنجو آواز ڪڍيو، زمين جو اهو ٽڪرو خاندان جي ڪيترن ئي ڀاتين جي اک ۾ هو. هي پهريون ڀيرو هو جو مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچڻ بدران منهنجو خاندان منهنجي موت بابت سوچي رهيو هو (۽ مان اهو به چوڻ چاهيندس ته هي ماڻهو ڪي عيبدار يا حاسد نه پر روايتي جاگيردار قبيلي سان تعلق رکن ٿا.) ياد اٿم ته پوءِ ڪيئن هنن مون کي محدود ڪري منهنجو وات بند ڪري ڇڏيو.

    منهنجي امڙ هوشياريءَ سان منهنجي پرورش هڪ باغيءَ طور ڪئي هئي، هوءَ تنگ نظر ۽ روايت پرست نه هئي، بلڪ برابر فرد وانگر پرعزم رهي ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهندي رهي. مون کي به تعليم سان گڏوگڏ آزادي نصيب ٿي. مان خاندان جي واحد عورت هئس جنهن تي برقعو پائڻ جي پابندي نه هئي. پر ان سموري سفر ۾ منهنجي ٻي حقيقت تبديل ٿي آهي ته پڇاڙيءَ ۾ منهنجي محنت ۽ حيثيت جو ڪاٿو منهنجي زمين ۽ ملڪيت مان لڳايو ويندو، جيڪا مان پوئتي ڇڏي ويندس.

    هي ڪو آخري ڀيرو نه هو جو سوال پڇيو ويو هجي. ان جي ٻئي ڏينهن تي منهنجي پياري گهر بابت پنهنجي ملازم جي 12 ورهين جي پٽ کي اهو ڄاڻن لاءِ بيتاب ڏٺم ته هي گهر ڪنهن جي حصي ۾ ايندو. جيئن آنءُ اهڙي معلومات تي اٿي کڙي ٿيس ته مون کي ٻڌايو وڃي ته ٻيا به اهڙا ئي قسم جا سوال پڇندا رهن ٿا، مثال طور مهمان ڪٽنب جي ڀاتين جا ملازم وغيره، جيڪي اهو ڄاڻڻ لاءِ بيتاب هئا ته هي ملڪيت ڪنهن جي ڀاڳ ۾ ٿي اچي. ان تي آنءُ ٻي ڪا مزاحمت ته نه ڪري سگهيس پر وڏا ٽهڪ ڏئي کليس ضرور. اهي ٽهڪ خوشيءَ جا ٽهڪ نه هئا پر بيوسيءَ جو هڪڙو احساس هئو ته ورهين جي تعليم، اوسر ۽ نظام خلاف ويڙهه به مون کي ”وکر“ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه بنائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، اهڙي شيءِ جنهن جي پڄاڻي ڪنهن لاءِ موقعن جي صورت ۾ ئي ٿئي. اهو محسوس ڪندي دلي ٿڪاوٽ ٿي ڀانئيان ته هڪ انسان جي حيثيت ۾ ڪيڏي نه بري ۽ بيڪار آهيان. نه ته ٻارن جي، ئي وري پنهنجي لاءِ خاص ڪري مرداني معاملي مون کي بلڪل بيڪار بڻائي ڇڏيو. فالتو ڪو وڌيڪ هڪ منٿ به جي، مان پنهنجي قانوني جانشينن جووقت ضايع ڪري رهي آهيان. سندن لاءِ مان ان ٽرافيءَ کان وڌيڪ ناهيان، جنهن جي قميت سندن موجود ڀاڳ ۾ اضافو ڪندي، جيڪا يقينن سندن بيڪار مرد ٻارن ڏانهن منتقل ٿي ويندي. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن آءُ مري وڃان.

    اهي سمورا سال مون پنهجي امڙ کي منهنجي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ وڙهندي ڏٺو. ائين آنءُ هڪ ٽام بواءِ (ڇرڪر وانگر) اسر يس ان ڪري ئي سو چيان ٿي منهنجي والدين کي منهنجي پرورش هڪ جاگيرداراڻي نظام ۾ ڪن مرد ٻار وانگر ڪندي ڪجهه سڪون ضرور مليو هوندو. هن سمي جڏهن پٺتي نهاريان ٿي ته خواهش ڪيان ٿي ته جيڪر گهڙيءَ کي پٺتي ڪري پنهنجي عورت پڻي يا عورت هئڻ جي وارثي ۽ مالڪي ڪريان. اڳتي هلي منهنجي والد جي لاڏاڻي کان پوءِ مون کي مردن وانگر راند روند ڪرڻ تي اتساهيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان سان منهنجي امڙ کي ڪجهه سڪون ٿي مليو. ائين ڪرڻ سان کيس ڇوڪريءَ جي ڀيٽ ۾ ان جو تحفظ ڪرڻ وڌيڪ آسان هو، جيڪو ”ڇوڪرو“ لڳندو هجي ڇاڪاڻ جو قانوني ڪيس ۽ عام دشمني سندس لاءِ اڳ ئي ڪافي ٻوجهه بڻيل هئا.

    هن منهنجي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي تنهن تي کيس سلام ڪيان ٿي، هن زمين وڪڻي ڇڏڻ واري منهنجي مشوري کي هر ڀيري رد ڪري ٿي ڇڏيو، ڇو جو هن چاهيو ٿي اهو فيصلو پنهنجي عمر کي پهچي مون کي ئي ڪرڻ گهرجي. پر 22 سالن جي عمر ۾ هوءَ اندر ۾ کوکلي جاگيرداري نظام سان منهن ڏيڻ لاءِ مون کي اڪيلو ڪري وئي. ۽ پنهنجي والدين جي نالي ۽ عزت لاءِ اٿي بيهي مقابلو ڪرڻ جو اضافي بار به منهنجي ڪلهن تي وجهي وئي. جيتوڻيڪ مان گهڻو ڪجهه بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي سگهه ساري نه سگهيم. لڳ ڀڳ پنجويهه سالن کان پوءِ به تعجب اٿم ته مون ڪا ڇلانگ ڇو ڪو نه لڳائي. جنگ ۾ ڪاميابيءَ جو دارو مدار به جنگ جي ميدان تي هجي ٿو. ڪجهه جنگين جي ته ڪا اهميت نه به هجي ٿي، مان انهن ماڻهن کان بيزاري محسوس ڪريان ٿي جيڪي چاهن ٿا ته مان مران ۽ هُو منهنجي زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ مئي کان پوءِ جو سوچي رهيا آهن آنءُ ان مان به بيزار آهيان جو مون کي خزاني نه پر خزاني ڏانهن مسلسل گس طور ڏٺو پيو وڃي. ٿڪاوٽ نهوڙي ان پنڌ اچي پهچايو آهي، جتي ماڻهو پنهنجي موت بابت انتظار ڪرڻ شروع ڪندو آهي. مون کي ته ان تي به تعجب آهي ته مذهب به جاگيردارن جي هٿن ۾ هڪ حربي طور آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي سلطنت ڀورا ڀورا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قانون کي يقيني بنائن ٿا. مذهب جي نالي ۾ وارثن جي قانون کي جائز قرار ڏنو ٿو وڃي، جنهن ۾ ايتريون ته خاميون آهن جو اهو اهڙي وصيت ڪرڻ/ڇڏڻ جي اجازت به نه ٿو ڏئي جنهن تي وارثن جي ملڪيت رکندڙن بجاءِ مستحقن تي خرچڻ يقيني بڻجي.

    سڀئي جنگيون وڙهيون ۽ کٽيون ۽ سڀئي اهليتون ۽ قابليتون هوا جي نظر ٿي ويون پر جاگيرداراڻي ماحول ناريءَ/عورت جي اهميت کي نه اپنايو. حقيقت ۾ ائين ڪرڻ سان مردانگيءَ جي مدد به نه ٿي ٿئي. ائين ڪري صرف مرداني نظام کي تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن کي مردن جي ذريعي زندگيءَ جي سند مليل آهي نه ڪي عورتن جي ڪري، تنهن ڪري ٻار ڄڻڻ کي ”پيڙهي“ وڌائڻ ۽ خزاني جي ٽٻڻيءَ ۾ سڪا وجهڻ برابر سمجهيو ويو آهي. سو عورت جي اهميت جو يقين اها ”ٽٻڻي“ ڀرڻ جي صلاحيت مان ڪيو ويندو.

    بلڪل آنءُ ائين نه چونديس ته هن نظام ۾ سڀئي ماڻهو خراب آهن. انهن منجهه بلڪل ائين ڪي عظيم شخصيتون به موجود آهن، جيئن ڪنهن به سماجي ۽ معاشي نظام ۾ هونديون آهن. پر هي هڪ انساني الميو آهي، جيڪو هن نظام جي مرڪز ۾ موجود آهي، جيڪو ڪنهن به فرد لاءِ کڻي هلڻ تمام ڳرو آهي. هن نظام ۾ کوڙ درد ڪهاڻيون موجود آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو