آڌِيءَ اُڌَاڻَو، هِنئَڙَو مُون هَٿَنِ مَان وَھِ پَئِي وَاهُڙَ تَرَي، سَاهَڙَ سَيبَاڻَو ڀَيڄَ ڀِنِيءَ ڀَاڻَو، پِيَ جَو پَسِي آئِيَو سُرُ سُهِڻِي آڌِيءَ = اڌ رات جو اُڌَاڻَو = ڀڙڪو ڏئي نڪري ويو، اڏامي ويو هِنئَڙَو = مَنُ ، دل وَھِ = عشق جي جذبي ۾، جوش ۾، پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وَاهُڙَ = تيز درياھ جا وهڪرا سَيبَاڻَو = وڻيو، پسند ڪيو، اندر ۾ گهڙي ويو ڀَيڄَ ڀِنِيءَ = پرڀات ويل، پرھ ڦٽيءَ ويل، اسر ويل ڀَاڻَو = وٿاڻ، آستان، ماڳ، مڪان پِيَ = پرينءَ، پيا، محبوب بيت جو پس منظر ~ اڌ رات ٿي هئي جو دل هٿن مان نڪري وئي. ~ هي عاشقياڻي درياھ تري وڃي پنهنجي دل گهريئي محبوب ساهڙ سان ملي. ~ پرھ ڦٽيءَ جي ويل هئي جو پنهنجي پرينءَ کي پسي آئي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي انتهائي رومانس سان ڀرپور بيت نفيس، ڪومل جذبن ۽ ريشمي احساسن جي نازڪ خيالي آهي. سهڻي ٿي چئي تہ اڌ رات ٿي هئي جو منهنجي دل جيڪا ساهڙ سوا رهي ناهي سگهندي سا سيني مان ڀڙڪو کائي نڪري وئي. کيس ساهڙ جي سڪ ۽ اڪير اهڙو تہ ماندو ڪيو هو جو درياھ تري وڃي کيس ملي. پنهنجي پرينءَ سان ڪي پل ۽ گهڙيون گهاري وري اسر ويل يا پرهه ڦٽيءَ موٽي آئي. سو اختيار دل تي ڪنهن جو بہ ناھي. دل تہ بادشاھ ٿئي ٿي ۽ بادشاھ پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ هجن ٿا. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ڏاڍي خوشي آهي سائين جو ڀٽائي سائين جا بيت هيڏي خوبصورت چترڪاري سان عوام جي نظرن تائين پهچايو پيا جس لهڻو....