جَيهَرَ لَوڪُ جَهپَ ڪَرَي، ذَرَو جَاڳَ نَہ هَوءِ اَوهَيرَ اَچِيَو اَدِيُون، پَھُ پِرِيَان جَو پَوءِ جَي ڪَچَو چَوَنِمِ ڪَوءِ، تَہ مَرڪُ ڀَانيَان مِهِڻَو سُرُ سُهِڻِي جَيهَرَ = جڏهن، جنهن پل، جنهن وقت لَوڪُ = ماڻهون جَهپَ = ننڊ جو گيرٽ، ننڊ، آرام جَاڳَ = سجاڳي هَوءِ = اٿن اَوهَيرَ = اوڏي مهل، ان وقت پَھُ = خيال، پُورُ پَوءِ = پَئَي ڪَچَو = مهڻو، عيب، گار چَوَنِمِ = جي چون ڪَوءِ = ڪو، ڪو ماڻهون مَرڪُ = فخرُ بيت جو پس منظر ~ سهڻي چئي ٿي جنهن وقت جڳ آرامي آهي ۽ ٿورڙي بہ سجاڳي نہ هوندي اٿن. ~ اوڏي مهل مون کي پنهنجي محبوب جا خيال ايندا آهن. ~ جي هن ڳالھ تي ڪير مون کي طعنا ڏيندو آهي تہ فخر محسوس ڪندي آهيان. سمجهاڻي رات جو جڏهن ڳپل حصو گذري ويندو آهي هر طرف سانت لڳي پئي هوندي آهي.آسمان ۾ تارا ٽمڪي ٽمڪي ٿڪجي پوندا آهن. سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ وارن پورهيتن کي ننڊ پنهنجي جهوليءَ ۾ لوليون ڏئي سمهاري ڇڏيندي آهي. تنهن ويل سهڻيءَ جي نيڻن جي ننڊ ڦٽل هوندي آهي.ميهار سان ڪيل واعدا، وچن ۽ دل جون ڳالهيون کيس سهمڻ ناهن ڏينديون. جڏهن ڪير کيس اهو طعنو هڻندو آهي تہ اڌ رات جو مڙس کي ڇڏي يار ميهار سان ملڻ ٿي وڃي تہ کيس ان ويل ميهار جي محبت تي فخرُ ٿيندو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل