جَا هَڙَ اَندَر جِي، سَاهَڙ ڏِنِي سَاھَ کَي سَا هَڙَ ڇُڙَي نَہ سَاھَ جِي، سَا هَڙَ سَاهَڙَ رِي سَاهَڙَ مَيڙِ سَمِيع !، تَہ سَا هَڙَ ڇُڙَي سَاھَ جِي سُرُ سُهِڻِي سَاهَڙُ = ميهار جو نالو هَڙَ = ڳَنڍِ، پيچ، ڳانڍاپو، agreement، commitment اَندَرِ جِي = دل ۽ جسم جي وچن جي سَاھ = جيءَ کي، جان کي ڇُڙَي = کُلَي _ بي وفائي ڪرڻ مَيڙِ = مِلَاءِ سَمِيع = ٻڌندڙ _ مولا پاڪ جو صفاتي نالو هَڙ ڇُڙَي = مشڪلات ختم ٿئي، مونجهارو ختم ٿئي. بيت جو پس منظر ~ جا محبت جي ڳنڍ ساهڙ منهنجي ساھ کي ڏني آهي. ~ سا جان جي ڏنل ڳنڍ ساهڙ کان سواءِ نہ کُلَندِي. ~ او مولا پاڪ !! مون کي ساهڙ سان ملاءِ تہ ساھ جي مونجھ ختم ٿئي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هر بيت فڪري ۽ معنوي حوالي سان تہ انتهائي شاندار هوندو آهي پر هي بيت فني حوالي سان نهايتشاهڪار آهي. بيت ۾ تجنيس حرفيءَ جا چِٽَ، لئہ، ردم، رواني، موسيقيت ۽ ترنم ڪمال جو آهي. سهڻي چئي ٿي: جا محبت جي ڳنڍ منهنجي محبوب ساهڙ منهنجي ساھ کي ڏني آهي سا ساهڙ سوا ڪنهن ٻئي کان کُلَندِي ئي ڪونہ۔ جيڪي مون ۽ ميهار گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا ٻول، قول، اقرار، واعدا، وچن ۽commitments ڪيا آهن، انهن کي ميهار ۽ آئون مرندي تائين نڀائينداسين. و مولا پاڪ !! توکي اسان ٻنهي جي پيار جي پارت هجي.شال ساهڙ سان جلد ملائين تہ هي ساھ جي مونجھ ختم ٿئي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
سائين پهريائن جڏهن شاعر پڙهيم ته سمجهه ۾ ڪو نه آيو پو جڏهن سَاهَڙُ هَڙَ = اَندَرِ جِي = سَاھ = ڇُڙَي = مَيڙِ = سَمِيع = هَڙ ڇُڙَي هنن جي الگ الگ معنٌى پڙهيم پو سمجهه ۾ اچ ويو