اَلَستُ اَرِوَاحَنِ کَي، جَڏَهِن چَيَائُون مِيثَاقَان مَيهَارَ سِين، لَڌِيُون مُون لَانئُون سَو مَوٽَي ڪِيئَن پَانهُون، جَو مَحفُوظَان مَعَافُ ٿِيَو سُرُ سُهِڻِي اَلَستُ = ڇا _ مولا پاڪ جو فرمان، سڄي آيت هينئن آهي _ اَلَستُ بِرَبِڪُم ؛ ڇا نہ آهيان مان توهان جو رب اَرِوَاحَنِ = روحن، روح جو جمع چَيَائُون = فرمايو ويو مِيثَاقَان = ازل کان، واعدي واري ڏينهن لَانئُون = شادي، سَڱُ، رشتو پَانهُون = موٽي مَحَفُوظَان = لوح محفوظ کان، ازل کان مَعَافُ ٿِيَو = اَمُرُ ٿيو بيت جو پس منظر ~ مولا پاڪ جڏهن سڀني روحن کي سڏي چيو ؛ ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب !!؟ ~ سهڻي ٿي چئي ؛ ان ميثاق واري ڏينهن ئي مون ميهار سان شادي ڪئي هئي. ~سو جيڪي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل هيو اُهو، پٺتي ڪيئن هٽندو!!؟ سمجهاڻي اڃا هن ڪائنات جي تخليق ئي نہ ٿي هئي ۽ نہ وري لوح قلم ۽ فرشتا وجود ۾آيا هيا. زمين، آسمان، سج، چنڊ، سمنڊ، درياھ، هوا، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، گل ۽ ٻيون دلڪشيون ۽ حسناڪيون اڃان وجود ۾ نہآيون هيون. تڏهن مولا پاڪ سمورن روحن کي پاڻ وٽ گهرايو هو جنهن کي ميثاق جو ڏينهن يا واعدي وارو ڏينهن چئجي ٿو.مولا پاڪ سڀني روحن سان مخاطب ٿيو تہ ؛ ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟سڀني چيو ؛ ها تون ئي اسان جو رب آهين. سهڻي چئي ٿي ان واعدي واري ڏينهن مون ميهار سان لانئون لڌيون هيون ۽ اسان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا واعدا ڪيا هئا. مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ ميهار سان ان ڏينهن ئي منهنجو سُٻَنڌُ ٿيو هو.سو جيڪو واعدو ان وڏي واعدي واري ڏينهن ڪيو هيوسين ان تان ڪيئن ٿا ڦري سگهئون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل