ٿورڙي ميڪ اپ سان چهرو بڻايو خوبصورت

'سورنهن سينگار' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]عام طور تي عورتون اهو سمجهنديون آهن ته گهڻو ميڪ اپ ئي سندن خوبصورتي ۾ واڌارو ڪندو آهي، پر ائين ضروري نه آهي. ٿورڙو ميڪ اپ به عورتن جي چهري جي تازگي کي برقرار لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. شام جي وقت گهڻو ميڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي. ان لاءِ فائونڊيشن، آءِ شيڊز، مسڪارو ۽ چمڪدار لپ اسٽڪ جو استعمال ڪريو. ان ميڪ اپ ۾ ئي چهري کي خوبصورتي کي نمايان ڪري سگهجي ٿو. جن عورتن جون اکيون خوبصورت هونديون آهن، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجن اکين ۾ اهڙو ميڪ اپ ڪن ته جيئن جڏهن هو ڪنهن محفل ۾ وڃن ته سڀني جو ڌيان ڇڪرائين. ميڪ اپ ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ لازمي آهن. شادي جو موقعو هجي يا ڪنهن جي گهر ملڻ وڃڻو هجي، عورتون بنا ميڪ اپ جي گهر کان ٻاهر نڪرنديون ئي نه آهن ۽ ٿورو ميڪ اپ ڪرڻ سان چهري جي خوبصورتي ۽ تازگي برقرار رهندي آهي ڇو ته ٿورڙو ميڪ اپ ڪرڻ سان سندن چهرو تندرست رهندو آهي. عورتن کي گهرجي ته هو پنهنجي خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ ميڪ اپ خريد ڪرڻ وقت ڪنهن معياري ڪمپني جو ميڪ اپ ئي خريد ڪن جيڪو چهري جي قدرتي خوبصورتي کي برقرار رکي ۽ چهري جي قدرتي چمڪ به قائم رهي.

    ٿورو ڌيان هيڏانهن به
    • هٿن کي نرم ڪرڻ لاءِ ٿوري ليمي جي رس ۽ هڪ چانهن جو چمچو کنڊ ملايو ۽ هٿن تي هڻي آهستي آهستي مليو، ايتري تائين جو کنڊ ملي وڃي، اهو عمل ٻن ٽن ڏينهن تائين روزانو ڪريو. توهان جا هٿ نرم ٿي ويندا.
    • اکين جي سوڄ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پيالي ۾ ٿڌو پاڻي يا کير کڻو ۽ ڪپهه کي ان ۾ ٻوڙي اکين تي رکو. جڏهن ڪپهه گرم ٿي وڃي ته ان کي ورائي ٻيهر آلو ڪري رکو. ڏينهن ۾ روزانو ٻه ڀيرا پندرنهن منٽن لاءِ اهو عمل ورجايو. اکين جي سوڄ جلد ختم ٿي ويندي.
    • چهري جي تازگي ۽ سڻپ برقرار رکڻ لاءِ ڏينهن ۾ 8 کان 10 گلاس پاڻي پيئو.
    • برابر خوراڪ جو استعمال سٺي صحت لاءِ ضروري آهي. چمڙي جي خوبصورتي لاءِ اهڙي خوراڪ کائو جن ۾ وٽامن اي ۽ سي موجود هجي.
    • کير ۾ زعفران ملائي چهري تي مساج ڪرڻ سان چمڙي نرم ٿي ويندي آهي ۽ رنگ اڇو ٿيندو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڪافي فائديمند ڄاڻ ڏني آهي ادا مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو