1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

الطاف شيخ سنڌي عورت جي مظلوميت جو خاتمو ڪينئن ايندو؟

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2015۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,744
    ورتل پسنديدگيون:
    5,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سس نُنهن جي جهيڙي ۾ ناڪام جج (مُڙس) جي روايتي خاموشي/بيوسي ۽ نُنهن کي پيڙا کا بچڻ لاءِ الطاف شيخ صاحب جو لکيل هي آرٽيڪل پڙهڻ وٽان آهي. آخر ۾ ڪُجهه سوال جن جو جواب بس خاموشي . . . .

    الطاف شيخ
    Column published in daily sindhi newspaper Kawish … 28th Jan 2015
    سيوهڻ پاسي کان هڪ شادي شده ڇوڪريءَ فون ڪري مونکان عرفانا ملاح جو نمبر ورتو. پروفيسر عرفانا ملاح پڻ دادو ضلعي جي آهي. ڪيمسٽري ۾ Ph.D آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ سان واسطو رکي ٿي. هوءَ پنهنجين لکڻين ۽ شاعري کان مشهور آهي.... پر ان کان به وڌيڪَ هوءَ عورتن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ۽ مظلوم عورتن جي مدد ڪرڻ جي خدمتن کان سڃاتي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ڊاڪٽر عرفانا ملاح وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ عورتن جو ڀلو ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورتون آهن جن پنهنجي زندگي جي فرصت جون گهڙيون ان قسم جي نيڪ ڪمن ۾ لڳائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن.... انهن مان ڪجهه جن کي آئون سڃاڻان، آهن: امر سنڌو، حسين مسرت شاهه، روزينه جوڻيجو، نسيم جلباڻي ۽ عاليه قادري وغيره.
    ڪجهه دير بعد سيوهڻ جي مٿين ڇوڪريءَ جو وري فون آيو. ”سائين! ٻه ٽي دفعا عرفانا کي فون ڪيو اٿم پر کڻي ڪانه ٿي.“
    ”ٿي سگهي ٿو هوءَ ليڪچر ڏئي رهي هُجي ۽ فون silent تي رکيو هُجيس. شامَ جو کڻي ڪجوس“ مون چيو مانس. پر هوءَ سخت پريشان لڳي رهي هئي جنهن جو اظهار پاڻ به ڪندي چيائين: ”سائين توهان ئي ڀلا ٻڌايو ته آئون ڇا ڪريان. آئون سخت ڊپريشن ۾ آهيان.“
    ”الله خير ڪندو. لڳي ٿو ڪو گهرو مسئلو اٿانوَ.“ مون پڇيو.
    ”ها سائين. مونکي سَسُ تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي. منهنجو مڙس پاڻ نوڪري خاطر اڪيلو ڪراچي ۾ رهي ٿو ۽ مونکي پنهنجي ستن سالن جي ڌيءَ ۽ ننڍي پٽ سان هِتي ڳوٺ سَسُ سهري وٽ ڇڏي ويو آهي.“
    هن وڌيڪَ ٻڌايو ته جڏهن سندس مڙس اچي ٿو ته اهي ٻه ڏينهن سَسُ ماني به صحيح ڏئي ٿي ”نه ته رڳو ٽوڪون ۽ دڙڪا نصيب ۾ اٿم.“
    هن هڪ ئي ساهيءَ ۾ پنهنجي سَسُ، جا هن کي تنگ ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٻڌايا جيڪي اسان جي معاشري ۾ عام آهن. سواءِ چند سَسُن جي، گهڻي ڀاڱي جي اها ئي خواهش رهي ٿي ته جيڪي ظلم هُنَ نُنهن ٿي سَٺا انهن کان ڪجهه وڌيڪَ ئي ظلم ۽ جٺيون پنهنجي ننهن سان ڪجن .... جيئن ملٽري ڪاليجن ۾ سينيئر ڪئڊٽ جونئرن سان تعديون ڪن ٿا.
    مون کيس اُها ئي صلاح ڏني ته هوءَ صبر ڪري، ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڏينهن سندس سهرو سندس سَسُ کي سمجھائي.
    ”نه سائين! اهو نا ممڪن آهي.“ هن ٻڌايو، ”منهنجو سهرو ته سَسُ کان اهڙو ٿو ڊڄي جو هر ڳالهه ۾ هٿ ٻڌيو پيو هلي. مهرباني ڪري مونکي ڪا صلاح ڏيو آئون اهڙي بيزار ٿي چڪي آهيان جو خود ڪشي ڪرڻ چاهيان ٿي.“
    ”آئون پاڻ به دعا ڪندس ۽ توکي به اهو ئي چوندس ته دعا ڪر ۽ جيتري قدر ٿي سگهي پاڻ کي ٽينشن ۾ نه رک. ڇو جو ذهني پريشاني توکي ڊائبٽيز ۽ بلڊپريشر جهڙيون قاتل بيماريون ڏئي ڇڏيندي. تنهنجو پاڻ لاءِ نه ته ٻارن لاءِ زندهه هجڻ ضروري آهي.“ مون چيومانس ۽ مونکي لڳو ته منهنجي ڳالهه هن کي ٿوري ئي ٿوري پر تسلي ۽ سڪون پهچايو ڇو جو هوءَ ڪجهه گهڙين لاءِ چپ ٿي وئي پر پوءِ ان ئي گهڙيءَ وري غصي ۾ اچي وئي ۽ جذباتي ٿي چيو:
    ”سر آئون رڳو اهو ئي پڇڻ چاهيان ٿي ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي سَسُ منهنجي ماسي ٿي ڪري ظلم ٿي ڪري گهر جو سڄو ڪم ڪار به آئون ڪريان ۽ دڙڪا ۽ طعنا به آئون ٻڌان..... نوڪرياڻيءَ جي به ڪا عزت ٿيندي آهي.“
    ”افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هيءَ اهڙي بازي آهي جنهن ۾ منصف (جج) ۽ کٽڻ واري ڌُر ساڳي ٿئي ٿي ۽ هن راند جا اصول به انهن جا ئي ٺهيل ٿين ٿا. ان ڪري تولاءِ بهتر اهو آهي ته صبر کان ڪم وٺ“. مون چيومانس.
    ”تنهن جي معنيٰ ته منهنجو ڪو درد فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي؟“ هن پڇيو.
    ”مون کي ته ائين لڳي ٿو. بقول تنهنجي، تنهنجو مڙس به توکي ڪا اهميت نٿو ڏئي. جيتوڻيڪ اهو سوچي به توکي پريشان نه ٿيڻ کپي جو اسانجي سوسائٽي ۾ گهڻي ڀاڱي اسانجو مرد صاحب پنهنجي زال کي پنهنجو ساٿي نٿو سمجھي....خاص ڪري جي اها ڇوڪري هن جي پنهنجي سنڌياڻي آهي! وري به ڪا پنجابي يا اڙدو ڳالهائڻ واري ڇوڪري آهي ته اسانجو مرد ان سان سڌو رهي ٿو.“
    ”اهو ته سائين سنڌي مڙس (husband) ته ڇا سنڌي ڌاڙيل به غير سنڌين کان ڏڪي ٿو. هو فقط گهر جائي ڪڪڙ اغوا ڪري پاڻ کي شينهن مڙس سڏائي ٿو.“ هن ٿورو کِلندي چيو.
    ”بهرحال تون ڀلي پنهنجي سَسُ جي شڪايت مڙس سان ڪري ڏس. ٿي سگهي ٿو هو تنهنجو پاسو نه کڻي يا پاسو کڻي به .... پر ٻنهي صورتن ۾ Loser تون رهندينءَ.“
    ”اهو ڪيئن؟“ هن حيرت جو اظهار ڪيو.
    ”اهو هن ريت جو هو يا ته ماءُ جو پاسو کڻي توکي ئي دڙڪا ڏيندو پر جي تنهنجو پاسو کڻي.... توکي مظلوم سمجھي، پنهنجي ماءُ کي رحم جي اپيل به ڪندو ته به سندس ماءُ منهن مٿو پٽي اهڙو رڻ ٻاريندي جو وري به سورن ۾ تون پئجي ويندينءَ.“ مون سمجهايومانس.
    ”تنهن جي معنيٰ توهان منهنجي ان سلسلي ۾ ڪا مدد يا رهنمائي ڪري نٿا سگهو؟“ هن پڇيو.
    ”آئون ته تنهنجي فقط اها مدد ڪري سگهان ٿو ته جيئن سڀاڻي تنهنجي ڌيءَ اهڙا ڏکيا ڏينهن نه ڏسي سگهي جيڪي توکي اڄ پريشان ڪري رهيا آهن.“ مون چيو.
    هوءَ جيڪا هاڻ فون بند ڪرڻ واري هئي هڪ دفعو وري نئين همٿ ۽ جذبي ۾ اچي وئي.
    ”اهو ڪيئن؟ اهو ڪيئن!“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”اهو هن ريت ته تون پنهنجيون پريشانيون ۽ ڏک وساري پنهنجي ڌيءَ جي تعليم ڏي ڌيان ڏي. جيئن هوءَ هر امتحان ۾ مٿانهون نمبر کڻندي هلي ۽ انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچڻ تي هن کي انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا ڪنهن سٺي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وڃي ۽ پوءِ ننڍي هوندي کان هن ۾ محنت ۽ چڱي طرح پڙهڻ جي عادت ڪري هوءَ گرئجوئيشن به مٿاهين پوزيشن ۾ ڪري سگهندي. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ئي ٻار سول سروس جي مقابلي وارن امتحانن ۾ چونڊجي فارين سروس، پوليس ۽ سول سروس ۾ وڃن ٿا يا سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽري يا انجنيري پاس ڪرڻ سان کين وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپون ۽ نوڪريون ملن ٿيون ۽ اهي ئي ٻار فوج ۾ ڊاڪٽري يا انجنيئرنگ جي نوڪري ۾ وڃن ٿا. اسان جا ڪيترائي مرد ظاهري طرح چوندا رهن ٿا ته ڇوڪرين کي پڙهڻ نه کپي.... نوڪري نه ڪرڻ کپي.... بلڪه ڪيترن جو ڪنهن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جي شاگردياڻي سان مڱڻو ٿيڻ تي اهي هن کي وڌيڪَ پڙهڻ تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندا. پر نظر ائين پيو اچي ته جيڪي ڇوڪريون ڊاڪٽر يا انجنير ٿي نوڪري ڪن ٿيون... خاص ڪري جي هو فوج ۾ ڪئپٽن، ميجر ٿيو وڃن يا سول سروس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، ايس پي يا ڪسٽم ۽ ايڪسائيز ۾ آفيسرياڻيون ٿيو ٿيون وڃن ته پوءِ ڏنگي کان ڏنگا مڙس به انهن کان ڪن هڻن ٿا. ويندي سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جا کريل ٻار به اهڙين زالن اڳيان سڌا آهن. اهڙين زالن جي پچايل سڙيل ماني به مڙس کي لذيذ لڳي ٿي....“
    دراصل اهو مشاهدو.... يعني تعليم حاصل ڪري نوڪري ڪرڻ.... مونکي ملائيشيا ۾ ٿيو جِتي ٻهراڙي جي غريب مائٽن... هارين، مزورن، مهاڻن جون ڌيئرون به پڙهي نوڪري ڪن ٿيون....خاص ڪري سرڪاري نوڪري.... ۽ انهن جون شاديون شهر جي وڏن ماڻهن جي پٽن سان، ويندي سلطانن جي پٽن سان ٿين ٿيون، ان هوندي به هو comfortable محسوس ڪن ٿيون.... ڇو جو هو پڙهيل ڳڙهيل آهن.... نوڪري ۾ آهن... قانون کان واقف آهن. ان ڪري انهن جا مڙس نه گار گند ڪن ٿا نه هٿ کڻن ٿا.
    اِها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته اسان وٽ ڳالهيون ته وڏيون ٿين ٿيون ته نياڻي ست قرآن آهي.... ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.... وغيره وغيره. پر ڇا اهڙين ڳالهين جو اسانجي معاشري ۾ آهي ڪو وجود؟ منهنجي خيال ۾ جيترا عورتن تي ظلم جا واقعا اسان وٽ سنڌ ۾ ٿين ٿا ايترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نٿا ٿين. آهي ڪو دنيا جو ڪو ملڪ يا ان جو ڪو صوبو جِتي ڪارو ڪاري جي نالي ۾ نوجوانَ ڀيڻ، زال يا پوڙهي ماءُ جو به قتل ڪيو ويندو هُجي....؟ جِتي سڱ چٽيءَ ۾ ننڍڙين ٻارڙين کي سندن مرضي بنا پوڙهن حوالي ڪيو ويندو هجي..... جِتي ملڪيت کي ٻاهر وڃڻ کان بچائڻ لاءِ نياڻين جي قرآن سان شادي ڪئي ويندي هجي .... جِتي اغوا جي انڊسٽرين جا ڊان نياڻين ۽ عورتن کي اغوا ڪندي به شرم نٿا محسوس ڪن ـــ توهان کڻي اخبار نه پڙهندا هُجو ۽ اهو ئي سمجھندا هجو ته All is well پر دنيا ته اخبارن، ٽي وي ۽ نيٽ ذريعي هر ڳالهه جي معلومات رکي ٿي. هڪ الهاس نگر (انڊيا) ۾ رهندڙ اتي جي سنڌي رهاڪن جي اخبار پڙهو ۽ هڪ اسان سنڌي ماڻهن جي ڪاوش، جيجل يا سوڀ پڙهو! ان ۾ ڪو اخبار وارن جو ڏوهه ناهي... اخبار نويس ته ايمانداريءَ سان اسان کي ملڪ جي حالتن جي آرسي ٿا ڏيکارين........ خرابي آهي ته اسان ۾ آهي..... اسانجي معاشري ۾ آهي..... اسان جي حڪومت ۾ آهي جنهن جي ڪارندن (نمائندن) کي اسان ئي ته چونڊي پاڻ تي ٿاڦيو ٿا.



    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,744
    ورتل پسنديدگيون:
    5,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي ڪيل آخري پيرا جي سوالن جا جواب اسان انهن نام نهاد ذميدارن کان ئي پُڇڻ گهُرون ٿا جيڪي زالن کي نوڪرياڻي سمجهي ويٺا آهن. کين لڳي ٿو ته هوءَ جيڪا پنهنجو گهر ماءُ پيءُ ڀيڻ ڀاءُ سڀ ڇڏي اچي هتي ويٺي آهي سا بس هتي رُڳو ماني پچائڻ ۽ ٻارن جون نيپيز تبديل ڪرڻ آئي آهي. جڏهن ته سندس پاڻ وڌيڪ حق ٿئي ٿو جو اسان جي سماج ۾ ڪي اٽي ۾ لوڻ جيترا گهر ناٺي ٿين. ڪُجهه الڳ رهن نه ته گهڻي ڀاڱي گڏجي جوائنٽ فئملي ۾ رهن ٿا. اهڙِي ۾ هڪ طرف زال مُڙس جي پرائيويسي جي ستياناس ته ٻي طرف وري جهيڙا جهٽا. مرد حضرات توڙي سندن مائرون رُڳو ايترو سوچين ته ڇا سُڀاڻي سندن ڌيءَ/ڀيڻ سان اهو ئي رويو رکيو ويندو ته هو سهندا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اهي سڀ حقيقتون آهن ، انهن جو حل اهو ئي آهي ته جوائنٽ فيملي جو خاتمو مگر بد قسمتي سان اسانوٽ غربت ، بيروزگاري ، بک ۽ بد حالي سبب ايئن ڪرڻ ناممڪن آهي !
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    529
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ان ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو