ثابت قدم رهو

'سنڌي ادب' فورم ۾ راشد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2015۔

  1. راشد ميمڻ

    راشد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2012
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سيوهڻ شريف
    ثابت قدم رهو

    اڄ جي هن جديد دؤر ۾ جتي وقت تمام تيزيءَ سان گذري رهيو آهي، انٽرنيٽ، سوشل نيٽورڪ، موبائيل سميت ٻيون ڪيتريون ئي جديد شيون سمنڊ پار انسانن کي به ائين ملائي رکيو آهي ڄڻ ڪير ڪنهن جي پنج منٽن جي فاصلي تي هجي .

    بحرحال ..! اهي سڀ شيون ، سهولتون پنهنجي جڳهه تي بهتر کان بهتر آهن ڇو ته پراڻي زماني ۾ خط و ڪتابت ئي انساني رابطي جو واحد ذريعو هو ۽ ان لاءِ هفتن ۽ مهينن جو انتظاررهوندو هو.

    اهڙي ترقي آفته دؤر ۾ به اڄ جو نوجوان خاص

    طور تي پاڪستان ان کانپوءِ سنڌ جي نوجوان تي گَهري نظر وجهجي ته اهو ڪيترن ئي مسئلن جي وَر چڙهيل آهن سنڌ صوبي جا نوجوان هن وقت تعليم جي معاملي ۾ ڪافي پوئتي رهجي ويا آهن، ماضي تي اگر نظر ڦيرائجي ته پاڪستان ۾ خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان تعليم جي ميدان ۾ پنجاب ۽ سنڌ کان ڪافي پٺ تي پيل هئا، هن وقت تعليم جي لحاظ کان حالتون ڪجهه اُبتڙ نظر اچي رهيو آهن،هن وقت سنڌ صوبي تي تعليم جي لحاظ کان نظر ڦيرائجي ته هتي تعليم جي شرح گهٽ نظر اچي رهي آهي.ان جو سبب اسان جا نوجوان ، نئون نسل فضول ڳالهين کي ٽائيم ڏئي پنهنجو وقت ۽ مستقبل تباهه ڪري رهيا آهن اهم سبب هي به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن اسڪولن ، ڪاليجز ۾ ڪاپي ڪلچر تمام وڌي چڪو آهي ۽ ان ۾ ايتري ته آساني ٿي آهي جو ٻين صوبن جا نوجوان به سنڌ جي ڪاليجن مان ڊگريون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

    مٿيون سڀ حقيقتون پنهنجي جاءِ تي بجاءِ آهن پر هن وقت جا نوجوان هڪ اهڙي بحران ۾ مبتلا آهن جيڪو کين اڳتي وڌڻ ، ترقي ڪرڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجي رهيو آهي اڄ جي ماحول جا نوجوان موبائيل ائپليڪشنس، فيس بوڪ، ٽيوٽر، واٽس اپ وغيره جي جديد سافٽويئرس استعمال ڪرڻ جا ماهر ته ضرور آهن! پر انهن جي اندر ثابت قدمي ، ڄمي بيهڻ ۽ ارادن کي مظبوط رکڻ جي ڪمي ضرور آهي.

    جيڪڏهن ڪير انٽرميڊيئٽ پاس ڪري يونورسٽي جي تياري ۾ مصروف آهي ته اهو پنهنجي من پسند سبجيڪٽ، ٽريڊ جي لاءِ پريشان آهي ڇو ته سوشل ميڊيا، موبائيل جي گهٽي استعمال جي ڪري نوجوانن جا رابطا ايترا ته تيز ترين ٿي چڪا آهن جو هو ڪنهن سان به مشوري جي ضرورت محسوس ڪن ٿا ته آڱرين جي زور تي پنهنجي ڳالهه هڪ ئي وقت سوين ماڻهن تائين پهچائين ٿا. مثالطور ڪو شاگرد يورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پنهنجي پسند جو سبجيڪٽ،ٽريڊ شيئر ڪري ٿو ته ان کي مختلف ماڻهن کان مختلف مشورا اچڻ شروع ٿين ٿا، ڪير چئيس ٿو ته هن ٽريڊ جو اسڪوپ آهي هُن جو ناهي وغيره وغيره نتيجي ۾ صلاح وٺندڙ ٻڏتر جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته هاڻي ڪهڙو رستو وٺجي ڪاڏي وڃجي. عموماً گهڻي ڀاڱي شاگرد ان سبجيڪٽ ۾ ئي وڃي ٿو جنهن جا گهڻا صلاح ،مشورا هجن ٿا اهو ان ۾ ئي داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پوءِ ڀلي اها ان جي پسند نه به هجي پر جيڪا سنگت جي صلاح...!.

    نمبر ٻيون نوڪري جو معماملو هجي يا ڪاروبار يا ٻاهرين ملڪ ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ به ماڻهون اهڙن ئي مسئلن جي ور چڙهي پنهنجي لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪري ٿو نوڪري، ڪاروبار وغيره ۾ گهٽ تجربي سبب نقصان کائي ۽ مستقبل کي داع تي لڳائي ٿو.

    انهن سڀني ڳالهين کي مدِنظر رکي نوجوان کي اهڙو مشورو ڏيڻ گهرجي ته اهي ثابت قدم رهن، اٽل ارادا رکن جيڪو به ڪرڻ چاهين پنهنجو ٽارگيٽ ٺاهي ان تي ئي نظر رکي پنهنجي قدم ۽ ذهن کي ان ڏانهن ئي مائل ڪن مگر ان لاءِ محنت شرط آ..! پنهنجي آئينده لاءِ پاڻ سوچين ڀلي ان ۾ سٺن دوستن، والدين جا مشورا شامل ڪن پر مختلف ڳالهين ۾ بهڪي وڃن کان پاڻ تي ڪنٽرول ڪن، پنهنجي دل و دماغ کي مظبوطي جي سوچ سان پنهنجي مستقبل جي ان ڏاڪي تي نظر رکن جنهن تي اهي پهچڻ جا خواهشمند آهن.

    پنهنجن ارادن کي مظبوط رکي پنهنجي منزل تي نظر ڄمائي محنت ۽ جستجو سچي لگن پيدا ڪريو يقيناً منزل اوهان جا پير چمندي، ڪاميابي اوهان جي آجيان ڪندي،معاشري ۾ پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪري سگهو ٿا، دنيا جو نظرون پاڻ ڏي ڇڪائي سگهو ٿا، دوستن سنگت ۾ سرخرو ٿي پنهنجي علائقي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهو ٿا. علامه محمد اقبال شاعرِ مشرڪ جون هي سٽون هن معاملي ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿيون ته؛

    منزل کی جستجو میں کیوں پھرتا ہے اے راہی

    اتنا عظیم ہوجا کہ منزل تجھے پکارے۔


    راشد حسين ميمڻ

    سيوهڻ شريف

    rh.memon@yahoo.com

    Cell: 03003274305
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ارٽيڪل ادا پر اسان وٽ ميرٽ تي عمل ناهي تنهنڪري جنهن کي جئين ٿو وڻي تئين ٿو ڪري... ٻيو وري ڪو به ماڻهون غلط غلط چوڻ لاءِ تيار ناهي...ڪو به ماڻهون پنهنجي خطائون جو اعتراف نٿو ڪري الٽو ٻين تي الزام بازي جاري ڪندا.........ٽيون سڄي دنيا جون گورنمنٽ نوجوانن ٻارن ۽ پوڙهن جو خرچ پاڻ کڻي ٿيون پر هي ملڪ هن دنيا جو واحد خطو آهي جتي گورنمنٽ عوام جي ڪا به ذميواري نٿي نڀائي الٽو ٽيڪس جو بار بنا سهولتون ڏيڻ جي ماس چم هڏا چوسي رهيا آهن نه شاگردن جو خرچ کڻي ٿي نه غريب مائٽن جي مدد ڪن ٿا نه پوڙهن لاءِ ڪي خيراتي ادراه قائم ڪيا آهن الٽو اعلي تعليم يافته نوجوانن کي 35 سالن تائين بيروزگار رکي آخر ۾ کيس ڪو به مستقڀل روزگار نٿو ملي سواءِ پنهنجي همٿ سان ننڌڙو دوڪان کولڻ جي يا اهو به ممڪن نه هوندو آهي... وڏو عيجب الميو وزارتن تي سالن کان سال اڻپڙهيل ويٺل آهن هيڏانهن ايترا هوشيار نوجوانن کي بنڪن ۾ رکن بزنس ڏي ڌيان ڌرين مطلب سنڌ ۾ مستبقل لاءِ ڪا به عملي پاليسي ناهي جوڙي وئي جنهن لاءِ چئجي ته ها گورنمنٽ ته سهي آهي عوام ۾ مڙسي ناهي
     
    راشد ميمڻ، Ali nawaz Solangi ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو