سنڌ سلامت تي تصوير موڪلڻ هاڻي پهرين کان آسان

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اهو ڪافي عرصي کان نوٽ ڪيو پئي ويو ته سنڌ سلامت جي رڪنن کي پنهنجي موضوع مطابق تصوير موڪلڻ ۾ ڪافي ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون.. ان سلسلي ۾ توڙي جو انتظامي رڪنن ڪافي حد تائين سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر جئين ته تصوير لڳائڻ جو طريقو ئي پيچيدا هيو .. ان ڪري ڪافي رڪن ان باوجود به مونجهاري جو شڪار رهيا...
    سنڌ سلامت انتظاميه طرفان اڳ ئي رڪنن کان فورم تي سڌو سئون تصويرون موڪلڻ کان معزرت ڪيل آهي جو ان سان ڊيٽابيس جي سائيز وڌڻ ۽ سنڀالڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون.. جنهن بعد رڪنن جي سهولت لاءِ ڪنهن اهڙي سسٽم جي بحرحال ڪافي عرصي کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي جنهن ذريعي رڪن آساني سان پنهنجيون تصويرون سنڌ سلامت تي ونڊي سگهن...
    جنهن کان پوءِ آخر ڪار هڪ ڪارآمد پلگ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ... جيڪو توڙي جو کڻي 15 ڊالرز جو هيو پر ان جا بهتر فيڇر کيس ايترو مهانگو ثابت نه ڪري رهيا هئا... اهڙي ايڊان جي انسٽاليشن به ڪافي پيچيده ثابت ٿي پر مڙني درستگين کان پوءِ ان کي رليز ڪجي ٿو...
    هاڻي سنڌ سلامت جي نئين موضوع، موضوع ۾ ئي هيٽ موجود تڪڙي جواب ۽ تحريرن جي ترميم ۾ ٽيڪسٽ ايڊيٽر هيٺان تصويرن کي شامل ڪرڻ جا نوان آپشنز لڳايا ويا آهن... جنهن تحت:
    • توهان پنهنجي ڪمپيوٽر مان تصويرون پنهنجي جوابن ۾ شامل ڪري سگهو ٿا..
    • توهان ڪنهن به ويب سائيٽ تان URL کي ڪاپي ڪري ان پلگ ان ذريعي سنڌ سلامت تي شامل ڪري سگهو ٿا.
    • پنهنجي طرفان شامل ڪندڙ تصوير کي ريسيائيز ڪري سگهو ٿا...
    • هڪ ئي وقت هڪ يا گهڻيون تصويرون اپلوڊ ڪندي شامل ڪري سگهو ٿا...
    هن پلگ ان تحت توهان جون تصويون پنجن مختلف سرورز تي اپلوڊ ٿي سنڌ سلامت تي ونڊ ٿينديون... جن ۾ شامل آهن..
    • اميج يو آر
    • پوسٽ اميج
    • اميج شيڪ
    • پڪاسا
    • فلڪر
    تصويرن کي ونڊ ڪرڻ جو طريقي ڪار به ڪافي آسان آهي... بس ٽيڪسٽ ايڊيٽر هيٺان پنهنجي ڪمپيوٽر مان تصوير کڻڻ لاءِ “ڪمپيوٽر مان” کي چونڊي هيٺ موجود بٽڻ تصوير کڻو تي ڪلڪ ڪريو.. پنهنجي تصوير کي چونڊيو جنهن کان پوءِ اپلوڊ بٽڻ دٻايو...


    [​IMG]

    يا وري ڪنهن ويب سائيٽ تان URL کي ڪاپي ڪري “ويب سائيٽ تان” کي چونڊي هيٺ موجود بار ۾ پيسٽ ڪري اپلوڊ بٽڻ دٻايو...


    [​IMG]


    هڪ دفعو تصوير اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ شامل ڪري بٽن کي دٻايو... جنهن سان توهان جي مطلوبا تصوير سنڌ سلامت جي مونو گرام سان ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ شامل ٿي ويندي...

    [​IMG]


    وڌي تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو...


    اميد ته سنڌ سلامت طرفان رڪنن جي سهولت لاءِ کنيل هن قدم کي سمورن رڪنن طرفان پسند ڪيو ويندو.. توهان جي واڌو ڪاٽو تبصرن جو انتظار رهندو...
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سنڌ سلامت جي انتظاميه طرفان رڪنن جي سهولت لا تمام بهترين قدم کنيو ويو آهي جنهن کي اسان پسند ڪيون ٿا ۽ انتظاميه جوانهي تي شڪريو ادا ڪيون ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جڏهن سنڌسلامت تي نئون نئون آيو هُئس تڏهن سنڌسلامت تي سڌوسنئون تصوير اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت هُئي، پو وري ڊيٽابيس جي چڪرن ۾ اها سهولت ختم ٿي ته فورم تمام ڏُکيو ٿي پيو، فورم تي تصويرن وارا موضوع موڪلڻ لا تمام گهڻي محنت ۽ وڏو وقت ڪڍڻو ٿي پيو.
    تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي ته سنڌسلامت تي هاڻي تصوير سڌوسنئون اپلوڊ ٿئي پئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اڳ ۾ ته مونکي تصوير اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي،ڪا ڪا تصوير صحيح طرح اپلوڊ به نه ٿيندي هئي.
    پر هاڻي اهو ڪم بلڪل آسان ٿي ويو.
    سائين ذيشان رشيد توهان جي وڏي مهرباني.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    ادا تمام سولت ڪري ڏني آهي اوهان اسان دوستن کي
    مهرباني
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم .. دل خوش ٿي وئي. پر يار ان ۾ منهنجو من پسند سرور به شامل ڪرين ها ته واهه واهه ،،، خير ڪم صفا سولا ٿي ويا.

    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد ڪنهن ڪم ۾ هٿ وٍِجهي ته اُهو سِڌو ٿيو ئي وڃي. فورم تي تصوير اپلوڊ ڪرڻ پهرين ڏينهن کان وٺي مسئلو رهيو آهي. توڙي جو زين فورو اها سهولت ڏي ٿو ته فورم تي سِڌو سنئون تصوير اپلوڊ ڪجي پر ان سان اسان وٽ محدود اسپيس/ڄڳهه هوندي ڊيٽا بيس حد کان وڌيو وڃي. ٻاهرين مُلڪن ۾ ته ڪمائي به ڊالرز ۾ ته خرچ به ڊالرز ۾ ڪن. تنهنڪري انهن وٽ لا محدود اسپيس (ڪلائوڊ) وٺڻ ڪو مسئلو ناهي. هتي هي فورم انتظامي ميمبرن جي رضاڪارانه ڪوششن ۽ صفا اڻٽر صورتِحال ۾ رُڪنن جي ڪيل تعاون سان جيترو ٿي سگهي ٿو اُن ۾ اسان سڀ جون سڀ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهوتو ڪرڻ تي مجبور آهيون. جيئن ته هن وقت هي محدود اسپيس ۽ زين فورو جو رجسٽرڊ لائسنس به ذري گهٽ مُنو لک رُپيو سالانه گهُري ٿو. اهڙي صورتِحال ۾ هن قسم جون سهولتون وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ رشيد سان سدائين اهڙن آپشنس تي ڳالهه ٿيندي رهي ٿي. جيڪي سؤلا، گهٽ خرچ ۽ مُفيد هُجن. اهو سڀ ٿي ضرور وڃي ٿو پر رشيد کي وقت جهڙي قيمتي شئي جي قُرباني ڏيڻي پئي ٿي.
    هڪ دفعو رشيد جا ٿورا جنهن نه صرف 15 ڊالر (لڳ ڀڳ 1500 رُپيا) خرچ ڪري هي بهترين ٽول کي لاڳو ڪيو پر اُن م ايندڙ ايررز کي فڪس ڪري هفتو کن پورو هن ڪم کي ڏنو. ساٿين کي هن سهولت جو مُبارڪون ۽ رشيد لاءِ نيڪ تمنائون.
    اُميد ته تعليم جي حوالي سان ايندڙ پروجيڪٽ به جلد سنڌ سلامت جي زينت بڻجي ويندو ۽ اسان جا نوجوان ان مان مستفيد ٿيندا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هي هڪ سٺي سهولت آهي ڇو ته ڪجه مضمون تصويرن کان سواءِ اڻپورا لڳندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين سهولت، جنهن جو انتظار هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏاها ٿيو يار....!
     
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    منهنجي خيال ۾ توهان جو پسنديده سرور اميج شيڪ آهي. :)
    ته هن ۾ اميج شيڪ به آهي :) وڌيڪ تفصيل ڏِسو :)

     
  12. روشني جي لاٽ

    روشني جي لاٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نئين ميمبر لا سهولتڪار ساٿي سهتا ڪندا ته اڙٻنگ به اڪري پوندا. جوڌن جس .
    [​IMG]

    [​IMG]
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام سٺو، ڏاڍي خوشي ٿي..


    [​IMG]
     
  14. الطاف حسين جمالي بلوچ

    الطاف حسين جمالي بلوچ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ادا ذيشان تمام بهترين ڪم ڪيو جو اسان اسان دوستن کي تصوير اپلوڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    اڄ صبح مون کان به تصوير اپلوڊ نه پئي ٿئي مون تصوير کڻو واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو پر تصوير اپلوڊ نه پئي ٿي پو جڏهن تصوير جي سائيز کي ننڍو ڪيم ته تصوير اپلوڊ ٿي وئي. ڇا ان ۾ سائيز جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو