ڀَيلَي ڀُلَائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئِي ٻَرِ ٻَرِ ! ٻُڏِي سُهِڻِي !!، وِيرُنِ ۾ وَائِي ڪَچَي ڪِيرَائِي، لَالَ لَهَرُنِ وِچَ ۾ سُرُ سُهِڻِي ڀَيلَي = مِٽِيءَ جو ٺهيل ڪچو دلو ڀُلَائِي = ڀُلايُسِ پَسِي = ڏِسِي چِٽَ = نقش، گُلَ چَرِي = هوش وڃائي ويٺي ٻَرِ ٻَرِ = هاءِ هاءِ، افسوس وِيرُنِ = درياھ جون ويرُون، چاڙھ وَائِي = آواز، آلاپ، تنوار ڪَچَي = ڪچي دلي ڪِيرَائِي = ٻوڙي لَالَ = لال ڪنوار، لعل، ياقوت، هيرن، جواهرن جهڙي، عشق ۾ رَتَلَ لَهَرُنِ = درياھ جون ڇوليون بيت جو پس منظر ~ ڪچي دلي تي ٺهيل چِٽ ۽ گل ڏسي سهڻي ڀلجي پئي، پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺي. ~ هاءِ هاءِ !! سهڻي ٻڏي وئي آهي. افسوس !! اهي آواز لهرن مان اچي رهيا آهن. ~ هن ڪچي دلي لعل جهڙي سندر سهڻيءَ کي لهرن اندر ٻوڙي ڇڏيو. سمجهاڻي دراصل سهڻيءَ هوش نہ سنڀاليو تہ هي دلو ڪچو آهي، صرف اُسَ تي پڪل آهي. اڃان آويءَ ۾ پچايو ئي نہ ويو آهي. سهڻيَ دلي تي ڪنهن ڪاريگر ڪنڀر جا سهڻا چٽ ۽ گل ڏسي موهت ٿي پئي هئي. سهڻي ٻڏي وئي آهي، هاءِ هاءِ !! سهڻيءَ جي موت تي نہ رڳو درياھ جي لهرن لڙڪ لاڙيا پر درياھ بہ افسوس ڪري روئي رهيو آهي. هن لعل، ياقوت، مرجان، هيرن، جواهرن جهڙي سونهن ديويءَ، ڳاڙهي ڪنوار ۽ symbol of love کي لهرن ۾ لوڙهڻ ۽ ٻوڙڻ جو ذميوار ڪچو دلو آهي. اچو تہ هن بيت مان درس حاصل ڪيون تہ اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي پئي وڃي ۽ اسان اڃان هوش نہ سنڀاليو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل