وَڃَان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چَئَي رَهِي رَهَان دُونهِين پَاسَي دَوسَ جَي، مَاڳَهِين پُئان مَرِي صُورَتَ نہ سُونهَن ڪَا، ڪَيَسِ چِتَ چَرِي وِصَالَان فِرَاقَ جَي، سُڄَي ڳَالِھ ڳَرِي تَيلَاهِين تَرِي، مُنهُن ڳِنِيَو مَوٽِيَو وَڃَان سُرُ سُهِڻِي وڃَان ڪِينَ وَرِي = موٽي ئي نہ وَڃَان هُوندَ = ڪاش، جيڪر رِيءُ = کانسواءِ دُونهِين = وٿاڻ جي موٽاڳي ۽ ڇيڻن کي ٻاري مڇرن کان مال کي بچائبو آهي. دَوسُ = دوست مَاڳَهِين = ويتر، اصل ئي پُئَان = پوان سُنهَن = سونهن، صورت، حُسُنُ چِتُ = دل، نينهن، عشق، ڌيان وِصَالَان = ميلاپ کان فِرَاقُ = ڏک ، جدائي سُڄَي = سجهي، ٻجهي، ٻڌجي ڳَرِي = ڳوري، سخت، اذيت ڏيندڙ تَيلَاهِين = تڏهن، تنهنڪري ڳِنِيَو = وٺيون، کنيون بيت جو پسمنظر ~ ميهار ڀلي نہ چئي پر منهنجي دل ٿي چئي جيڪر گهر موٽي نہ وڃان. هتي ئي رهي پوان. ~ جيڪا ميهار دونهين دکائي آهي ان جي ڀر ۾ دم ڏئي مران. ~ مون کي ڪو هروڀرو ميهار جي صورت يا حسن حيران ناهي ڪيو پر مون کي منهنجي مَنَ ۽ دل چريو ڪيو آهي. ~ محبوب جي ميلاپ کان وڌيڪ سندس جدائيءَ واري ڳالھ ڳوري آهي. ~ تنهنڪري ڪنڌ کنيو درياھ تريو موٽيو پئي وڃان. سمجهاڻي مولا پاڪ محبوب ۾ الائي ڪهڙي ڪشش ۽ چقمق رکي آهي جو دل چوندي آهي تہ پل بہ پرينءَ کان پري نہ ٿجي. بلڪہ سڄي زندگي محبوب سان ئي گڏ گذارجي. اِها ئي ڳالھ سهڻي ٿي چئي تہ ميهار مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ چئي يا نہ پر جيڪر گهر موٽي نہ وڃان. هتي ئي رهي پوان. سندس ئي مينهُنِ جي وٿاڻ جي پاسي ۾ دکايل دونهينءَ جي پاسي ۾دم ڏئي مران. مان ڪا ساهڙ جي صورت ۽ سونهن جي ڪري حيران ناهيان پر منهنجي دل ميهار لاءِ چري ۽ پاڳل آهي. جيڪو سُرورُ، سڪون، راحت، فرحت، بيقراري، بيچيني، لُڇ پُڇ ۽ مزو جدائيءَ ۾ آهي اُهو ميلاپ ۾ ناهي. ميلاپ کان پوءِ سڪ گهٽجي ٿي وڃي پر منهنجي دل محبوب ميهار جي جدائي سهي نہ ٿي سگهي. تنهنڪري ئي درياھ تري موٽي وينديآهيان. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل