ڪرڪيٽ ورلڊ جي تاريخ جا يادگار لمحا... 1975 جو ورلڊ ڪپ ۽ سنيل گواسڪر جي سست اننگ

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عالمي ڪپ 2015 جي آغاز ۾ بس هاڻي ڪجهه ڏينهن وڃي رهيا آهن.. پوري دنيا جي ٽيمن جون تياريون پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن... ۽ هي ئي وقت آهي ته عالمي ڪپ جي 40 ساله تاريخ کي ورجائيندي ڪجهه يادگار لمحن کي ياد ڪجي جيڪي اڄ به ڪرڪيٽ جي شوقينن جي ذهنن ۾ تازه آهن.. انهن ۾ اهڙا واقعا به آهن جيڪي توهان جي ياداشت جو حصو نه هجن ۽ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي توهان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهندو...
    ورلڊ ڪپ کي سامهون رکندي توهان لاءِ ڪجهه يادگار لمحن جي چونڊ ڪئي اٿم جيڪي 1975 کان وٺي گذريل ورلڊ ڪپ 2011 تائين جي عالمي ڪپ مان ڪجهه مقابلن ۽ واقعن تي مشتمل آهن.. ان سلسلي ۾ پهرين چونڊ پهرين ورلڊ ڪپ جي پهرين مقابلي کان ڪجي ٿي...
    ********​
    جڏهن گواسڪر پنهنجي چال وساري ويٺو...
    هي واقعو 7 جون 1975 جو آهي جڏهن عالمي ڪپ جو افتتاحي مقابلو لارڊز جي تاريخي ميدان تي ميزبان انگلينڊ ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيو هو.. صرف 15 رنز تي ٽي وڪيٽون وڃائڻ کان پوءِ انگلينڊ ڊينس ايمس جي شاندار سينڇري ۽ آخري لمحن ۾ ڪرس اولڊ جي 30 بالن تي 51 ناٽ آئوٽ رنز ڪري مجموعو 60 اوورز ۾ 334 رنز تائين پهچايو هو...
    انڊيا 335 رنز جي ٽارگٽ جو پيڇو شروع ڪيو ۽ شروعات ۾ ئي سنيل گواسڪر جي ڪري پنهنجي چال وساري ويٺي.. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ رنز جا ڍير لڳائيندڙ گواسڪر ون ڊي ۾ اهڙي ڪارڪردگي اصل نه ڏيکاري جيڪا سندس ڪيريئر تي هڪ داغ وانگر آهي.. هُو ان ميڇ ۾ اوپنر طور ميدان م لٿو ۽ انڊين اننگ جي لڳ ڀڳ اڌ اوورز يعني 174 بال کيڏيائين پر توهان کي خبر آهي ته ايترن سارن بالن کيڏڻ باوجود سندس اسڪور گهڻو هو...؟ رڳو 34 رنسو ۽ اهي به ناٽ آئوٽ...
    يعني ان ڏينهن گواسڪر هڪ خودڪش حملو ڪندڙ بڻجي ويو ... انڊيا گواسڪر جي ان مايوس اننگ ڪري 60 اوورز ۾ ٽن وڪيتن جي نقصان تي رڳو 132 رنسون بڻائي سگهيو... ۽ اهڙي طرح 202 رنز جي واضح فرق سان مقابلو هارائي ويو...
    هڪ موقعي تي گواسڪر جي ان سست اننگ دوران ڪجهه انڊين تماشائي پڻ ميدان ۾ داخل ٿي پچ تائين پهتا ۽ سنيل گواسڪر کي ڪجهه تيز کيڏڻ جي درخواست ڪئي.. پر گواسڪر سندن هڪ نه ٻڏي..

    [​IMG]

    گواسڪر اڄ به ان اننگ کي پنهنجي ڪيريئر جي بدترين اننگ چوندو آهي.. گهڻن ڪارنامن باوجود ان جي هي اننگ اڄ تائين ياد پڻ رکي ويندي آهي.. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ کائنس ان اننگ بابت سوال به ڪيا ويندا آهن..

    حاضر آهن ان بدنامه زمانا مقابلي جون ڪجهه مليل جهلڪيون.. ها پر ان ۾ سنيل گواسڪر جي اننگ شامل نه آهي.. :)

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو