تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو هِنئَڙَي ۾ هَوتَنِ جَا، اَچَنِ گُهؤرُ گَهڻَا پَسِيَو پَاڙَي وَارِيُون، ڏِسِيَو ڏَوھَ ڏَرَان وِچَان ڪِيئَن وَرَان، ڪَنڌِيءَ مُنهِنجو ڪَارَڻِي سُرُ سُهِڻِي تَان = تہ وَرَان = موٽي وڃان، واپس ٿيان وَھَ = وهڪرو، نينهن، لاڙو وِتِرَو = گهڻو، وڌيڪ، جهجهو هِنئَڙَي = دل ۾، مَنَ ۾ هَوتَنِ = مجبوبن گُهؤرُ = خيالَ ، پُورَ ڏَرَان = ڊڄان، خوف ٿو ٿئيمِ ڪَنڌِيءَ = ڪناري تي، ڪپرَ تي ڪَارِڻِي = وسيلو، سبب (ميهار) بيت جو پس منظر ~ جي اڃان ترنديس تہ مرنديس ۽ جي واپس ٿينديس تہ وري پاڻيءَ جو وهڪروتيز آهي. ~ دل ۾ محبوب ميهار جا خيال بہ پيا اچن. ~ منهنجا تہ پاڙي وارين کي ڏسي خوف ۾ ڏوھ بہ ڏڪيو وڃن. ~ اڌ مان پوئتي ڪيئن موٽي وڃان، هي ڪناري تي تہ منهنجي محبوب جووٿاڻ آهي. سمجهاڻي خيال مثبت ۽ منفي هر وقت هر انسان کي ايندا رهندا آهن. ننڊ ۾ وري خوابن جي صورت ۾ سلسلو جاري رهندو آهي. اڄ سهڻي جڏهن درياھ ترندي پئي وڃي تہ کيس بہ مختلف خيالن ۽ سوچن اچي گهيرو ڪيو آهي. اڄ درياھ بہ پنهنجي پوري آب تاب سان موج مستيءَ ۾ آهي. تيز ڇوليون ۽ تکو وهڪرو ويتر ماحول کي خوفائتو بڻائي رهيا آهن. سهڻي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ٿي چئي تہ اڃان اڳتي وڌيڪ ترنديس تہ ٻڏي پونديس ۽ جي پوئتي موٽنديس تہ پاڻيءَ جو وهڪرو نهايت تيز آهي.مٿان وري محبوب ميهار سان رهاڻ رچائڻ جا خيال بہ پيا ٿا اچن. پاڙي وارين ماين جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌي منهنجا خوف ۾ ڏوھ ڏڪي ٿا وڃن. پر هاڻي سهڻي پاڻ سنڀالي وئي آهي. سندس عزم، حوصلي ۽ همٿن ۽ ميهار سان ڪيل وچن کيس سهارو ۽ آٿت جو ڏني آهي. سو هاڻي چئي ٿي ڪين موٽنديس هي ڀرسان ڪناري تي ئي تہ محبوب ميهار جو وٿاڻ ڏسڻ ۾ پيو اچي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل