سِڪَ تُنهِنجِي سُپَرِين، اَندَرَ ۾ اُجَهاڳُ مَنجِهيِنِ ڀَرِيَا مَاڳَ، پَلِٽِيَا پَارِيُون ڪَرَي سُرُ سُهِڻِي سِڪَ = اُڪِيرَ، تڙپ، چَاھُ، تَانگَھ سُپَرِين = محبوب، سر ساھ جو مالڪ اُجَهاڳَ = بيحد، تمام گهڻي، اڻ کُٽُ، بي انداز، شديد مَنجِهيِنِ = اندر ئي، اندر ۾ ئي، اندران ئي اندران ڀَرِيَا = ٽمٽار ٿي ويا ماڳَ = هنڌ، جاءِ پر هتي معني' ٿيندي جسم جا اوسا پاسا پَلِٽِيَا = اُٿلي پيا، زور سان وسي پيا پِارِيُون = نيسارا، ريلا، وسڪارا، لڙڪن لارون بيت جو پس منظر ~ او محبوب تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ هاڻي تہ تمام گهڻي ٿي وئي آهي. ~ منهنجي اندر جا اوسا پاسا سڪ سان ٽمٽار ٿي اٿلي مِينهَن جيان وسڻ لڳا آهن. سمجهاڻي او محبوب !! تنهنجي سڪ ۽ اُڪير نہ رڳو دل ۾ لڳي آهي پر چپن تي بہ چوويھ ئي ڪلاڪ تنهنجو نالو آهي. منهنجي دل ۽ چپن کانسواءِ رڳ رڳ، وار وار ۽ لُونءَ لُونءَ پئي تو لاءِ سِڪَي.جيئنءَ سانوڻي مند ۾ سنڌو موج مستيءَ ۾ اٿلي شهر، ڳوٺ، وستيون، واهڻ، فصل، ٻنيون ٻوڙيندو آهي. تينئن تنهنجي سڪ بہ منهنجي اندر ۾ اُٿلي پئي آهي. جيئن چوماسي جو مِينهُن وسڪارا لائي وسي هارجي پوندو آهي ايئين منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا هن.منهنجي اکڙين مان لڙڪن لارون موتين مالها جي لڙيءَ جيان هر پل وسي رهيون آهن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل