محمد علي پٺاڻ : ليکڪ، شاعر، ڪالم نگار ۽ افسانا نگار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    محمد علي پٺاڻ : ليکڪ، شاعر، ڪالم نگار ۽ افسانا نگار

    احسان دانش

    محمد علي پٺاڻ، بحيثيت شاعر ۽ ڪالم نگار ڪافي مشهور آهي. پر ماضيءَ ۾ هن نهايت پختيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن ۽ هن وقت تائين ان سلسلي کي منقطع نه ڪيو اٿس. سندس اڪثر ڪهاڻيون، سماج جي اهڙن ڳنڀير مسئلن تي لکيل آهن، جن کي بار بار ڇهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي نابرابري ۽ ڏاڍائي آهي.
    محمد علي ٣- فيبروري ١٩٦٢ع تي دڙي محله لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات ١٩٧٥ع ۾ ڪئي. شاعري ۽ ڪهاڻيون گڏوگڏ لکندو رهيو ۽ جلدئي هن لاڪم طرف لاڙو رکيو ۽ مختلف عنوانن تحت مختلف اخبارن ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. سندس جاندار ڪالمن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ هن اهو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رکيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
    محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“ ١٩٨٨ع ۾ ٻيو ڪتاب ”عاشورا آهن“ جيڪو پڻ شاعري تي مشتمل آهي، ١٩٩٥ع ۾ شايع ٿيو. تازو سندس واين تي مشتمل ڪتاب ”اگهيا اوجاڳا“ منظر عام تي آيو آهي. ڪهاڻي سان رغبت جي ڪري هن هڪ ناول ”ڌوٻي گهاٽ“ جي نالي سان پڻ لکيو آهي، جيڪو اڻ ڇپيل حالت ۾ وٽس موجود آهي. جڏهن ته ٽي ٻيا ڪتاب ١- کاهي جي وچ ۾ (ڪهاڻيون)، ٢- پسي بازاريون (ڪالم)، ٣- مونکي آه اٿاريو (شاعري) ۽ هڪ ڊگهن نثري نظمن جو ڪتاب پڻ ڇپائي جي انتظار ۾ آهن. محمد علي وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو استاد آهي. سندس مشھور ڪهاڻي ٽيون وڳو آھي.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 فيبروري 2015
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد علي پٺاڻ جو ڏينهن

    زرار پيرزادو

    • اڄ جي تاريخ تي محمد علي پٺاڻ نالي جنهن ٻار جنم ورتو هو، تنهن کي يا سندس گهر وارن کي بلڪل به اهو اندازو نه هوندو ته هيءُ ٻالڪ ڪو مستقبل ۾ سنڌي ادب جي افق جو روشن تارو ٿي اڀرندو.
    • تڏهن ڪنهن کي به اهو اندازو نه هوندو ته هيءُ هڪ ئي جنم ۾ ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊراما نويس، ڪالم نگار ۽ ناول نگار طور ادبي تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ ٺهندي ڏسندو.
    • ڇاڪاڻ ته سندس خاندان جو ادب سان ڪو تعلق ئي نه هو. هيءُ پاڻ ئي پنهنجي خاندان ۾ ادب جو بڻ بنياد بڻيو آهي.
    • پر محمد علي پٺاڻ جي جيڪا خوبي منفرد ۽ اتم رهي آهي سا اِها آهي ته هيءُ پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو ”ادبي ادارو“ به رهيو آهي.
    • محمد علي پٺاڻ هڪ اهڙو ادارو رهيو آهي جنهن ڪيترائي اديب، شاعر ۽ صحافي دريافت به ڪيا آهن، متعارف به ڪرايا آهن ته انهن کي جوڳو مقام ڏيارڻ جي مهم به هلائي آهي.
    • هيءُ امداد حسينيءَ وانگر روز نئون ادب، نئين شاعري، نئون ڪتاب سرجندو ڏسڻ چاهيندو آهي. هيءُ جنهن به اديب سان ملندو ته اهو ئي پهريون سوال ڪندس ته اڄ ڪلهه ڇا لکي رهيا آهيو.
    • هن انهن وڏن ناميارن ۽ سينيئر اديبن کان لکرايو آهي جيڪي ڪن به سببن ڪري ادبي ۽ تخليقي دنيا کان ڪنڊائتا ٿي ويهي رهيا هُيا.
    • مثال طور اسانجو ناليوارو ڪهاڻيڪار بادل جمالي پاڻ اعتراف ڪندو رهيو آهي ته”مون کان ٽيهن ورهين کانپوءِ محمد علي پٺاڻ ئي ڪهاڻي لکرائي. روز فون ڪري پڇندو هيو ته ڪهاڻي لکيوَ، يا ڪهاڻي ڪٿي پهتي آهي. ڄڻ منهنجي ڪهاڻي لکڻ سان سندس ڪو پروموشن ٿيڻو هو“.
    • بادل جماليءَ جيان هُن ڪيترن ڪهاڻيڪارن، شاعرن، اديبن ۽ صحافين کان ڪهاڻيون به لکايون، شاعري به ڪرائي ته انوکن موضوعن تي ڪالم به لکرايا. انهيءَ حوالي سان سندس يادگار ڪارنامو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کان لکائڻ هو.
    • لکائڻ ڇا بلڪه هيءُ کانس ڪجهه نه ڪجهه، ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڳالهرائي پني تي اتاريندو ويو ته ڏسندي ڏسندي ننڍي کنڊ جي مهان ڏاهي جي آتم ڪٿا ترتيب ۾ اچي وئي، ڪنهن موضوع تي ڳالهايو ته ڪالم ٺهي ويو ۽ ايئن ڪالمن جو هڪ سلسلو ”تاريخ جا ورق“ شروع ٿي ويو جيڪو پوءِ نه رڳو ڪتابي شڪل ۾ اچي ويو پر ”ايوارڊ يافته“ به ٿي ويو.
    • ايئن جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي آتم ڪٿا جو اهو مواد ڪتابي شڪل ۾ آيو ته ڪامريڊ سوڀي اهو پنهنجو ڪتاب محمد علي پٺاڻ کي منسوب ڪري سندس ٿڪ ئي نه لاٿو پر ڄڻ ته محمد علي پٺاڻ کي نوبل جهڙو ايوارڊ به عطا ڪري ويو.
    • مطلب ته محمد علي پٺاڻ فل-ٽائيم ادبي ورڪر آهي. ڪنهن جو ڪتاب ڇپجي ايندو ته ليکڪ کي پهرين مبارڪ محمد علي پٺاڻ ڏيندو. ماڻهو پنهنجن ڪتابن جا خواب ڏسندا آهن پر محمد علي پٺاڻ ٻين ليکڪن جي ڪتابن جا خواب ڏسندو آهي.
    • ڪيترن ئي لائق پر نظرانداز ٿيل شخصيتن کي اسڪرين تي آڻڻ، ساڻن رهاڻيون ڪرائڻ، ادبي پروگرام ۽ ڪتابن جي مهورت ڪرائڻ ۾ به هي اڳري کان اڳرو نظر ايندو.
    • بدر ابڙي صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي ته”محمد علي پٺاڻ جا ٽي مرشد رهيا آهن. هڪ ڀٽائي، ٻيو ڪامريڊ سوڀو ۽ ٽيون انور پيرزادو“.
    • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته جنهن جو ”اسڪول آف ٿاٽ“ ڀٽائي، ڪامريڊ سوڀو ۽ انور پيرزادو هوندو، سو هر دور ۾ پئي جنم وٺندو ۽ هر دور جي تاريخ کان پئي واڌايون وصول ڪندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 فيبروري 2015
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    محمد علي پٺاڻ

    غزل جڏهن به لکڻ لاءِ دل گهريو هوندو
    اوهان جو درد اندر ۾ ٻڏو تريو هوندو

    اسان جا نيڻ اهو پيچرو پسي نه سگهيا
    قدم جنهين تي اوهان قرب مان ڌريو هوندو

    جڏهن به گهٽ کان پوءِ واءُ ڪو گهليو هوندو
    اوهان جي ياد جو ڪو ئي ته پن چُريو هوندو

    سکن جي سوجهري جا خواب جنهن ڏٺا هوندا
    غمن جي گهُگَهه ڏي واپس نه سو وريو هوندو

    اسان جو پهر اوهان کان سوا نه ٿو گذري
    اوهان جو سال اسان ريءَ ڀي سريو هوندو​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    جڏهن به گهٽ کان پوءِ واءُ ڪو گهليو هوندو
    اوهان جي ياد جو ڪو ئي ته پن چُريو هوندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]
    سنڌي ادب ۾ جهدوجهد جي علامت ،ڀلوڙ اديب، شاعر محمد علي پٺاڻ جي 55 سالگره جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهن ڀري سرزمين سنڌ کي قدرت واري لاتعداد نعمتن سان سر شار بڻايو آهي سنڌ جا سمورا ننڍا توڙي وڏا شهر وستي واهڻ سڀني ادبي وصفن سان ڀرپور نظر اچن ٿا سمورن شهرن ۾ وري لاڙڪاڻو ساهه سباڻو جو نالو ٻين شهر جي ڀيٽ ۾ اتم نظر اچي ٿو .ڇو جو سياسي ،سماجي ،ادبي سرگرمين ۾ سڀني شهرن کان مٿاهون آهي . هن مردمخيز چڪي مٽي ڪيترن ئي شاعرن اديبن ، ۽ املهه انسانن کي پنهنجي گود ۾ جنم ڏنو آهي اهڙن عظيم انسانن سڀني وصفين ،سڀني ادبي وصفن جي مالڪ شاعر ،اديب ، ڪهاڻيڪار ، ڊرامانگار ،پروفيسر حساس طبيت جي املهه ماڻڪ پروفيسر محمد علي پٺاڻ به لاڙڪاڻي جي معزز شخصيت حبيب الله پٺاڻ جي گهر کان ڇنڇر ڏينهن 3فيبروري سال1962ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ،سندس شعور جو ڏيئو جڏهن ٻرڻ لڳو ته والد صاحب سهڻي تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول محله (غوث پور) لاڙڪاڻي ۾ داخلا وٺي ڏني جتان هن محنتي محمد علي پٺاڻ سنڌي پنج درجا پاس ڪري سيڪنڊري تعليم لاءِ هڪ وک اڳتي وڌائيندي گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي منجهان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو ، حبيب الله پاڻ ضاحب هن جو والد سندس وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا وٺي ڏني جتان هن محنت سان انٽر جو امتحان پڻ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ بي_اي، ۽ ايم _اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري منجهان حاصل ڪئي ، سنڌ جي هن حساس، ڪومل جذبن ۽ پيار ،محبت جي سيبتي ،سهڻي شاعر پنهنجي تخليق جو اظهار، پنهنجي من جو آواز شاعري جي صورت ۾ سال 1974ع کان ڪيو محمد علي پٺاڻ صاحب زندگي جي مختلف روپن ،کي پيار، محبت ۽ سونهن کي پنهنجي زباني هن طرح بيان ڪري ٿو

    لفظ آهن، شڪايتون آهن .

    ماٺ جون لک هدايتون آهن ،

    توڙي ڏسجي به ڪنڌ هيٺ ڪري ،

    ريت آهي ، روايتون آهن .

    محمد علي پٺاڻ نئين ٽهي جي شاعرن ۾ پنهنجي شاعري وسيلي پاڻ مڃرايو آهي سندس شاعري منجهان معاشرتي رنگ تمام عيان نموني ملي ٿو هي سهڻو شاعر عام ماڻهو جي زندگي جي عڪاسي اعلي نموني سان بيان ڪري ٻڌائي ٿو ته

    بي وسي ڇا ڪبي؟

    بي حسي ڇا ڪبي ؟

    موت جي وات ۾ ،

    زندگي ڇا ڪبي؟

    محمد علي پٺاڻ صاحب سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ لاءَ هميشه پنهنجي ڏات مان ڪم سال 1974ع کان 2017ع تائين وٺندو پيو اچي هن سنڌي ادب جي نثري صنف ۾ پاڻ مڃرايو آهي سنڌ جي مختلف اخبارن ،رسالن ، ميگزين ۾ سوين تحقيقي ،اصلاحي ،سماجي ڪالم لکي چڪو آهي ، ان کانسواءِ محمد علي پٺاڻ صاحب ڪيتريون ڪهاڻيون ، ناول ،ڊراما لکي فن جي دنيا کي زينت بخشي آهي ،سندس ڊرامن منجهان (اڇي رات ڪارو چنڊ) ۽ انصاف ڊراما سيريز کان علاوهه 20 کن کان مٿي سولو پلي سنڌ جي مختلف ٽي _وي چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن محمد علي پٺاڻ صاحب کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس هڪ ڊرامو (وهڪرو ) نالي سان بغير ڊائلاگن سان به آهي محمد علي پٺاڻ صاحب سنڌي ادب جي جهول ۾ هن وقت تائين 10 ڇپيل ڪتاب ڏئي مسلسل جهدوجهد جي علامت ظاهر ڪري سنڌي ادب ۾ پنهنجي ڏات کي جرڪايو آهي ، سنڌ جي هن حساس طبيت جي شاعر جي شاعر سنڌ جي مختلف فنڪارن جهڙوڪ عاشق نظاماڻي ، سرمد (سنڌي ) ،شبانه ڪوثر ، رحمت علي ميرالي ، شفيق منگي ، محمد بچل عباسي ، نظير سمون سهڻو شيخ پڻ ڳائي ريڊيو، ٽي _وي تي محمد علي پٺاڻ جو نالو نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه محمد علي پٺاڻ صاحب وقت به وقت ڏات پبليڪيشن لاڙڪاڻو ، مرڪ پبليڪيشن ۽ ماهوار ڪونج رسالي منجهه ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو آهي سندس ادبي پورهي جو وجور هن طرح آهي پهريون ڪتاب (اکيون آلا چنڊ شاعري سال 1988ع عاشورا آهن شاعري 1995ع اگهيا اوجاڳا شاعري 2000ع ڀڳو آرس اکڙين شاعري 2001ع فلٽرنگ فيلنگس انگريزي شاعري مرتجم (ڄام جمالي )2011ع مسافتون ياد جون (ڪوتا ناول 2013ع مسافتين ياد ڪي (اردو ) ترجمو ننگر چنا 2015ع اڇي رات ڪارو چنڊ ٽي _وي ڊراما سيريز 2016ع مونکي آهه اٿاريو شاعري 2016ع ميندي لهڻ کان اڳ ۾ ڪهاڻيون 2016ع ان کان علاوهه محمد علي پٺاڻ صاحب ٻه ڪتاب ٻيا به ترتيب ڏنا جن ۾ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي صاحبه جي آتم ڪهاڻي (جيڪي هلن هيکليون ۽ سنڌ جي مهان اديب سوڀي گيانچنداني جي آتم ڪهاڻي (روشني جي پنڌ ۾ ) پڻ لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو پڻ ڪيو آهي سنڌ جي هن مهان اديب سال 1987ع ڌاري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو سندس اولاد ۾ هڪ نياڻي ( روحي بانو پٺاڻ ) آهي جهن سان لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ زندگي جا پل گذاري رهيو آهي هي عظيم انسان عظيم ليکڪ ،اديب ، شاعر ، ڪهاڻيڪا ، ڊرامانگار اڄ ڏينهن تائين مسلسل سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر اچي ٿو هو اڃان تائين جهدو جهد جي علامت بڻيل آهي ء۽ ڪڏهن ٿڪو ناهي هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سنڌي شعبي منجهه پنهنجا درس تدريس جا فرض انتهائي ايمانداري سان سر انجام پيو ڏئي ، ڌڻي در دعا آهي ته هو سنڌي ادب جي جهول پنهنجي ڏات سان ڀري سندس اڄ زندگي جون 55 بهارون ڏسي چڪو آهي اڄ جنم ڏينهن تي سنڌ جا سڀ اديب ،شاعر ادبي لڏي جا دوست سالگره مبارڪون پڻ چوندا . محمد علي پٺاڻ شاعري جي واري زبان ۾ چوي ٿو ته

    لڙڪن جي برسات، اسان کي رڻ ۾ رولي وئي

    جنهن سان ميل نه ٿيڻو آهي

    تنهن جي ئي فڪرات، اسان کي رڻ ۾ رولي وئي


    راقم الحروف مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين محمدعلي پٺاڻ صاحب منهنجو ادبي دنيا جو استاد آهي منهنجون سموريون دعائون سندس لاءِ ته هو هميشه خوش هجي ۽ پنهنجي ادبي پورهي قلم سان اڃا به سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ​
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو