سِڪَ سِڪَندِيُنِ لَاھِ، وِڇَوڙِيَا مَيڙِ پِرِين اَيڏِي سَگَھ سَچَا ڌَڻِي!، تَوئي کَي جُڳَاءِ تَنُ جِنِين جَو طَالِبُو، مِهِرَ تَنِين کَي پَاءِ مَيڙَائَي جَو مَاءِ، ڪَانگُ لَوَندَو ڪَڏَهِين سُرُ سُهِڻِي سِڪَندِيُنِ = سڪڻ وارين وِڇَوڙِيَا = وڇڙيل، جن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا مَيڙِ = ملاءِ، ملاقات ڪراءِ سَگَھ = طاقت سَچَا ڌَڻِي = مولا پاڪ جي ذات تَوئِي کَي = توکي ئي، صرف توکي جُڳَاءِ = جڳائي ٿي، تون ايئين ڪري سگهين ٿو تَنُ = جسم، بدن، دل طَالِبُو = طالب، طلب رکندڙ، اُڪِيرَ رکندڙ مِهِرَ = تَرِسُ، رحم، ڀلائي پَاءِ = وِجِهينسِ، ڏِينسِ مَيڙَائَي = ميلاپ، ملاقات، وِصَالُ مَاءِ = ماءُ، جيجل امڙ لَوَندَو = ٻوليندو بيت جو پس منظر ~ جيڪي وڇڙي ويا آهن انهن کي ملائي سِڪَ واريُنِ جي سڪ پوري ڪر. ~ اِها طاقت تہ مولا پاڪ صرف تنهنجي ئي ذات کي ٿي سُونهَين. ~ جَنِ جِي جسم کي اُڪير آهي تَنِ جَي دل ۾ ترس پيدا ڪر. ~ او جيجل امان! اُهو ملاقات ڪرائڻ وارو ڪانگ ڪڏهن ٻوليندو. سمجهاڻي او مولا پاڪ جي ذات ! اُهي محبوب وري ڪڏهن ملندا جن کي جدا ٿئي سال لنگهي ويا آهن تہ ساڻن ملاقات ناهي ٿي، ۽ نہ وري هو پاڻ ئي اچڻ جي ٿا ڪن. هي جسم، جان، جيرا، بڪيون، دل ۽ اکيون انهن جي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن. او ڪائنات جا مالڪ ! تون ئي سڪ واريُنِ جي سڪ پوري ڪندو آهين. تون ئي وڇڙي ويلَ ملائيندو آهين. اِها طاقت تہ صرف تنهنجي ئي ذات کي حاصل آهي. او سائين! تون ئي محبوبن جي دل ۾ ترس پيدا ڪر، ڪو روح ۾ رحم ڏِينِ تہ من اچڻ جي ڪَنِ. ڇو تہ تون ايئين ڪري سگهين ٿو، سڀ ڪجھ تنهنجي ئي اختيار ۾ آهي. او جيجل ماءُ! اِهو تہ ٻڌاءِ اُهو محبوبَ سان ملاقات ڪرائڻ وارو ڪانگ ڪڏهين اسان جي ڀت تي ٻوليندو؟ تہ ها هاڻي محبوب اَچَنِوَ پيا جن لاءِ سڪندا هيئو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل