سنڌي ادبي ورلڊ ائسوسيئيشن جي چوٿين سالگرھ

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي ورلڊ ائسوسيئيشن جي چوٿين سالگرھ

    6 فيبروري 2015ع (جمعي ڏينهنُ) شامَ5:00 وڳي ـــ ممتاز مرزا آڊيٽوريم

    ۾ ملهائي رهيا آهيون. جنهن ۾ ساوا جي سالگرههَ جو ڪيڪُ پڻ ڪاٽيو ويندو ـــ جنهن کانپوءِ مشاعري جي محفل ٿيندي. جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا شاعر پنهنجي شاعري پيش ڪندا. اوهان کي شرڪتَ جي ڪوٺَ ڏجي ٿي.

    هدايت بلوچ
    چيئرمين،
    سنڌي ادبي ورلڊ ائسوسيئيشن

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي پروگرام ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، اسحاق انصاري ، ڊاڪٽر ايوب شيخ جن خصوصي طور شامل ٿيندا، جڏهنن ته مشاعري ۾ امداد حسيني، عبد الغفار تبسم، ادل سومرو، سلطانا وقاصي، هدايت بلوچ، سميع بلوچ، مسرور پيرزادو، امر پيرزادو، شاهجهان سميل، مرتضى شيخ، مجيب سنڌي ۽ ٻيا شاعر پنهنجي شاعري پيش ڪندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين هڪ يادگار پروگرام ....پر افسوس مان ڪن مجبورين سبب نه اچي سگهيس ...توهان جي طرفان معلومات فيس بڪ تي ونڊيل آٿت ڏني وڻيو ...سنگت جو صلاحو ۽ اونو به وڻيو بيحد بي مثال ڪاوشون ڪوششون ۽ ساڃاه ...شل سنڌ سلامت رهي سنڌي منهنجا شاد وآباد رهن پنهنجوادبي پورهيو سنڌ ،سنڌي ماڻهن لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي ....آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    6 فيبروري 2015ع تي سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه تقريب ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ملهائي وئي. جنهن ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ سان گڏ محفل مشاعرو به ٿيو. ان موقعي تي ادل سومري، سميع بلوچ، حميد ڀٽو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، اڪبر لغاري، ساوا جي چيئرمين هدايت بلوچ پنهنجا خيال اوريندي چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن ترقي يافته دور ۾ سنڌي ادب کي اديبن کي عالمي طور پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ ساوا سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. مقررن چيو ته اسان کي گهرجي ته وڌ کان وڌ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليء لاء هن جديد دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي تڪڙيون وکون کڻي ٻولي ۽ ادب کي پاڻ ڀرو ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي ناميارن اديبن نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو سنڌي ٻولي لاء ڪمپيوٽر تي گهڻو ڪم ڪن ۽ ٽيمون ٺاهي ڪم کي ونڊي ورڇي ڊسيپلين سان ڪم ڪن. ساوا ترجمان سليمان وساڻ ۽ ساوا جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار بهڻ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي ٺهڻ، چيلينجز ۽ ڪيل ڪم بابت به تفصيل ڏنا ۽ ساڳي وقت ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ ۽ تيز رفتار تبديلين سبب سنڌي ٻولي کي درپيش چيلينجز بابت به اديبن کي آگاهي ڏني ۽ ان لاء تڪڙا قدم کڻن جي گهر ڪئي.
    مشاعري جي محفل ۾ عبد الغفار تبسم، ادل سومري، هدايت بلوچ، سميع بلوچ، جميل سومرو، سجاد ميراڻي، ذوالفقار بهڻ، رکيل مورائي، غوث پيرزادي، اظهر ٻانڀڻ، نصير سومري، شاهجهان سميل، رحمت پيرزادي ۽ مسرور پيرزادي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. پروگرام ۾ هندستان مان ساوا چيئرپرسن اندرا شبنم پوناوالا آنلائين شرڪت ڪري پنهنجي شاعري پڻ پيش ڪئي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي موجود آهن
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    ڏاڍو سٺو پروگرام ٿيو آهي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه ۽ محفل مشاعرو

    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ


    سوشل ميڊيا ذريعي چار سال اڳ وجود ۾ ايندڙ شاعرن ۽ اديبن جي عالمي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه تقريب 6 فيبروري 2015ع تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ملهائي وئي. هن تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ سان گڏ محفل مشاعرو به ٿيو. هن تقريب جي تقريرن جي نشست جي صدارت ساوا جي چيئرمين هدايت بلوچ ڪئي جڏهن ته ادل سومرو خاص مهمان هيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن صحتمند سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ واڌارو اچي. هدايت بلوچ پنهنجي تقرير ۾ تنظيم جي ڪيل ڪم بابت ٻڌائيندي چيو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن دنيا خاص ڪري هند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي ملائي سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. هن چيو ته نوجوان ٽيڪنالاجي جي فائدن کان واقف آهن ۽ اهي ئي وڌيڪ سرگرميون پيا ڪن. خاص مهمان ادل سومري چيو ته سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ کان پوء سنڌ، هند ۽ سنڌ کان ٻاهر ويل شاعرن ۽ ليکڪن جو پاڻ ۾ رابطو رهي ٿو ۽ هو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان با خبر رهن ٿا. ادل سومري چيو ته هن دفعي هند جي دوري وقت اها ڳالهه محسوس ٿي ته اتي اسڪول ته سٺا آهن پر اتي سنڌي ٻولي ڪانهي، سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ جو رجحان اتي تيزي سان گهٽ پيو ٿئي، تنهنڪري ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي سکڻ جا موقعا ڪڍڻا پوندا. هن ساوا جي تعريف ڪندي چيو ته محدود سرگرمين باوجود ادب دوستن کي ملائڻ ۾ هن تنظيم سٺو ڪم ڪيو آهي. عبد الغفار تبسم چيو ته سنڌي شاعري، ڪهاڻين، وڊيوز ۽ ڪتابن کي تڪڙي ۽ سولي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا اڳتي رهي ٿي، تنهنڪري اسانکي به ٽيڪنالاجي سان گڏ ترقي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي هن قسم جا ميڙاڪا جلدي جلدي ڪرڻ گهرجن. شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر سميع بلوچ چيو ته اسان جو ڪم هاڻ صرف سالگرهون ملهائڻ يا ورسيون ملهائڻ کان اڳتي وڃڻ گهرجي ۽ دنيا جي سنڌين کي ملائي ڪا اهڙي سرگرمي ڪجي جيڪا تبديلي آڻي. هن چيو ته سچ اهو آهي ته سنڌ سلامت ۽ سليمان وساڻ جيڪو ڪم ڪري پيو اهو منفرد ڪم آهي، ان ۾ سندن مدد ڪڻ گهرجي. نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ اڪبر لغاري چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي عالمي ادبي تنظيمون آهن جن جا سڄي دنيا ۾ ميمبر رهن ٿا ۽ اهي سوشل ميڊيا تي به گهڻو سرگرم رهن ٿا پر افسوس جو اسان ان معاملي ۾ گهڻو پوئتي آهيون. اڪبر لغاري چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ساوا هر سال اسانکي گڏ ڪري پاڻ ۾ ملائي ٿي پر پوء به تنظيم کي تڪڙيون وکون کڻڻ ۽ تڪڙا پروگرام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحافي، ليکڪ ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته خوشي آهي جو اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا ۽ تنظيمن ۾ سرگرم آهن ۽ ڪراچي جي ادبي ميڙاڪن ۾ شامل هجن ٿا پر پوء به ڪم کي سائنٽيفڪ انداز سان ونڊي ورڇي پنهنجي حصي جو مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي لکڻ کپي ۽ اخبارون سڀني کي اسپيس ڏين پيون. پاڻ چيائون ته اسان کي ريڊرز ڪلب قائم ڪرڻ، ويبسائيٽس ۽ ادبي ڪم کي انٽرنيٽ تي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته جڏهن تازو هو هندستان جي دوري تي ويا ته اتي به هن تنظيم جون سرگرميون نظر آيون ۽ هتي ڪم ڪندڙ دوستن بابت نيڪ خواهشون ۽ تحفا مليا جيڪا اتساهيندڙ ڳالهه آهي. ان کان اڳ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بِهڻ تنظيم جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪيل ڪم بابت تفصيل ڏنا ۽ سوشل ميڊيا ۽ عالمي ادب جي اهميت تي روشني وڌي. ساوا جي ترجمان محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي تفصيلي طور سنڌي ٻولي، ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ درپيش چيلينجز بابت سڀني دوستن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته جتي ٽيڪنالاجي تبديل ٿئي پئي، سمارٽ فونز، ٽيبليٽ جو دور اچي پيو اتي سنڌي ٻولي کي انهن جديد ڊوائيسز ۾ استعمال ڪرڻ لاء ڪيئي ڏکيايون درپيش آهن. انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ادبي ادارن ۽ دانشورن کان تڪڙا قدم کڻڻ جي گهر ڪئي. هن ٻڌايو ته ساوا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، آنلائين ڪتاب گهر، تاريخ جي دري، شاعري، ڪالم، ڪهاڻين ۽ سنڌي شخصيتن بابت تعارف کي سهيڙي پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ ۾ پيش پيش آهن. ان موقعي تي اسد ممتاز رڏ شاهه جا بيت پيش ڪيا.

    تقريرن جي نشست کانپوءِ ساوا جي چوٿين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مشاعري جي محفل ٿي. مشاعري جي محفل جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي. ان موقعي تي عبد الغفار تبسم، ادل سومري، هدايت بلوچ، سميع بلوچ، گهوٽڪي مان آيل شاعر جميل سومري، سجاد ميراڻي، ذوالفقار بهڻ، رکيل مورائي، غوث پيرزادي، اظهر ٻانڀڻ، نصير سومري، رحمت پيرزادي ، شاهجهان سُميل ۽ مسرور پيرزادي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. پروگرام ۾ هندستان مان ساوا چيئرپرسن اندرا شبنم پوناوالا آنلائين شرڪت ڪري پنهنجي شاعري پڻ پيش ڪئي. پروگرام ۾ شاعرن، اديبن، صحافين، سوشل ميڊيا جي دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ خيرپور کان ممتاز رڏ، دوبئي کان سارنگ سنڌي، پي ٽي وي نيشنل جو پروگرام مينيجر هارون جمالي، ساگر سهندڙو، حنيف انصاري، آصف علي جهتيال، سليم قريشي، حنيف ٻگهيو، ابراهيم صالح محمد هنڱورو، اظهار پيرزادو، غلام مرتضى وساڻ، شاهه محمد سڌايو، بخش مريد روجهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 22 فيبروري 2015ع.

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو