گَهرُ نَہ وَرُ، وَٿُ ڪَا، آهِمِ مَنُ مَيهَارُ اِنَ اَوسِيَڙَي اُٿِيَان، سَنجَهي ڪَرَي سِينگَارُ پِرِين! تُنهِنجَو پَارُ، پَسَان مَانَ پَرِ ڪَنهِين سُرُ سُهِڻِي وَرُ = مڙس، ڪانڌ، ڀَتَارُ وَٿُ = شيءَ، شَئَي آهِمِ = آهيم، مون کي آهي مَنِ = مَنَ ۾ ، دل ۾ اَوسِيَڙَي = انتظار ۾، خيال ۾، ڳڻتيءَ ۾ اُٿِيَان = اُٿَان، تيار ٿيان سَنجَهي = سومهڻيءَ سِينگَارُ = هار سينگار، ويس وڳا، زيبائش، ميڪ اپ پَارُ = طرف، نشان پَسَان = ڏسان مَانَ = مَنَ، جيڪر، هوند پَرِڪَنهِين = ڪنهن ريت، ڪنهن طريقي بيت جو پس منظر ~ منهنجي دل ميهارَ سان آهي، باقي گهر، مڙس يا ڪنهن ٻي شئي سان واسطو ناهي. ~ ان فڪر ۾ هوندي آهيان تہ ڪڏهن ٿو سج لهي سومهڻي ٿئي تہ ويس وڳا ڍڪي سينگارَ ڪري محبوب ڏي وڃان. ~ او پرين! شال ڪنهن بهاني سان رڳو تنهنجي طرف پهچان. سمجهاڻي سهڻيءَ جي جيتوڻيڪ ڏَمَ سان شادي ٿيل هئي پر سهڻي ڏم کان نفرت ڪندي هئي.ڇوتہ ڏم سان شاديءَ کان اڳ سهڻي ميهارَ سان پيار ڪندي هئي.پر اڄ ڪلھ جي مدي خارج، پراڻين ريتن رسمن وانگر ان وقت به سهڻيءَ جي ميهار سان شادي ڪرائڻ جي بجاءِ ڏم سان زبردستي پرڻائي وئي. سهڻي ڏَمَ کي پنهنجو مڙس ۽ سندس گهر کي پنهنجو گهر مڃڻ لاءِ تيار ناهي.تڏهن تہ چئي ٿي منهنجو ڪوبہ مڙس، گهر ۽ ٻيو ڪو سهارو ناهي.منهنجي مَنَ جي مندَرَ ۽ دل ۾ تہ صرف ميهارُ ئي وسي ٿو. تنهنڪري تہ سومهڻيءَ جو ئي ويس وڳا ڍڪي، خوشبودار تيل لڳائي، ميندي ۽ مساڳ هڻي پنهنجي محبوب سان ملڻ جي لاءِ تياري ڪيان ٿي.منهنجي تہ هر پل اِها آس رهي ٿي تہ شال ڪنهن بہ ريت محبوب ميهار جو وٿاڻ پسان. ڀٽائي هن بيت ۾ وڏيرڪي سماج جي گندين رسمن کان سهڻيءَ جي ڪردار ذريعي بغاوت جو اظهار ڪيو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل