محمد عثمان ڏيپلائي [ ولادت 1326هه = 1908ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (1) ۾ 1326هه مطابق 1908ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو. (2)
لکڻ جو ڏانؤ هٿ ڪري، ننڍا ننڍا مضمون مختلف رسالن ۽ اَخبارن ڏانهن موڪلڻ لڳو. سندس پهريون مضمون دهليءَ مان نڪرندڙ اردو اخبار ”مادي“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جي ڄڻڪ کيس لکڻ جي دعوت ڏني. پوءِ ته ”ترقي“ ۽ ”علمي دنيا“ جهڙن ماهوار رسالن ۾ ڪثرت سان مضمون ۽ افسانا به ڇپجندا رهيس. ”چنڊ سهڻو يا انسان“ سندس پهريون ڇپيل افسانو آهي. اهڙيءَ طرح ”غيرت“ عرف ”نور جهان“، سندس پهريون عام ناٽڪ آهي. هينئر ڏيپلائي صاحب ننڍن مضمونن ۽ مختصر افسانن لکڻ مان ڪتابن جو مصنف بڻجي پيو؛ جنهن ڪري ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ 1934ع ۾ ”قرآني دعائون“ نالي پهريون مذهبي ڪتاب منظر عام تي آندائين – 1938ع ۾ خير محمد نظاماڻيءَ سان ميرپورخاص ۾ واقفيت ٿيس؛ جنهن جي صلاح سان ”مجاهدانه اِسپرٽ“ وارا ”اسلامي ناول“ لکڻ شروع ڪيائين. (3) ستت ئي ”اسلاميه دار الاشاعت“ نالي ننڍو علمي ادارو قائم ڪري، هن سلسلي کي تقويت ڏنائين؛ ۽ گهڻن ئي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو.
سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، اُها آهي ”پيري – مرشديءَ جي کلم کلا بغاوت ۽ مسلسل قلمي جهاد“. انهيءَ مهم کي تيز ڪندي پاڻ مرشد جي ڪڍ هٿ ڌوئي لڳو؛ ۽ مرشد جي ڏاڙهي، ٽنگ، ٻانهن، ڪنڌ، ڪياڙي، چلم، ٽوپلي ۽ ڪهاڙي وغيره تي به قلم کڻن کان نه گٿو. ايتري قدر جو مرشد جي درگاه ۽ ڪرامت ته ٺهيو، پر سندس گهوڙي، ٻڪر ۽ گڏه به کانئس وانجهي نه وئي. مطلب ته مرشد جي ننڊ، اک، چپ، ڪن، پاٻڙي، درگاه ۽ چاليهي وغيره بابت به ننڍڙا ناول لکي، سنڌ جي ويساه ۾ وسوڙيل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارن کان پڌري پٽ واقف ڪرڻ ۾ جيڪا جاکوڙ ڪيائين، اها سنڌين جي خوشحاليءَ جي حق ۾ ثابت ٿي.
ڏيپلائي صاحب هن وقت پيرسنيءَ جي زندگيءَ ۾ داخل آهي. سندس جملي تصنيفات جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ جي چئي سگهجي ٿو؛ اُنهن مان: سوڊان جي سونهن، گمراه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قرآني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، اورنگزيب جو انصاف، سيرت محمدي، روم جي راڻي، شاه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، سانگهڙ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچيءَ جو ڪوس، سجائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ شاه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز) وغيره لاجواب آهن. هن وقت مستقل طرح حيدرآباد ۾ سڪونت پذير آهي – 1852ع ۾ انسانيت جي معيار ۽ قدرن کي عام ڪرڻ لاءِ ”اداره انسانيت“ قائم ڪيائين؛ جنهن تحت هڪ هفتيوار مخذن ”انسان“ به ڪڍيائين. ڪن ڳالهين ۾ پاڻ ڊاڪٽرن جي مشورن جي ابتڙ به رهيو آهي. مثلاً: ڊاڪٽر چوندا آهن، ته ”هلندي گاڏيءَ ۾ پڙهڻ اکين لاءِ هاڃيڪار آهي“– مگر سندس خيال انهيءَ جي برعڪس آهي، ته ”ويتر نظر تيز ٿئي ٿي!“
ڪتابن لکڻ ۾ به وڏي مهارت ۽ ڦڙتائي هيس. ريل ۾ سفر دوران به هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين ناول مڪمل ڪري ويندو هو. حالانڪ گاڏيءَ ۾ ڪيترو به شور و غل ڇو نه هجي، مگر سندس خيالي قوت کي سولائيءَ سان ڦيرائي نه ٿو سگهي. انهن غير معمولي وصفن جي بناءَ تي ”علامه راشد الخيري“ يا ”قليچ - دوران“ به کيس ڪوٺجي، ته وڏاءُ نه ٿيندو. پاڻ حالات - حاضره کان بالڪل باخبر رهندو آهي. هر ملاقات ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه ضرورت ٻڌائيندو آهي؛ جنهن جي اڳ ڄاڻ نه هوندي آهي.
سنڌ جو هي مايه - ناز ميمڻ مرد مجاهد، طبيعت جو کل مک، ٽهڪن ۽ ٽوٽڪن سان پر گفتار، بهترين دوست، دلي تونگر، بذات - خود هڪ نظريو، هڪ مڪمل ادارو، هڪ جامع لئبرري، هڪ ذهني انڪشاف هجڻ سان گڏوگڏ اديب، شاعر ۽ ”عظيم انسان“ پڻ آهي. شال وڏي ڄمار ماڻي.
______
(1) – جنهن نسبت سان کيس ”ڏيپلائي“ سڏجي ٿو. غالباً 1934ع ڌاري ”سڌ مسلم سوسائٽيءَ“ جي سهڪار سان ”قرآني دعائون“ جي عنوان تحت جيڪو ڪتابچو ڇپيو هو؛ تنهن جي سرورق تي نالي سان گڏ ”ڏيپلائي“ لفظ جو اضافو آيل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”ٽريڊ مارڪ“ طور سندس شخصيت جو مڪمل تعارف بڻجي ويو.
(2) – پاڻ ”فرحت آثار“ نالي هٿ سان اَخبار جيان پرچو لکي، پنهنجن پيارن ساٿين کي پاڙهيندو هو. هن اَخبار ۾ ”نيلوفر بري“ نالي وڏڙن کان ٻڌل ڪهاڻي پڻ قسط وار قلمبند ڪري، دوستن کي خوب وندرائيندو هو.
(3) – ڏيپلائي صاحب انهيءَ ڪم جو آغاز ”سنگدل شهزادي“ نالي سان ڪيو؛ جنهن جو مرڪز ڪردار، منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ”آرمينا کا چاند“ تان ورتائين، جيڪو دراصل عربي ڪتاب ”فتوح العجم“ جو ترجمو آهي.