ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڪيڏانهن پئي وڃي ؟

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اهو به زمانو هو جڏهن ڪمپيوٽر جا شاگرد فلاپي ڊسڪس جو ڍڳ کڻندا ويگنن ۽ بسن ۾ ايندا ويندا نظر ايندا هُئا.
    گذريل ڏهاڪي کان پهرين ڊسڪ آپريٽنگ سسٽم (DOS) جو طوطو ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائيندو هو. هاڻ مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جڏهن ڊاس سکندا هُئاسين تڏهن مغرب ڊاس جو “رام نام ست هي” ڪرائي رهيو هو.پوءِ هيئن ٿيو ته آپٽيڪل ڊرائيو (CD DVDs) اچي ويون.
    الله الله ڪري ڊاس کان جان ڇڏائيسين ۽ هاڻ اسان نئين سرشتي ۾ اچي ويا هُئاسين يعني ڊاٽ نيٽ.
    هاڻ پاڪستان جڏهن ڊاٽ نيٽ ايڪس ۾ گُم آهي ته اسان سان اهو ئي پيو ٿئي جيڪو سنه 95 ۾ ٿيو پئي.
    هاڻ مغرب ڊاٽ نيٽ کي دفنائي اوپن سورس ٽيڪنالاجي ۾ پير پيو ڄمائي.
    پهرين ته هيئن ٿيندو هو ته اسان جا سوال هن طرح هوندا هُئا.
    “توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڪيترا گيگابائيٽس جي هارڊسڪ آهي ؟”
    چاليهه ، سٺ، ۽ ڪو ڪو امير هوندو هو ته چوندو هو هڪ سئو ويھ .
    هڪ سئو ويھ ؟؟؟
    خير پوءِ ڳالهه وڌي وئي، ٽي سئو يا پوءِ پنج سئو ۽ هاڻ ته هڪ هزار ٽيرابائيٽ، ٻه هزار ٽيرا بائيٽ وارا سسٽم به اچي ويا آهن. پهرين ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر، پوءِ ليپٽاپ ۽ هاڻ ڳالهه سنهڙي ٿي وئي. پام ڪمپيوٽر جو دور هلي ويو يعني ٽيبليٽ، سمارٽ فونز وغيره..
    پر هاڻ سوال ٿيو آهي ته ليپٽاپ جي به ضرورت ناهي، ڇو ته انٽرنيٽ جي سهولت ۽ رفتار ٿري جي ۽ فور جي ته زبردست ڪري ڇڏي آهي.
    سو ڪير ٿو هاڻ اهو 4 يا 5 ڪلوگرام وزني مشين کڻي هلي.
    سو هاڻ ائين پيو لڳي ته ليپ ٽاپ به ڪجهه ئي سالن ۾ ائين ئي ناياب ٿي ويندا جيئن اڄ جي دور ۾ پينٽيم ٿري يا فور ڪمپيوٽر.
    [​IMG]
    پر هاڻ ڳالهه ٿي آهي ته سمارٽ فون يا ٽيبليٽ چوري ٿي وڃي، ڦُر ٿي وڃي يا اهو به ته گھڻي کان گھڻي معلومات، فلمون (اهي به هائي ڊيفينيشن ۾) ته ڪيئن اها معلومات هن ننڍڙي اوزار ۾ ايندي ؟؟ ته جناب تصور آيو ته دنيا ۾ ڪير ڳڻي به نه سگھي ايتري وسيع ۽ لامحدود گنجائش وارا رموٽ هوسٽنگ سرور رکيا وڃن جتي ماڻهن جي معلومات ۽ پروگرامنگ محفوظ ٿي سگھي. جنهن کي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جو نالو ڏنو ويو . جنهن جو فائدو هيءُ ٿيو ته هڪ ئي اڪائونٽ سان هرڪنهن پليٽ فارم تي ڪنهن مشين يا هرڪنهن جڳهه تان اهو ميسر هوندو.
    اڃاته صاحبو ترسو.
    پام ٽاپ مشينون (ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون) سان به توهان جان ڇڏائڻ وارا آهيو ڇو ته هاڻي اچي پيو آئي ٽاپ... يعني هڪ عينڪ ، يعني هڪ ڪانٽيڪٽ لينس.. ۽ بس.. جتي دُنيا اُتي زيرا بائيٽس (لامحدود) معلومات زميني سرور جي جاءِ تي هاڻ خلا ۾ موڪليا ويندا، جتي اهو محفوظ به ٿيندا ۽ گھٽ خرچ به ٿيندو.
    هاڻ ته نه ونڊوز انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي نه ئي ڪنهن سسٽم جي.. بس هتي توهان چئو هُتي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سسٽم چوندو “جيڪو حڪم منهنجا آقا..! ! !”



    امرفياض جي اسٽيٽس جو ترجمو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاڻ ته نه ونڊوز انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي نه ئي ڪنهن سسٽم جي.. بس هتي توهان چئو هُتي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سسٽم چوندو “جيڪو حڪم منهنجا آقا..! ! !”

    واهه واهه ... تمام سٺي ۽ معلوماتي شيئرنگ ... يار هاڻ واقعي ئي لکڻ نه ٿو ٿئي ۽ ان مشين جو انتظار آهي جنهن کي ٻڌائجي ۽ هوء لکندي وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو