درگاه سچل سرمست جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي انتقال ڪري ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    درگاه سچل سرمست جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي گھڻو عرصو بيما رهڻ بعد انتقال ڪري ويو.

    انا لله و انا اليه راجعون

    ڊاڪٽر سخي قبول محمد تصوف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ملڪ جو واحد گادي نشين هيو جنهن جي تصوف تي وڏي ريسرچ ٿيل هئي . سخي قبول محمد درگاه سچل سرمست جو ڏهون گادي نشين هيو ۽ هو شاه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جو ڊائريڪٽر به هيو. سندس پيدائش 19 جولاء 1965ع ۾ ٿي.

    سخي قبول محمد سان فيسبوڪ تي گهڻو رابطو رهندو هيو. سندس فيسبوڪ اڪائونٽ هن لنڪ تي موجود آهي.

    https://www.facebook.com/sakhi.q.muhammad
    _______
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هنڱورجا (رپورٽ: ڄام محبت سهتو): انا الحق جو سگهارو آواز ۽ درگاهه حضرت سچل سرمست جو 10 هون سجاده نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي 53 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.سخي قبول محمد فاروقي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي علاج هيٺ هو.سخي قبول محمد فاروقي سنڌ واحد سجاده نشين هو جيڪو تصوف تي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي سند رکندڙ هو،سخي قبول محمد فاروقي وڏو ڏاهو انسان هو سخي قبول محمد فاروقي جي انگريزي زبان ۾ سندس صوفياڻي شاعريءَ جو ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو،سخي قبول محمد فاروقي 16 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ سچل سائين جي درگاهه جو سجاده نشين بڻيو، 36 سالن تائين سجاده نشيني جي مسند تي رهيو هو وڏو سچل شناس ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جو ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪو هو سخي قبول محمد فاروقي پوئنيرن ۾ ٻه گهر واريون ٽي ڌيئر ۽ ٻه پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن جن ۾ خواجه عبدالحق ۽ خواجه نظر الحق شامل آهن.سخي قبول محمد فاروقي جو اڄ ڪراچيءَ کان درازا شريف آندو ويندو جتي سندس جنازي جي نماز ادا ڪئي ويندي.سخي قبول محمد فاروقي جي لاڏاڻي جي خبر خيرپور ضلعي ننڍن وڏن شهرن علمي ادبي حلقن ۽ سياسي اڳواڻن ۾ ڏک جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي.سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل،سنڌ سنگيت ڪار ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالغفور سومرو ۽ علم دوست ادبي سنگت جي چيئرمين حزب الله آءِ سومرو پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ جي ميمبرن ايم اين اي سيد نفيسه شاهه،نواب خان وساڻ، درگاهه هنڱورجا جي سجاده نشين ۽ ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري،ناليواري اديب مختيار ملڪ،سنگت ضلعي خيرپور جي رابطه سيڪريٽري ڄام محبت علي سهتو،خيرپور پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري خادم ڪلهوڙو ۽ ٻين پاران سخي قبول محمد جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سخي قبول محمد فاروقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 فيبروري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    خدا کيس جنت ۾ جا نصيب فرمائيس
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ انجي روح کي راحت نصيب ڪري
     
  5. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    الله پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ انجي پوئرن کي صبر جي توفيق ڏي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو