وَرُ اُوندَاهِي رَاتِڙِي، کُوءِ چَانڊَوڻِيءَ چَانڊَان اَورَي مَيهَارَان، مُنهُن مَ پَسَان ڪَو ٻِيَو !! سُرُ سُهِڻِي وَرُ = موٽي آءُ پر هتي معني' ٿيندي ڀلي، هميشھ کُوءِ = کَڏَ ۾ پئي چَانڊَوڻِي = چانڊوڪي، چنڊ جي روشني چَانڊَان = چانڊوڪيءَ کان اَورَي مَيهَارَان = ميهار وٽ پهچڻ کان اڳ مَ = نہ بيت جو پس منظر ~ اهيا چانڊوڪي وڃي کڏ ۾ پئي. چانڊوڪي رات کان تہ بهتر اُونداهي رات آهي. ~ ڇو تہ ميهار سان ملڻ کان اڳ متان ڪنهن ڌارئي ماڻهونءَ تي نہ نظر پئجي وڃي. سمجهاڻي آڳاٽي زماني ۾ جڏهن اڃان بجليءَ جو تصور بہ نہ هيو تہ روشني باھ، ڏِيئي، چمني، لالٽين ۽ چنڊ ذريعي حاصل ڪئي ويندي هئي. چنڊ ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ ۾ ڏات ڌڻين لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو آهي. محبوب کي چنڊ سان ڀيٽا بہ ڏني وئي تہ وري محبوب کي چنڊ کان مٿاهون بہ سڏيو ويو.چنڊ ذريعي محبوب کي ميارون، شڪايتون، نياپا، سنيها ۽ پيغام بہ پهچايا ويا.محبوب سان ملڻ وارن عاشقن وري چانڊوڪي رات کان اُونداهي رات کي ترجيح پئي ڏني آهي. هن بيت ۾ سهڻي چانڊوڪيءَ تي ڪاوڙيل ٿي ڏيکارجي ۽ اُونداهي رات کيس وڻي ٿي. سهڻي چئي ٿي تہ اها چانڊوڪي جيڪر کڏ ۾ وڃي پئي. سدائين اُونداهيون راتيون هجن. چنڊ اڀري ئي نہ تہ جيئن محبوب ميهار سان هر رات ملاقات ٿئي.جي چانڊوڪي هوندي تہ ميهار سان ملڻ کان اڳ ڪو ٻيو نہ مُنهِن پئجي وڃي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل