ناصر قاضي ميرپورخاص لاڙ جي پڇاڙيءَ جو اهو خوبصورت خطو آهي، جتي واهوندا پنهنجا پساهه ڇڏيندا آهن. سموري سال ۾ رُت ڀلي ڪهڙي به هجي، ميرپورخاص سدائين پيو مرڪندو رهندو آهي. ٿر، ريگستان، وچولي ۽ لاڙ جي گڏيل رچيل اثرن واري هيءَ مٽي بنهه زرخيز آهي، جتي ساوڪ ۽ سرسبزي يقيني طور تي فردوس جي عڪاسي پئي ڪندي آهي. جتي ميرپورخاص هوائن ۽ فضائن جي ڪري ناماچار آهي، اتي هي سرسبز ۽ شاداب علائقو باغبانيءَ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ ميرپورخاص جي باغبانيءَ جو جڏهن به حوالو ڏجي ٿو ته خاص طور تي هتان جا انب ڪا اڻ وسرندر سوغات بڻجيو وڃن ٿا. هتان جي انبن جي جنس ڀلي ڪهڙي به هجي، پر سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين به سانوڻ جي مند ۾ هتان جي انبن لاءِ دسترخوان ضرور پٿيربو آهي. ميرپورخاص جي مٺڙن ۽ رسيل انبن کان به وڌيڪ رچيل، رسيلي ۽ مٺڙي آواز جي مالڪ راڳيءَ استاد حنيف لاشاريءَ ميرپورخاص جي ڀرسان سنڌڙي انبن جي انبارن وچ ۾ واقع ڳوٺ شاهه بخش لاشاريءَ ۾ اٺين سيپٽمبر 1963ع تي محترم حاجي محمد پريل لاشاريءَ جي اڱڻ تي اکيون کوليون. سندس ڇٺيءَ جو نالو محمد حنيف رکيو ويو. نصابي حوالي سان پاڻ پرائمريءَ جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، پنهنجي ڀرسان واري هڪ ٻئي ڳوٺ ڪاٺڙيءَ مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد مئٽرڪ توڙي انٽر ميرپور خاص مان پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي ۽ بعد ۾ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (ايڪنامڪس) جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ پاڻ پهرين جنوري 1988ع کان اڄ تائين پاڪستان اسٽيل مل ڪراچي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته استاد حنيف لاشاريءَ کي سر وارو سريلو وکر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ورثي ۾ مليو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سندس اصلوڪو ڳوٺ ۽ ناناڻڪو توڙي ڏاڏاڻڪو ڏيهه سهڻي سنڌ جو سهڻو شهر جيڪب آباد آهي، جتي سندس والد صاحب حاجي محمد پريل لاشاريءَ جو سئوٽ افضل فقير لاشاري رهندو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو صوفي راڳي پڻ هو ۽ پنهنجي انس توڙي عشق جي آڌار تي ويراڳ جو ورد ورجائيندو رهندو هو. استاد حنيف لاشاريءَ جو ننڍپڻ ۾ جڏهن به جيڪب آباد وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن پنهنجن هڪ جيڏن توڙي هم جولين بجاءِ پنهنجي چاچي افضل فقير سان وڌيڪ ويجھو هوندو هو، جنهن سان ڪچهريون ڪندي ۽ ان جو راڳ ٻڌي سندس روح ۾ موجود راڳي به ريجھندو رهندو هو. اڳتي هلي 1977ع ڌاري، جڏهن استاد حنيف لاشاري ستين درجي جو شاگرد هو، تڏهن هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ ڪا شاديءَ جي محفل منعقد ٿي، جنهن محفل ۾ ٻڌڻ جي حد تائين کيس به شريڪ ٿيڻ جو اتفاق ٿيو. پاڻ ان محفل ۾ ننڍي کنڊ جي مهان ڪلاڪار خانصاحب استاد منظور علي خان ۽ سينگار علي سليم کي روبرو ڏٺائين ۽ ٻڌائين. استاد حنيف لاشاريءَ اها محفل ڇا ٻڌي، بس! پوءِ ته استاد منظور علي خان جي شخصيت توڙي فن جو دل سان ديوانو ٿي پيو. اهڙي محفل ٻڌندي ئي استاد حنيف لاشاريءَ جي دل ۾ ان خواهش جنم ورتو ته: جيڪر استاد منظور علي خان جهڙي عظيم ڪلاڪار جي سرپرستيءَ هيٺ سرن جي سکيا حاصل ڪجي. موقعي کي غنيمت سمجھندي، ساڳئي محفل جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڻ محفل جي ميزبانن جي مهمان خاني تي استاد منظور علي خان سان ملاقات لاءِ حاضر ٿيو ۽ کيس پيرن تي هٿ رکي، ادب سان سلام ڪيائين. نئين آيل ٻالڪ ملاقيءَ جو استاد آڌرڀاءُ ڪندي، کانئس جڏهن رسمي تعارف پڇيو ته استاد حنيف لاشاريءَ پنهنجو تعارف ڪرائي، سندس خدمت ۾ راڳ ۾ رهنمائيءَ واري خواهش عرض رکي. شفيق ۽ محبتي استاد شفقت ۽ محبت سان موٽ ڏيندي جڏهن کانئس پڙهائيءَ بابت پڇيو ته جواب ۾ استاد حنيف لاشاريءَ ستين ڪلاس جي شاگرد طور پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جي جواب ۾ استاد منظور علي خان کيس في الحال ٻاراڻي عمر اڪارڻ، پڙهائي جاري رکڻ ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بعد سکڻ لاءِ وٽس اچڻ جو فرمان صادر ڪيو. ان وقت استاد حنيف لاشاريءَ پنهنجي استاد جي پهرين فرمان کي اکين تي رکي واپس ڳوٺ ڀيڙو ته ٿيو، پر سندس اندر ۾ موجود ڪلاڪار وري کيس پنهنجي ڏاڏاڻڪي ڏيهه جيڪب آباد وٺي آيو، جتي پنهنجي چاچي افضل فقير جي ڄاڻ سڃاڻ سان جيڪب آباد جي سگھاري سنگيتڪار استاد بچل خان ٻرڙي جي دروازي تي دل سان دستڪ ڏيئي، سرن جي صدا ڏنائين ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ راڳ جون رمزون پروڙڻ شروع ڪيائين. استاد حنيف لاشاريءَ جيڪب آباد ۾ رهڻ دؤران سکڻ کي پنهنجو مقصد سمجھندي ڏينهن رات کوجنا واري عمل مان گذرندو رهيو ۽ سندس نصابي تعليم وارو سلسلو به جاري رهيو. سکڻ جي حوالي سان پاڻ استاد بچل خان ٻرڙي جي اجازت سان ئي سنڌ توڙي بلوچستان جي تمام قدآور ڪلاڪار خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي جي رهنمائيءَ ۾ رهي وٽانئس به ڪافي ڪجھه پرايائين. استاد حنيف لاشاريءَ راڳ سکڻ سان گڏوگڏ هوڏانهن تعليمي سلسلو به جاري رکندي، 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، جڏهن پنهنجي روحاني استاد خانصاحب منظور علي خان جي حڪم مطابق سندس خدمت ۾ ٻيهر حاضري ڀرڻ جي تياري ئي ڪري رهيو هو ته سنڌ جو سدا سريلو ڪلا ڌڻي خانصاحب استاد منظور علي خان 09 سيپٽمبر 1980ع تي ابدي آرام ماڻي حق سان وڃي هڪ ٿيو، ان صدمي موسيقيءَ جي مڙني مداحن سان گڏوگڏ استاد حنيف لاشاريءَ کي به ڏکارو ۽ مايوس ڪري ڇڏيو. مايوسيءَ جي ان عالم ۾ پنهنجي روحاني استاد سان عقيدت جو اظهار ڪندي، سندس يادن کي زندهه رکڻ واسطي ريڊيو ٻڌڻ طرف راغب ٿيو ۽ ان دؤران ريڊيو تي خانصاحب استاد منظور علي خان جا ڳايل يادگار اسم پوري چاهه سان ٻڌندو رهندو هو. استاد حنيف جي هردي ۾ استاد منظور علي خان سان محبت ۽ سڪ ايتري ته سرس ٿي چڪي هئي، جو جڏهن به استاد منظور علي خان جو آواز ريڊيو تي هلندي ٻڌندو هو ته سرير جي سماعتن سان پري کان سمجھي ويندو هو ته هي آواز استاد منظور علي خان جو ئي آهي. اهڙي ئي نموني هڪ ڀيري پاڻ ريڊيو تي هلندڙ هڪ آواز کي استاد منظور علي خان جو آواز سمجھي ٻڌي رهيو هو ته ڪلام ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ان ڪلاڪار جو نالو ٻڌائين ته اهو استاد منظور علي خان جو نه پر سندس ئي شاگرد خانصاحب استاد گلزار علي خان جو آواز هو. استاد حنيف لاشاريءَ ريڊيو تي پهريون ڀيرو استاد گلزار علي خان جو آواز ڇا ٻڌو! کيس پنهنجون نراسايون اميدن ۾ مٽجندي ۽ اداسيون ارادن ۾ تبديل ٿيندي نظر آيون. جيتوڻيڪ استاد حنيف لاشاريءَ، استاد گلزار علي خان کي ريڊيو تي ٻڌو هو، باوجود ان جي ساڻس ملڻ جي جستجو ۽ اندر جا ارمان سيني ۾ سانڍي لاڙڪاڻي طرف راهي ٿيو ۽ پنڌ پڇائيندو لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد محلي ۾ استاد گلزار علي خان جو آشيانو ڳولهي لڌائين ۽ سندس سامهون ڪلا جي ڪيميا واسطي پنهنجي قلب جو ڪشڪول ڊگھيڙي، سرن جي سين هنيائين. پهريان ته استاد گلزار علي خان هڪ نيڪ نيت شاگرد جي آجيان ڪري، ساڻس حالي احوالي ٿيو، بعد ۾ سندس اڳوڻن استادن ۾ استاد ارباد علي خان کوسي ۽ استاد بچل خان ٻرڙي جن جا سگھارا نالا ٻڌائين ته جواب ۾ کيس انهن استادن کان ئي ڪلا جا قاعده سکڻ وارو عمل جاري رکڻ جي سهڻي صلاح ڏنائين. اهڙي صلاح ملڻ کانپوءِ استاد حنيف لاشاري پهريون ڀيرو ته هڪ عظيم استاد وٽان هٿين خالي واپس وريو، پر پنهنجي اندر جي اميدن کي آٿت ڏيئي، عقيدتن جا انبار سانڍي، وقت بوقت ڪشالا ڪاٽي، برهه ۾ بلبل بڻجي، گلزار جو واس وٺڻ واسطي، ميرپورخاص کان لاڙڪاڻي ضرور ويندو هو، بلڪل پنهنجي استاد جي ڳايل هڪ ڪافيءَ وانگي ته: تون آن باغ حسن جو گل گل گل اسان واس وٺڻ لئه هون بلبل آخرڪار استاد حنيف لاشاريءَ پاران ڪيل قربائتن ڪشالن جو قدر ٿيو ۽ استاد گلزار علي خان پنهنجي استاديءَ واري تجربيڪار اک سان استاد حنيف لاشاريءَ ۾ سر، گر، ادب داري ۽ مرادونديءَ جا لڪل گوهر پسندي سندس پريت جي پنڌن کي مان ڏنو ۽ پنهنجي استاديءَ ۾ آڻي، پنهنجن شانائتن شاگرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. استاد حنيف لاشاري، استاد گلزار علي خان جي شفقتن ڀرئي سعيي ۾ سندس وفات 22 سيپٽمبر 1992ع تائين رهيو، ان دؤران هن استاد جي صحبت ۽ شفقت ۾ رهي، ادب، مراد، نياز ۽ نوڙت سان سندس دل به کٽي ورتي ۽ مسلسل رياض ۽ محنت ڪري ايترو ڪجھه پرايو، جو اڄ استاد گلزار علي خان جي کوڙ سارن شاگردن مان استاد حنيف لاشاريءَ جو نالو اوليت سان ورتو ويندو آهي. استاد گلزار علي خان جي وفات پڄاڻان به استاد حنيف لاشاريءَ پاڻ کي اڪيلو، اڻپورو ۽ نامڪمل محسوس ڪيو ۽ سنگيت جي سمنڊ کي اونهو ۽ عميق ڄاڻندي، سنڌ جي سدا سريلن سنگيتڪارن استاد محمد يوسف ۽ خانصاحب استاد فتح علي خان جن کي سونهون سمجھي سندن صحبت ۽ شفقت ۾ رهي به ڪافي استفادو ماڻيائين. پاڻ ڪيترو ئي وقت استاد محمد يوسف جي ڇپر ڇانوَ هيٺ رهيو، جڏهن ته دؤر حاضر تائين خانصاحب استاد فتح علي خان جي صحبت ۽ سرپرستيءَ ۾ پنهنجي سرن کي وڌيڪ سنواري رهيو آهي. حقيقت جي اک سان ڏٺو وڃي ته بنيادي طور تي عوامي محفلون، شادين مرادين توڙي بزرگن جي ساليانن ميلن ملاکڙن جون اسٽيجون ئي هڪ راڳيءَ لاءِ شهرت جو ذريعو هونديون آهن ۽ اهي عوامي ميڙاڪا ئي هوندا آهن، جيڪي هڪ ڏاڪڻ جو ڪردار ادا ڪندي هڪ راڳيءَ کي اڳتي هلي ابلاغي ادارن تائين رسائيندا آهن. ساڳئيءَ ريت استاد حنيف لاشاريءَ به پنهنجي سر جي سفر جي شروعات عوامي محفلن ۽ ميڙاڪن جي اسٽيجن کان ڪئي. جنهن بعد 1983ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر کان پنهنجي برقي ابلاغ (Electronic media) جي سفر جي شروعات ڪيائين، جتي نامياري پروڊيوسر ۽ هدايتڪار اعجاز عليم عقيليءَ پهريون ڀيرو سگھڙن ۽ لوڪ ادب جي پارکن جي مقبول ترين سنڌي پروگرام ’ڪچهريءَ‘ ۾ کيس موقعو ڏئي متعارف ڪرايو. ان کانپوءِ پاڻ پرک، مهڪار، سنڌ سينگار، سوجھرو سميت پي. ٽي . وي تي نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي اٽڪل مڙني سنڌي پروگرامن سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي مقبول اردو پروگرام ’راگ رنگ‘ ۾ به پنهنجو فن اظهاري چڪو آهي. ان کانپوءِ پاڻ برقي ابلاغ جي مضبوط ترين وسيلي ريڊيو جي دنيا ۾ 1997ع ڌاري قدم رکيائين ۽ سڀ کان اول ريڊيو خيرپور تي آڊيشن ڏيئي سوڀارو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ تڏهونڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الله بخش شاهه بخاريءَ کيس اپرووڊ آرٽسٽ طور سندس آواز کي ريڊيائي لهرن تان متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان جي ميدان ۾ پاڻ ايتريون ته لاڀائتيون فني خدمتون سر انجام ڏنيون اٿائين، جو سال 2010ع ۾ سندس فني خدمتن جو قدر ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت پاران کيس ريڊيو جي ‘Out Standing Category Artist’ جو درجو عطا ڪيو ويو، جيڪو منصب اڄ ڏينهن تائين آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فنڪارن جي حصي ۾ آيو آهي. استاد حنيف لاشاريءَ جو شمار سنڌي موسيقيءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن قدامت کان جدت تائين، موسيقيءَ ۾ مروج اٽڪل سڀني صنفن جهڙوڪ: خيال، ٺمريءَ، گيت، تراني، غزل، ڪافيءَ ۽ لوڪ توڙي قومي گيتَ کي پڻ نهايت سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي. سندس چونڊيل شاعريءَ جو معيار به اعلى درجي جو رهيو آهي ۽ پاڻ عارفاڻي توڙي جديد ڪلام کي ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ جا به ڪيترائي ڪامياب ۽ نت نوان تجربا پڻ ڪيا اٿائين، اڪثر محفلن ۾ سندس ڳايل ڪلاسيڪل اسم ڪافي مقبول ٿيندا رهيا آهن، سندس ڳايل انهن ڪلامن جي وچ ۾ تمام سهڻي انداز سان سريلا آلاپ، تانون ۽ پلٽا سندس گائيڪيءَ جي انداز کي ڪافي شانائتو ۽ منفرد بڻائي ڇڏيندا آهن. استاد حنيف لاشاريءَ کي سندس زندگيءَ جي فني خدمتن جي موٽ ۾ عوام جي محبتن ۽ مڃتا کانسواءِ 1995ع ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ’ استاد منظور علي خان ايوارڊ‘، 2006ع ۾ ’استاد وحيد علي خان ايوارڊ‘، 2007ع ۾ ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، 2008ع ۾ ’قلندر شهباز ايوارڊ‘، 2013ع ۾ ’سچل سرمست ايوارڊ‘، 2007ع ۾ ’ڪي. ٽي. اين ايوارڊ‘، 2012ع ۾ ’سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ‘ سميت ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ پنهنجي فني زندگيءَ ۾ پوري ملڪ کان علاوه 1997ع ۾ سينگاپور جو دؤرو پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ آمريڪا، لنڊن، هندستان ۽ ڪئناڊا جي سرڪاري دؤرن لاءِ مليل ڪانڍ باوجود پنهنجي ذاتي مجبورين سبب انهن دعوتن کي نظر انداز ڪرڻو پئجي ويس. استاد حنيف لاشاري، سنڌي موسيقيءَ ۾ گواليار گھراڻي جي ڏسيل پنڌ جو پانڌي هئڻ جي ناتي سان سنڌي روايتي گائيڪيءَ جو اهو اهم ۽ سريلو ڪلاڪار آهي، جنهن هن وقت تائين جيڪو ڪجھه سنڌي سنگيت کي ڏنو آهي، اهو يقيناً قدر لائق آهي. شال استاد حنيف لاشاري سالم صحت سميت ڊگھي ڄمار جيئي ۽ پنهنجي آواز، آلاپ توڙي انداز سان پوري سنڌ سان گڏ سموري سنسار کي سيراب ڪندو رهي – آمين!