جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي پِتَائِين پُنُهَونءَ کَي، هَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ هِڪَ اِنَ تَڙَ مَنجَهان تِڪَ، ڏِنَي پَاڻَ اُڃَ ٿِئَي سُرُ سَسُئِي آبِرِي سِجَهائَي = ڳاريسِ، جلائيسِ، پچائيسِ، جهوريسِ پِيتَائِين پُنُهُونءَ کَي = پنهونءَ جي صحبت جو جام پيتائين ڀَڳِيَسَ = لٿسَ، پوري ٿيسِ تَڙَ = گهيڙ، چشمو، درياھ، سمنڊ تِڪَ = ڳِيتَ، سرڪي بيت جو پس منظر ~ جي سسئي سِڪَ ۾ ڪباب جيان پچي پئي تہ بہ سِڪَڻَ کان نہ مڙي. ~ هن پنهونءَ جي صحبت جو، جيڪو جام پيتو آهي، تنهن سِڪَ اڃان سوائي ڪري ڇڏي اٿسَ. ~ هن عشق جي درياھ مان جنهن بہ چُڪِي پيتي ان جي اُڃَ اڃان وڌي وڃي ٿي. سمجهاڻي هي عشق جو مها ساغر جيڪو سدا وهندو رهي ٿو ان مان پنهنجي اُڃَ اُجَهائڻَ لاءِ جنهن هڪ دفعو سُرِڪِي پيتي تہ سندس پياسَ اڃان وڌي وڃي ٿي. جيڪو بہ محبوب جو جلوو پَسِي هن لازوال حُسُنَ تي موهت ٿي پيو، ۽ عشق جو جام پيتائين ان جي پِيَاسَ هن هيڏي وسيع ۽ وِشالُ ساغر هوندي ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي. سو سسئي بہ جيڪڏهن پنهونءَ جي صحبت ۾ پچي، سيڪجي ڪباب جيان ٿي پئي تہ سندس سِڪَ ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي.ڇو تہ پنهونءَ جي صحبت جو جيڪو جام سسئيءَ پيتو آهي، تنهن سندس اُڃَ ۽ اُسَاٽَ ويتر وڌائي ڇڏي آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل