عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي ۽ سماجي حوالي سان مشهور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ؛ بي . اي چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس ( سي اينڊ ايس ) ڪاليج شڪارپور مان ؛ ايم . اي فارسي ۽ ايل . ايل . بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين . هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تي سرگرميءَ سان حصو ورتو . شڪارپور جي سي . اين . ايس ڪاليج ۾ به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو . 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي. پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ ان جو 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين. بعد ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي هن اداري کي معطل ڪيو. پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيهر چيئرمين مقرر ٿيو . هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو ، جنهن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ڀرڳڙي صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو .
جناب ڀرڳڙي 1962ع ۾ بي.ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شهدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو. سرڪاري اميدوار 125 ۽ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا . جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شهدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمه جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمه فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ”ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺهرائي ڏنو ويو، جتي شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين . 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شهدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو . هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو . جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو . سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو . جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو، پر سوڀ ماڻي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ”لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب“ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
اوائلي سرگرميون:
1960ع کان پنجن سال تائين سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو . هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي . 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينهن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو . هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي ، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو . سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو ، جنهن ۾ هن روميءَ ، اقبال ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي ڀيٽ ۽ تجزيو ڪيو اهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحده جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي .
ڀرڳڙي صاحب انتهائي هوشيار ، قانوني ماهر ، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي . هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي . صاف سٿري سياست جو قائل رهيو آهي . هن محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ” پڻ لکيو .جڏهن ته سندس ساروڻين جو ڪتاب ”گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا“ پڻ لکيو ۽ شايع ٿيو.
جناب عبدالغفور ڀرڳڙي 10 فيبروري تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان