مرڻ کانپوءِ فيس بوڪ اڪائونٽ جو ڇا ٿيڻ گهرجي؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ان ڏينهن رات جو دير سان خبر پئي ته تصوف ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر ۽ درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي انتقال ڪري ويو آهي. اکين ۾ پاڻي اچي ويو. سخي قبول محمد سان هڪ ڊگهي عرصي کان فيس بوڪ دوستي هئي .... شايد تڏهن کان جڏهن مان فيس بوڪ اڪائونٽ جوڙيو هو. مان خيرپور جي اديبن جو البم جوڙيو ته پاڻ منهنجي مدد ڪندا رهيا. نه صرف اهو پر انباڪس ذريعي رهنمائي ڪندا رهيا. اڪثر منهنجي پوسٽ تي رايا ۽ تبصرا به ڏيندا هيا. موبائل فون تي به ڪچهري ٿيندي رهي. افسوس جو ملاقات ڪانه ٿي ..... سندس لاڏاڻي کانپوء مان سندس فيس بوڪ پروفائل کولي ان کي ئي هر هر ڏسڻ لڳس ۽ يادن جا ورق اٿلندا رهيا. پوء مان سوچي رهيو هوس ته مرڻ کانپوء منهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ جو ڇا ٿيندو ؟؟؟

    انهن سوالن جو حل فيسبوڪ پاڻ ئي ڏئي رهيو آهي. تازي خبر آهي ته فيس بوڪ انتظاميه ان تي سوچي رهي آهي ۽ جلد فيصلو ڪندي ته مرڻ کانپوءِ فيس بوڪ اڪائونٽ کي ڇا ڪجي؟

    ان کي بند ڪجي ؟
    ان کي نئون رخ ڏجي ؟
    ڪنهن وارث کي ان جي هلائڻ جا اختيار ڏجن ؟

    ان سلسلي ۾ ڪيترن ماڻهن کان پڇڻ کانپوء فيس بوڪ انتظاميه ابتدائي مرحملي ۾ آمريڪا ۾ شروعات ڪري پيو. جنهن ۾ هر اڪائونٽ هولڊر پنهنجي دوستن يا عزيزن مان ڪنهن هڪ کي پنهنجي اڪائونٽ جو وارث ڪندو جيڪي سندس مرڻ کانپوء سندس اڪائونٽ کي هلائيندي دوستن جي فرينڊ رڪئيسٽ جا جواب ڏيندو، پروفائل پڪچر يا ڪور تصوير تبديل ڪري سگهندو ۽ يادگار ٽائم لائين تي پوسٽ ڪري سگهندو.

    اڪائونٽ هولڊر کي اهي اختيار آهن ته هو فيس بوڪ انتظاميه کي اها درخواست ڪري ته سندس مرڻ کانپوء هن جو اڪائونٽ بند ڪيو وڃي.

    هاڻي ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي .... ؟؟؟؟

    وڌيڪ تفصيل بي بي سي جي هن لنڪ تي موجود آهن
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بي بي سي تي اهو ليک هاڻي ئي پڙهي ويٺو هُئس. عمومي طور ته اهو بهترين آپشن هوندو ته ماڻهو اها فيس بُڪي وصيت ڪري وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڪثر اهڙا فيسبوڪ اڪائونٽ نظر ايندا آهن جنهن جا هلائيندڙ هي فاني دنيا چڏي چُڪا هوندا آهن ان ڪري فيبوڪ تي ان سهولت جي ضرورت هئي.

    اتفاق سان مان به هيٺين لنڪ تي ساڳي ئي خبر پئي پڙهي. هتي اچي اهو موضوع ڏسي خوشي ٿي ته سنڌسلامت تازيون خبرون فراهم ڪندڙ آهي.
    http://thenextweb.com/facebook/2015...-designate-contact-manage-account-youve-died/
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    خاص ڪري پنهنجي هن مُرده پرست قوم لاءِ ته هي بهترين حل ٿيندو.
     
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    اهو ته تمام بهترين ٿيندو ڇو گهڻو ڪري هتي سٺو پورهيو ٿيل هوندو آهي جيڪو َضايع ٿيو وڃي، پر مرڻ کانپوءِ اهو اڪائونٽ ائين جو ائين اپريٽ ٿئي اهو مشڪل آهي پر جي ڪو با ذوق ماڻهو هوندو ته پوءِ ممڪن آهي. بهر حال هڪ سٺي سوچ آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    آپشن نمبر 1 درست رهندو مري ويل ماڻهون جي سوچ ان جا خيال ان ارادو نه رهيا ته پوءِ اڪائونٽ کوليو رکڻ جي ڪهڙي ضرورت...يا ٻيو ان کي آپريٽ ڪندو ته به پنهنجا سوچ آهر خيال ونڊيندو نه ڪي مري ويل جي خيالن کي عام ڪندو...
     
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فيس بڪ جو مقصد نئين دور ۾ نوان سماجي رشتا قائم ڪرڻ ۾ آساني پهچائڻ ، مٽن مائيٽن ۽ دوستن کي هن مصروف دور ۾ به هڪ ٻئي سان لاڳيتو رابطو رکڻ ۾ مدد پهچائڻ ۽ گهڻي فاصلي تي رهندڙ پيارن جي خير خيريت پهچائڻ وغيره آهي.

    جڏهن انسان هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي ٿو ته سندس يادون، عمل ۽ سندس ڪيل خدمتون دنيا ۾ رهجي وڃن ٿيون.

    فيس بڪ پاران پنهنجن اڪائونٽ هولڊرن کان سندن وفات کان پو اڪائونٽ جي حيثيت پڇڻ هڪ سُٺو قدم آهي.
    منهنجي خيال ۾ وفات کان پو فوتي جو اڪائونٽ تبديل ٿي سندس نالي جو گروپ پيج بڻجي وڃڻ گهرجي ، جنهن جو ايڊمن اڪائونٽ هولڊر جو عزيز يا جنهن کي فوتي اهو حق ڏيڻ چاهي اهو بڻجي سگهي. اهڙي طريقي سان مرحوم لا سندس يار دوست ، مٽ مائيٽ جڏهن به چاهين سندس ياد ۾ ڪجهه به ارپنا ڪري سگهن ٿا.

    ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ سلامت جي انتظاميه کي به هن اهم معاملي بابت سوچڻ گهرجي. ماشاالله هن فورم تي به هزارين رڪن موجود آهن.

    جڏهن ڪنهن سينيئر رڪن جي وفات ٿي وڃي ته فورم لا ڪيل سندس خدمتون، سندس لکڻيون يا سندس ڪارگذاري وغيره کي سهيڙي هڪ اهڙي سيڪشن ۾ سندس نالي سان محفوظ ڪرڻ گهرجي جتي ٻيا رڪن سندس بابت ڄاڻي سگهن، کيس خراج تحسين پيش ڪري سگهن ۽ اهڙي ريت ان رڪن کي مڃتا ملڻ سان گڏ سندس يادون به هميشه تازيون رهنديون.

    سنڌ سلامت تي مرحوم رڪنن جي ياد ۾ ڪو سيڪشن به بڻائي سگهجي ٿو يا ان بابت عام رڪنن کان صلاح مشورا وٺي ڪو مختلف لائحه عمل به جوڙي سگهجي ٿو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    منهنجي نظر ۾ اهو سٺو سوال آهي ته مرڻ کان پو فيس بڪ اڪائونٽ جو ڇا ٿيندو...... منهنجي خيال ۾ ان کي بند نه پر ان کي اوپن رکيو وڃي يا وري ڪنهن جي حوالي ڪيو ڇو جو ان فيس بڪ پيج تي ڪجهه نه ڪجهه سٺي معلومات ضرور شيئر ٿيل هوندي بجائ ان جي جو اهو مواد ختم ڪيو وڃي ان کي اڳتي شيئر ڪرڻ کپي.....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو