مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ پِي پِيَالَو اُڃَ جَو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿِيَارِ پُنُهُون پَاڻَ پِيَارِ، تَہ اُڃَ سَان اُڃَ اُجَهائِيَان سُرُ سَسُئِي آبِرِي مَنَ ۾ = دل ۾، تَشِنِگِي = اُسَاٽَ، اُڃَ اُڃَ = پياس، تئونسَ، هتي اڃ جي معني' سڪ بہ ٿيندي تَارِ = ٽمٽار، گهڻي، اُٿَاھُ اُٿِيَارِ = جاڳاءِ، اٿارِ، وڌاءِ، ڀڙڪاءِ اُجَهائِيَان = وِسَايَان، ٻُجَهايَان، ماٺو ڪيان بيت جو پس مظر ~ جن جَي اندر ۾ عشق آهي تن کي سدائين اٿاھ اڃ رهي ٿي. ~ تون بہ اِهو اڃ جو پيالو پي، اڃ کي اڃ سان اٿارِ. ~ او پنهون! تون پنهنجي هٿن سان اڃ جو جام پيار تہ هن اڃ کي اڃ سان ئي ماٺو ڪيان. سمجهاڻي جن کي اندر ۾ عشق لڳل آهي سي عشق جي ان وهندڙ درياھ هوندي سدا اڃارا رهن ٿا.سندن اِها اڃ، اساٽ، پياس ۽ محبوب ملڻ جي سڪ ۽ اڪير ڪڏهن ختم ٿي وڃي، ايئين ٿي ئي نٿو سگهي. محبوب تہ اهڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ شئي آهي جو ان جي صحبت ۽ محبت مان ڪڏهن ڍؤ ٿيڻو ئي ڪونهي. ڪڏهن هن سڪ جي پيالي مان چُڪِي چکي ڏسو اوهان جي اندر ۾ باھ ڀڙڪي پوندي. سسئي چئي ٿي ؛ او محبوب پنهون! هي محبت جو جام مون کي پنهنجي هٿن سان پيار تہ اندر ۾ لڳل تنهنجي سڪ جي اڃ کي، تنهنجي ئي ڏنل جام سان ٿڌو ڪيان. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
محبت جنهن جي من ۾ تنهن جي صبر کي سلام.. لڪائي لوڙڪ لوڪ کان اٿن دل اندر ارمان..... تات طلب محبوبن جي تنهن کي صبح ۽ شام... رولي ويا رڻن ۾ بادشاه بنجي غلام انهن جي روحن کي سلام جنهن سور سانڊهيا ساه ۾