جَو تُون ڏَورِين ڏُورِ، سَو سَدَا آهَي سَاڻُ تَو لَالَنَ لَئہ لَطِيفُ چَئَي، مَنجِهي ٿِي مَعَذُورِ مَنجَهان پَنئُن پَرُوڙِ، تَو مَنجِھ آهِسِ تَڪِيَو سُرُ سَسُئِي آبِرِي ڏَورِين = ڳولين، تلاشين ڏُورِ = پَرَي لَالَنُ = پرين، محبوب مَنجِهي = مَنجِھ ئي، اندر ۾ ئي، جهاتي پاءِ مَنجَهان = اندران، دل اندر پَنئُن = پاڻَ، ڍارَي جو هڪڙو داڻو، دَاءُ پَرُوڙِ = ڄَاڻُ، سَمَاءُ لھ، ڳولِھ، تلاش ڪر مَنجِھ = اندر ۾، دل ۾، تو ۾ ئي تَڪِيَو = رهائش، رهڻ جي جاءِ، دَيرَو بيت جو پس منظر ~ جنهن کي تون ٻئي هنڌ وڃي ٿي ڳولهين سو تہ توساڻ سدائين گڏ آهي. ~ او هيڻي ! تون پنهنجي اندر ۾ ئي جهاتي پائي ڏس. ~ پنهنجي پاڻ ۾ ئي کيس ڳولھ، هو تو ۾ ئي موجود آهي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت جيتوڻيڪ سسئيءَ کي هدايت آهي تہ پنهونءَ کي پري وڃي ڳولهڻ جي بجاءِ کيس پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪر.هو تو ۾ ئي موجود آهي، ڇو تہ محبوب هميشھ دل ۾ رهندو آهي. دراصل تصوف ۽ وحدانيت جي گيڙو رنگ ۾ رڱيل ڀٽائيءَ جو هي بيت حق جِي ذات جو انسان جي اندر ۾ ، دل ۾، قلبَ ۾ موجود هجڻ جو اهڃاڻ آهي. صوفي چون ٿا خدا ڪنهن مسجد، مندر، گرجا گهر، چرچ، ڪليسا ۽ ڪعبي ۾ نہ، پر انسان جي پنهنجي اندر ۾ ۽ قلبَ ۾ موجود آهي. قران شريف ۾ ارشاد آهي ؛ وَ فِي اَنِفُسِڪُم اَفَلَا تُبِصِرُون، ۽ مان انسان جي وجود ۾ آهيان پر هو ڏسي نٿو سگهي. ڀٽائي هدايت ٿو ڪري تہ خدا کي پنهنجو پاڻ ۾ تلاشيو، هو توهان ۾ ئي موجود آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل