ورلڊ ڪپ جي تاريخ بدلي نه سگهي... انڊيا 6 .. پاڪستان 0

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ورلڊ ڪپ ۾ انڊيا کي هارائڻ صرف خواب ثابت ٿيو.. خراب فيلڊنگ ۽ غير ذميدارانه بيٽنگ سان پاڪستان ثابت ڪيو ته هو دفاعي چيمپيئن انڊيا کي شڪست ڏيڻ جو اهل ناهي.. ايڊيليڊ ۾ انڊيا جي 300 رنز جي جواب ۾ پاڪستان صرف 224 رنز تي آئوٽ ٿي ويو...
    انڊيا جي طرفان ويرات ڪوهلي، شيکر ڌاون ۽ سريش رائنا جي شاندار اننگ ڏسڻ وٽان مليون اتي پاڪستان جي سهيل خان 5 وڪيٽون وٺي ۽ وهاب رياض جي رفتاري بالنگ به شاندار رهي جڏهن ته پاڪستان جي بس هڪ واري ڪپتان مصباح الحق کيڏي جيڪا ناڪافي ثابت ٿي..
    [​IMG]
    پاڪستان حفيظ جي غير موجودگي ۽ سرفراز جي ٻاهر هجڻ ڪري يونس کي اوپنر طور آزمايو جيڪو ٽيون دفعو بطور اوپر ميدان ۾ لٿو ۽ هميشه وانگر ناڪام ويو.. جنهن کان پوءِ احمد شهزاد ۽ حارث سهيل ٻي وڪيٽ تي 68 رنز ٺاهيون.. حارث 36 ۽ شهزاد 47 رنز بڻايو.. پاڪستان 18 اوورز ۾ رڳو هڪ وڪيٽ تي 79 رنز تي هيو پر هاڻي اها عادت بڻائي ڇڏي اٿائين ته هڪ وقت ۾ رڳو هڪ وڪيٽ ناهي وڃائڻي پر وڌيڪ وڃائڻيون آهن.. حارث آئوٽ ڇا ٿيو رڳو هڪ رنز جي اضافي سان احمد شهزاد، صحيب مقصود ۽ عمر اڪمل به راهي ٿيا.. عمر اڪمل جي آئوٽ ٿيڻ به امپائرن جي طرفان پاڪستان تي جهڙوڪ ڪاري ضرب هو.. جڊيجا جي هڪ بال تي سندس خلاف ڪاٽ بهائينڊ جي هڪ زوردار اپيل ٿي ... امپائر جي انڪاري ڪنڌ لڏڻ تي پر اعتماد ڌوني ريويو ورتو جنهن تحت ري پلي ايترو واضح نه هو ۽ توڙي جو آواز پڪڙڻ واري ٽييڪنالاجي ڪو فيصلو ئي نه ڏنو پر ٿرڊ امپائر اڪمل کي واپسي جو اعلان ڪيو.. ۽ ائين رڳو 103 اڌ ٽيم ٻاهر ڀيڙي وڃي ٿي...
    لڳاتار 4 رانديگر آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ آفريدي مصباح سان گڏجي اننگ کي اڳتي وڌايو پر پاڻ کي گهڻو روڪي نه ٿيو ۽ ماضي وانگر اوچي شاٽ کيڏندي آفريدي پنهنجو ڪيچ ڪوهلي کي عمدگي سان ڏئي ڇڏيو...

    [​IMG]

    اهڙي وقت ۾ جڏهن هڪ پاسي کان وڪيٽون ڪرنديون رهيو ته ٻئي پاسي مصباح رنز جي رفتار وڌائڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي 39 هين ففٽي ٺاهي پر سندس اننگ جو اختتام به 220 تي ٿي چڪو.. ۽ بعد ۾ رڳو 4 رنز وڌيون ۽ ٽيم مڪمل آئوٽ ٿي وئي...
    ۽ ائين انڊيا 300 رنز جو ٽارگيٽ ڏئي جيڪا نفسياتي برتري حاصل ڪئي سا آخر تائين برقرار رهي.. انڊيا جي فتح جا موڙ جيترا سندن بيٽس مينز ڏانهن ٿا وڃن اوترائي پاڪستاني فليڊر به ذميدار آهن...
     
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    اسان کي لڳي به نه پيو ته هي انڊيا کان ميچ کٽي سگهندا ،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪرڪيٽ راند ئي آهي .... ڪوهلي بهترين راند کيڏي ....

    پاڪستان جي اسپنرز 20 اوورن ۾ 136 رنسون ڏنيون ۽ ڪابه وڪيٽ حاصل ڪري نه سگهيا ... ۽ وري احمد شهزاد، سهيب مقصود ۽ عمر اڪمل گڏ آئوٽ ٿيا ... بس ميچ اتي ئي هندستان جي هٿن ۾ هئي .... عمر اڪمل جو آئوٽ ڏيڻ به عجيب لڳو، هميشه شق جو فائدو بيٽسمين کي ملندوآهر پر پاڪستان جي ميچ ۾ ايئن ناهي ٿيندو .

    خير انڊيا بهتر کيڏيو ۽ کٽي ويو.

    مڪمل اسڪور لاء هي لنڪ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان درست چيو ته ڪرڪيٽ راند ئي ته آهي... پر هتي بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي جهڙن ظلمن کي سهي ۽ تسليم ڪري ٿا وڃون پر انڊيا سان ساڙ ايترو جو ديوانگي جون به حدو پيو ڪراس ڪندو.. تڏهن ته هڪ سوال اڀري ٿو ته منظم ۽ باوقار هجڻ وڌيڪ بهتر يا وري پاڳل پن ۽ راند ۽ ملڪ سان محبت جو جذباتي پاڳل پن..


    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو