ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته سور ته ٿيندو..

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ ڏينهن پپنو اسڪول کان واپس ايندي ئي بک کان پيٽ جي سور جي دانهن ڪئي ته ماڻس ڪاڪي پڇيو”ڇورا ! ڇا ڀلا ديوَ جو پُٽ آهين ڇا.. ايڏو سارو ٽفڻ باڪس ڀري ڏنو مانءِ اهو ڪاڏي ڪيئي... ان کي کائڻ کان پوءِ به بک بک ٿو ڪندو اچين؟“
    پپنو روئندي چيو... امان اهو ٽفڻ باڪس ته پَپو کسي ويو.. بک ڏاڍي لڳي اٿم وارو ڪر امان...
    ڪاڪي ۾ مامتا جاڳي پئي.. ”اڙي پپو توکي ڪا مار پوي... بيهه پُٽ پپنا توکي مان لولو پچائي ٿي ڏيان... ظاهر آهي پيٽ ۾ ڪجهه نه هوندو ته سور ته ٿيندو نه!
    شام جو ڪاڪو آچار واپس گهر آيو ته اچڻ ساڻ ڪاڪِيءَ کي چيائين ته ”اڙي ڀاڳ ڀري! جلدي ڪر مٿي ۾ سور ڏاڍو آهي، وارو ڪر چانهن جو ڪوپ تيار ڪري ڏي..“
    پپنو کي ماءُ جو جملو ياد هو سو چئي ڏنائين.. ”بابا مٿي ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته سور ته پوندو نه....!“““
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    واهههههههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ههههههه..
    ها يار ڪاڪو آچار پوڙهو ٿي ويو آهي.. :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو