هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ آرِيَاڻِي اَمُلُ، ڪَايَا ۾ ڪَانڌُ ٿِيَو سُرُ سَسُئِي آبِرِي هَنئَين = دل هَوتَ = پنهون ڇَپَرِ = جبل هَڏِ = هرگز مَ = نہ ڇُلُ = اُڇَلَ کاءُ، هَلُ، اڳتي وَڌُ آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون. اَمُلُ = بي بها، املھ ماڻڪ، هيرن، موتين، جواهرن جهڙو، انمول ڪَايَا = بدن، وجود، جِندُ ڪَانڌُ = مڙس، ڀتارُ، وَرُ بيت جو پس منظر ~ جبلن ۾ رلڻ جي بجاءِ، پنهونءَ کي پنهنجي دل ۾ تلاش ڪر. ~ تنهنجو هيرن، موتين جهڙو مڙس، تنهنجي وجود ۾ آهي. سمجهاڻي پنڌ تہ هميشھ پيرن ساڻ ڪبو آهي پوءِ ڀٽائي سسئيءَ کي دل سان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڪيئن پيو ڏئي؟ کيس آگاهي بہ پيو ڏي تہ جنهن محبوب کي تون جبلن ۾ ٿي ڳولهين سو تہ تنهنجي وجود ۾، دل ۾ موجود آهي. ها محبوب جي رهڻ جي جاءِ دل ئي هوندي آهي. دراصل ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت هدايت آهي انهن سالڪن لاءِ جيڪي حق جي ذات جا متلاشي آهن.جيڪي خدا کي رڻ پَٽَنِ، بيابانن، جهنگلن، جبلن ۽ عبادتگاهن ۾ پيا تلاش ڪن. قران ۾ ارشاد آهي؛ وَ نَحنُ اَقِرَبُ اِلَيه مِن حَبُلُ الوَرِيد، ۽ مان اوهان کي ساھ جي رڳ کان ويجهو آهيان. سو ڀٽائي چئي ٿو تہ خدا کي پنهنجي اندر ۾، وجود ۾ ۽ دل ۾ ئي ڳوليو، هو اُتي ئي موجود آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل