سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل : رحمت پيرزادو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل

    رحمت پيرزادو

    انساني ارتقا جي اها مڃيل حقيقت ۽ مستند راءِ آهي ته : انسان ۾ احساس فطري آهي شعور ۽ اظهار ان کي معاشرو ڏيندو آهي. ” ٻولي“ معاشري جي تمام اعليٰ تخليق آهي. جنهن سان انسان پنهنجا احساس ۽ وچور ونڊي ورڇي يا خوشي ،مسرت ۽ سرهائيءَ جو احساس ،ان کي هڪ ٻئي تائين پهچائڻ Communicate ڪرڻ جو واحد آسان ۽ تڪڙو رستو ٻولي ئي آهي.
    انسان پنهنجي تخليق متعلق کوجنا ڪندي ڪندي؛ پاڻ ۾ ايترو ته ڪمال جو جوهر ڄاڻي ورتو،جو هن اڻ ڏٺي ”خدا“ تائين به پنهنجي رسائي ڪئي؛ ته ٻئي طرف مادي سائنس رستي چنڊ ۽ ستارن تي وڃي قدم رکيا ۽ خلائن ۾موجود شعاعنrays وسيلي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل جهڙا ٻيا اعليٰ تجربا ڪري شايان شان زندگي گذاريندي جنهن شي مان علم جي روشني حاصل ڪئي ۽ تعليم جا خزانا ٺاهي ورتا، ان جي کوجنا ڪبي ته پنهنجا خيال هڪ ٻئي تائين پهچائڻ Communicate قائم رکڻ جو واحد ذريعو ٻولي ئي آهي،
    جنهن اگهاڙن انسانن کي غارن ۽ پٿرن مان ڪڍي خلائن ۽ سيارن جو سير ڪرايو آهي.
    جيڪڏهن انسان پنهنجي خيالن کي نه ونڊي يا shareڪري سگهي ها ته هوند؛ اسين جهنگن ۽ جبلن ۾ جانورن جي زندگي گذاريندا هجون ها. جيڪڏهن مذهبن جي تبليغ جو ذريعو ۽ نظرين جي ڦهلاءَ جي واٽ نه هجي ها ته انسان اڃان تائين نه اگهڙيل خدا تائين پهچي سگهي ها ۽ زندگي جا اڻ بگڙيل اصول انسان کي ذهني بيراهه رويءَ جي اوندهه ۾ غرق ڪري چڪا هجن ها.
    اها ٻولي ئي آهي جنهن انسان کي سماج ۾ منظم نموني رهڻ سيکاريو آهي؛ ۽ اها ٻولي ئي آهي جنهن ۾ انسان سوچي؛ خواب ڏسي ٿو ۽ ويچار ورڇي ٿو جنهن ٻوليءَ سان تهذيبون ۽ روايتون محفوظ رکيون ويون آهن ان جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي؛ البته تاريخ ۾ڏسندا سين ته بادشاهت وارن جهالت جي دورن ۾ طبقا منظم ٿين ٿا. جن ۾ ڪي اعليٰ انسان آهن. ڪي عدنيٰ ڪي وزير آهن ته مشير ۽ ڪي مظلوم آهن ته ڪي حقير. باندي ۽ غلام تصور ڪيا وڃن ٿا. انهن بادشاهن پنهنجي ڪوڙي درٻار جي نماءَ لاءِ”درٻار جي ٻولي“ يا ”درٻاري زبان“ جوڙي، عام ماڻهن کي بازار جي ٻولي ڏئي پنهنجي آمرانا حڪمن سان ٻوليءَ کي ٻن اڌن ۾ پئي ورهايو آهي،ته وري جديد دور ۾ آمرن لانگ بوٽن ۽ گرنٽن جي ڌڌڪن سان مظلوم قومن تي پنهنجي ٻولي مڙهڻ ۾فخر محسوس ڪيو آهي.
    ائين صديون غلام بڻجي رهيل قومون، حاڪمن جي زبان ڳالهائڻ ۽ ڳالهائي سگهڻ تي فخر ڪندي ڏٺيون ويون آهن. جيڪا انساني نفسيات( Human psychology) پڻ آهي. بهر حال ائين ٻوليون ٻين ٻولين تي قابض به ٿيون آهن. جيئن اڄ ڪلهه جي سائنسي حاڪميت جون هي ٽي ٻوليون ( انگريزي، فرينچ ۽ هسپانوي ) خوني ٻوليون killer languages تصور ڪيون وڃن ٿيو. ساڳئي طرح ڪئين ٻوليون ٻين ٻولين مان ڦٽي به نڪرن ٿيون. جن ۾ آهستي آهستي لهجن جي Dialects تبديليءَ سان نئين ٻولي ڦٽيو وڃي.
    اسان سنڌي خوشنصيب آهيون؛ ان لاءِ ته اسان وٽ پنج هزار سال اڳي نه فقط ٻولي موجود هئي بلڪه الفابيٽ ( لپي ڦرهي ) پڻ موجود هئي. جيڪا اڄ ڪلهه جا محقق پڙهڻ جي ڪوشش ۾آهن، مگر انهن وٽ اهڙو ڪو به سائنسي اوزار موجود نه آهي، جيڪو کين موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي ٻولي پڙهي ٻڌائي ۽ اهي مهذب بنجي سگهن.
    اهي ته ٿيا دنيا جا پهريان اکر جيڪي نه ٿا پڙهي سگهجن، پر ”ويد“ جيڪا دنيا جا پهريان لکت ۾مليل اهي ڪتاب آهن جن کي پڙهي سگهجي ٿو ۽ انهن ۾ اهو به لکيل آهي ته ”هي ڪتاب اسين دنيا جي خوبصورت سر زمين سنڌ ۾ وهندڙ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکي رهيا آهيون.“ اسان کي ان تي فخر آهي ته اسان دنيا جي پهرين ٻوليءَ جا وارث آهيون ۽ اڃا به لکي رهيا آهيون.
    اسان جي عالمن پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ ۾ تمام گهڻي مشڪل صورتحال ۽ ڏکيون حالتون ڏٺيون آهن. ڇو ته هر فاتح هن علائقي جي ان مهانتا کي سواءِ حسد جي نگاهه سان ڏسڻ بجاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي. ڇو ته اهو قوم جي عظمت جو اهڙو ثبوت هيو، جنهن کي ڪو به چور چوري نه ٿي ڪري سگهيو. پوءِ انهن هتي ڪئي ڪتب خانا ساڙيا ، ڪئي عالمن کي سزائون ڏنيون، مطلب ته هزار حربا هلايا ويا، مگر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾اسان جي عالمن پنهنجي ٻوليءَ کي نه فقط زنده رکيو آهي بلڪه ٻوليءَ جي فطري واڌکي لهس به اچڻ نه ڏني اٿن.
    سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ( لپي ) انگريزي جي دور 1951 کان 1953ع تائين ماڊريٽ ڪري ٺاهي وئي. جنهن کان اڳ ۾ اسان وٽ ابوالحسن جي سنڌي لپي“ رائج هئي. انگريزن پڻ سنڌي لپيءَ کان پوءِ هن ڌرتيءَ متعلق ناياب ڪتاب لکيا ۽ هن خطي ( سنڌ ) جي حسن کي ساراهيو.
    هن الفابيٽ کي اڄ ڏيڍ سو سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. اسان وٽ هن وقت تائين لکين ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جيڪي تعليم کان علاوه (extra Curriculum Activates عام هلچل متعلق آهن. جن مان پوءِ ڪجهه تعليمي موضوعن طور لازمي قرار ڏئي مختلف ڪورسن ۾شامل ڪيا ويا آهن.
    جڏهن اسان کي هڪ مڪمل الفابيٽ مليو ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي بڻ بنياد متعلق ڄاڻڻ جي جاکوڙ ڪئي جنهن متعلق تمام گهڻا رايا موجود آهن. مثال طور:

    1- انگريز ريسرچ ڪندڙن جو رايو آهي ته؛ هاڻوڪي سنڌي گهڻي قديم نه آهي؛بلڪه هندستان جي ئي ٻين ٻولين مان نڪتي آهي.

    2- سنڌي محققن مان ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي راءِ ڏيندي هڪ ڊگهي مقدمي کان پوءِ چئي ٿو ته ؛ هاڻوڪي سنڌي وراچڊ اپڀرنش جي ڌيءُ آهي. جنهن جي ناني شيوءِ سبني پراڪرت آهي ۽ رگ ويد واري زماني کان سڄي هندستان ۾ ڳالهائي ويندڙ سنسڪرت ان جي پڙناني آهي.

    3 -سنڌ جو ناليوارو محقق سراج الحق ميمڻ مٿئين راءِ جي ابتڙ ڄاڻ ڏيندي چئي ٿو ته ؛ سنسڪرت خود سنڌي ٻوليءَ مان نڪتي آهي.

    4 -ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قياس آرائي آهي ته؛ سنڌ جي قبل از تاريخ ،قديم تهذيب جي ٻوليءَ جا آثار موهن جي دڙي جي آثارن مان مليل مهرن ۾ محفوظ آهن، جن جي اڃان ڪا به پروڙ پئجي نه سگهي آهي؛مگر هاڻوڪي سنڌيءَ تي عربي ٻوليءَ جو پڻ وڌيڪ اثر آهي.

    5 -ڊاڪٽر غلام علي االانه صاحب چئي ٿو ته؛ سنڌي ٻولي اڻ آريائي ٻولي آهي. جنهن جو صرفي ۽ نحوي سٽاءُ دراوڙي ٻولين سان ملي ٿو. دراوڙي زبان موهن جي دڙيِ جي زبان آهي.

    بهر حال هن وقت تائين عالمن ۽ محققن ان ڏس ۾ قابل قدر ڪم سر انجام ڏنو آهي.
    اسان جي الفابيٽ ٺهڻ کان پوءِ ٻوليءَ جي ڄاڻن تمام گهڻي جفا ڪشي ڪئي آهي.انهن مان ڪجهه اهم نالا هي آهن مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي،علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، عبد الجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج جويو وغيره وغيره.
    مرزا قليچ بيگ تقريبن ڇهه سو جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا، جيڪي اڃان مڪمل ڇپجي به نه سگهيا آهن. مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان منفرد مقام رکي ٿو. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي سنڌي ٻولي شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ تي تمام شاندار ڪم ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گر بخشاڻي پڻ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. سندس ٻين تحقيقي ڪمن سان گڏوگڏ سندس ان ڪارنامي کي پڻ نه ٿو وساري سگهجي ته ( جڏهن پاڻ 1921 ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾پروفيسر هئا ته ان زماني ۾ بمبئي يونيورسٽي واحد يونيورسٽي هئي مگر اتي نصاب ۾سنڌي سبجيڪٽ کي نه مڃيندا هئا .جنهن تي گر بخشاڻي صاحب هڪ رپورٽ بمبئي يونيورسٽيءَ کي موڪليائون جنهن جو عنوان ”اي بريف سر آف سنڌي لٽريچر“ هئو. سندن اها رپورٽ ايتري ته شاندار هئي جو بمبئي يونيورسٽي ان کي مڃڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ انهن پنهنجي نصاب ۾سنڌيءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ گنجائش پيدا ڪئي. ) 1 ۽ اڄ به اتي نه فقط سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي پر هندستان ۾سنڌي قومي ٻوليءَ طور ڇويهن زبانن مان هڪ آهي. اهڙي طرح اسان جي عالمن تمام گهڻا ڪارناما سر انجام ڏنا آهن ۽ تحقيقي ۽ تخليقي ادب سان گڏ، وقت سر اڀرندڙ مسئلن کي به منهن ٽوڙ جواب ڏنا اٿائون.
    هاڻ جڏهن اسين هن ملڪ ۾آيا سون ته موجوده چئني صوبن جي قومن مان الفابيٽ فقط اسان سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ جي هئي. هجڻ تي ائين کپي ها ته سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ها؛ ڇو ته اها مڪمل ٻولي هئي؛ اسان وٽ پنهنجي الفابيٽ ۽ گرامر ( ويا ڪرڻ ) هئي؛ مگر هتي نئون ناٽڪ رچايو ويو؛ ته ادا! اردو ٻولي رابطي جي قومي ٻولي هوندي؛ باقي صوبن کي پنهنجون پنهنجون ٻوليون آهن. اتي اهو ڪو نه سوچيو ويو ته اردوءَ جي لاءِ نصاب ڪيئن جڙندو ۽ سنڌ ۾ ” 1857ع ۾ سنڌ جي گورنر بارٽل فريئر جوليٽرجنهن ۾ هن اهو واضح ڪيو هئو ته سنڌ ۾ جيڪو به غير سنڌي ايندو ان کي سنڌيءَ ۾هر سال امتحان پاس ڪرڻو پوندو.“ وارو قانون 1947 ع کان پوءِ فقط ڪاغذن ۾لتاڙبو رهيو. توڙي جو ان ليٽر جو متن 1972ع ۾ ڀٽي جي دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ مڪمل اڪثريت سان پاس ڪيوته؛ سنڌپبلڪ سروس ڪميشن پنجين گريڊ کان مٿي واري هر غير سنڌي ملازم کان سالانو سنڌي امتحان وٺندي.“ مگر ان ڳالهه کي به عمل ۾ نه آندو ويو.
    ( 1948ع ۾ ئي لياقت علي خان جي هڪ حڪم تي هڪ ئي ڌڪ سان ڪراچيءَ جي تيرهن سو ( 1300) سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرائي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو وڏي ۾وڏو گناهه ڪيو. ڪراچيءَ جي سنڌي اسڪولن ۾استادن جو تعداد گهٽايو ويو، نتيجي ۾ڪراچيءَ جا سنڌي ماڻهو هڪ عجيب ويڳاڻپ Alienation جو شڪار ٿي پنهنجي چئو طرف گهريل وسندين ۾محدود ٿي ويا ۽ سندن ثقافتي،روحاني ۽ ذهني ترقيءَ تي جمود ڇانئجي ويو. ان جو ثبوت اهو آهي ته اڄ به توهان کي ڪراچيءَ جي انهيءَ سنڌي آباديءَ وارن ڳوٺن مان مشڪل سان ڪو ڊاڪٽر،انجنيئر، پروفيسر،شاعر اديب ۽ دانشور نظر ايندو. اهو ان وقت جي ڪراچيءَ جي پنج لک سنڌي آباديءَ جي ثقافتي قتل جوهڪ تمام دل ڏکوئيندڙ باب آهي.“
    جنهن کان پوءِ 1951 ۾سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد آندي وئي اتي ڪراچي يونيورسٽي ٺهي وئي. جنهن سان سنڌين جون پاڙون ڪراچيءَ مان ڪمزور پئجي ويون. ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ٻهراڙين تائين محدود ڪيو ويو.
    جنهن بعد 1954ع ۾ ون يونٽ قائم ڪئي وئي. جنهن سان سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو،ڪئي ڪتابن تي پابندي لڳائي وئي،تقريرون سنڌيءَ ۾نه ڪرڻ جا حڪم آندا ويا، رسالن کي ضبط ڪيو ويو، اخبارون ساڙيون ويون، خط جي ايڊريس تي ”سنڌ“ لفظ نه لکڻ جا آرڊر آندا ويا؛ شاعرن ۽ اديبن کي جيلن ۾بند ڪيو ويو،مگر ان دور ۾ سنڌ جي اديبن انتهائي مضبوط جدوجهد ڪئي، شيخ اياز جهڙا شاعر ۽ امر جليل جهڙا ڪهاڻيڪار ادب جي ميدان ۾ لٿا ۽ انهن هٿ ڪڙين جي موسيقيءَ تي ديس جا ترانا تخليق ڪيا. اهو سنڌي ادب جو آواز اڄ به سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو ضامن آهي.
    1961 ع ۾ ايوب خان ويو يحيٰ خان آيو. 1971ع ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي ،ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ آئين جي اچڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي ڪاغذي آسرا مليا. ويندي اڄ ڏينهن تائين ،ڀلي سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور مڃڻ جو قرارداد پاس به ڪري مگر ايندڙ حڪومت جي ضمانت ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڀلي ٻوليءَ تي سنگهرون وڌيون .وڃن اها وقت وانگر مقيد ناهي رهي سگهندي.“ ٻولي پنهنجا ارتقائي مرحلا پاڻ طئه ڪندي آهي. تيئن هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جا پڻ مختلف لهجا آهن؛ جيئن:
    1 -سريلي
    2 -وچولي
    3 -لاڙي ( ٿريلي ڪڇي ،لاسي وغيره )

    سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن ۽ دفتري ٻوليءَ ”وچولي“ آهي، جنهن کي لکڻ ،پڙهڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ ۾سولائيءَ محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ڪنهن به مخصوص ٻوليءَ کي مختلف لهجا ٿين ٿا. مگر عالمي فارمولي تحت،ان علائقي جي وچ واري ٻولي مٿئين ۽ هيٺين علائقي جي ٻوليءَ جي ڳانڍاپي يا ڳنڍڻ جي عام جي ٻولي ٿئي ٿي.جنهن جا پنجاهه سيڪڙو لفظ مٿئين ۽ هيٺين علائقي جي ٻوليءَ ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن. تنهن ڪري بهتر سمجهيو ويندو آهي ته وچئين علائقي جي ٻوليءَ کي لک،پڙهه لاءِ ڪتب آندو وڃي ۽ وچولي سنڌجي ٻولي، دفتري گهرجون پڻ پوريون ڪري ٿي.
    اسان جي خوشنصيبي اها آهي ته درياهه جا ٻئي ڪنارا نوشهرو ۽ سيوهڻ پراڻا علمي ۽ ادبي علائقا آهن؛ جنهن ڪري هتي جا ماڻهو خاص طور با اخلاق ۽ حليم طبيعت جا مالڪ هجڻ ڪري سندن لهجو انتهائي ڏاهپ وارو مفڪرانا آهي ۽ صدين جا پاڙهيل هتي جا ماڻهو نج ٻوليءَ ۾لکن توڙي ڳالهائين ٿا. تنهنڪري به اخباري، ڪتابي ۽ دفتري گهرجون پوريون ٿين ٿيون.
    ( سنڌ جو وچولو جيڪو اصل ۾ نواب شاهه ضلعو آهي جنهن کي جتي ڀرين کان ڪوٽڙي ۽ ڪنڊياري کان حيدرآباد تائين سنڌکي وچولو چئي لکجي ٿو.اهو لفظن جو فرق انهن لهجن ۾ڪجهه هن ريت آهي،
    مثال طور :
    وچولي ۽ سري ۾ ”جنهن “ جو جمع ” جن“ ۽ ” تنهن“جو جمع” تن“ آهي. جڏهن ته درسي ڪتابن ۾ ( ڏاکڻي سنڌ جي اچار موجب ) ” جنهن“ جو جمع ” جن“ ۽ تنهن جو جمع ” تن“ آهي. وضاحت: ج ۽ ت“ کي سري ۽ وچولي ( زير ) ڏني ويندي آهي، ۽ لاڙ ( ڏاکڻي ) ۾ ساڳين لفظن کي لهجي جي حساب سان ( زير ) ڏني ويندي آهي.اهڙي طرح نڪاوان آوازن لاڙ ۾ڇو ته گهميل موسم هوندي آهي ) ان لاءِ گهٽ استعمال ٿيندا آهن. مثال طور:
    وچولي ۾ لاڙ ۾
    ماڻهو ماڙو
    ٻيون ٻئو
    مينهون مهون
    تنهنجو تهجو
    منهنجو مهجو وغيره
    اهڙي طرح سريلي ۽ وچولي ۾ پڻ ڪجهه لفظ اهڙا آهن جن جا يا ته متبادل لفظ آهن يا انهن جون صورتون تبديل ڪري پيش ڪيون ٿيون وڃن؛ مثال طور:
    سريلي ۾ وچولي ۾
    ڏوڪڙ پئسا( انگريزي لفظ
    پڻهس پڻس
    ڪاٿي ڪٿي
    ڪاڏي ڪڏي ( ڪيڏانهن )
    جاتي جتي وغيره.
    اهڙيءَ طرح گهرن کان گهرن، پاڙن کان پاڙن ۽ شهرن کان شهرن تائين ٻولي جي لهجن ۽ لفظن ۾ فرق ملندو. جنهن کي وري اپ ڀاشائون Sub Dialect چيو ويندو آهي. ڪجهه علائقن ۾ جملا ڪٽي، ڪتري پڻ پيش ڪيا ويندا آهن،
    ۽ علائقن جي چوڻين ۽ پهاڪن ۾ فرق هوندو آهي.
    اصل ۾هيءَ سنڌڌرتي جيڪا تمام شاهوڪار آهي؛ وڌندڙ آدمشماري ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ان ۾ وڌيڪ شاهوڪاري فطري طرح ايندي رهي ٿي.
    هن سنڌ ۾ ملڪ جي چئني صوبن کان سواءِ بنگالي، افغاني، برمي، مهاجر، ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو ججهي تعداد ۾رهن ٿا. انهن جي اچڻ ۽ رهڻ ڪري هن ملڪ ( سنڌ ) جي ٻولي ٻيڻي ٿي پئي آهي.جيڪا ڳالهه ڪا اجائي خوشفهمي نه ٿي تخليق ڪري ،ڇوته ٻولي جي ارتقا جو اهو اصول آهي ته اها وڌيڪ لفظ هڪ مخصوص تعداد ۾ سنڀالي سگهندي آهي؛ ائين نه ٿئي ته ٻوليءَ جامتروڪ لفظ آهستي آهستي مرندا وڃن.ڇوته اسين زرعي سماج جا ماڻهو آهيون، زرعي ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان اهي پراڻا لفظ؛ جو، جاٽ،نار،نيسر،وغيره ناياب ٿي ويا آهن ۽ ان جي جڳهه تي ماڊرن ٽيڪنالاجي روز مرهه جا لفظ جهڙوڪ: ڪمپيوٽر،اي ميل،ميسيج، موبائيل، سم وغيره ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڌاريا ويتر الڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا يعني مختلف ٽي وي چئنل ۽ اخبارون وغيره (جيڪي بنا سرڪاري ادارن جي سار سنڀال جي ۽ ڪٽ ڪٽ سنيسرشپ جي ) هلي رهيا آهن. انهن ۾هلندڙ ٻولي اصل ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ بگاڙي ڇڏيا آهن، ڇوته انهن ادارن ۾غير تربيت يافته ماڻهوڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جا ايڊيٽر پڻ ٻولي جا سائنسي ڄاڻو نه هجڻ ڪري اسان جي ٻوليءَ کي هڪ خاموش طوفان لوڙهي رهيو آهي؛ جنهن جا خبر ناهي ته ڪهڙا بد ترين نتيجا نڪرندا.ڇو ته هر لفظ کي صدين جو پس منظر هوندو آهي.اعرابن جي تبديلي لفظن جي معني! ئي ڦيرائي ڇڏيندي آهي.
    ان طوفان کي منهن ڏيڻ جو واحد حل هيءُ آهي ته ٻار کي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ابتدائي تعليم ڏني وڃي. پهرئين درجي کان پنجين درجي تائين لازمي طور ٻار مادري ٻوليءَ ۾تعليم حاصل ڪري.ڇو ته ٻار جڏهن پڙهڻ لائق ٿئي ٿو ته سندس ياد داشت ۾ پنج سو لفظ ماءُ جي پيار ڪرڻ جي ٻوليءَ جا هجن ٿا. اهي پيار جي ٻولي جا پنج سولفظ آهن ۽ بنيادي تربيت جا لفظ آهن. ٻارجي مادري ٻولي هونءَ به محبت جي سچن جذبن سان ڀريل هوندي آهي.ان ٻوليءَ سان ٻار رشتا سڃاڻڻ شروع ڪندوآهي؛
    پنهنجي ٻوليءَ ۾ميان،جڏهن چوندين ”ماءُ“، اهڙو توکي ساءُ ،ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي. ( اياز) مادري ٻوليءَ ۾ بناوٽي لهجو بلڪل ناهي هوندو. ماءُ پي جي ٻولي ئي ٻالڪ پڻي جواصل خزانو ۽ ماءُ کان مليل پيار جو پهريون تحفو هوندي آهي. جيڪڏهن اها ئي ٻولي سندس بنيادي تعليم جي ٻولي هوندي ته نه فقط ٻار جي دلچسپي وڌندي بلڪه اهي بنيادي قدر به سندس هڏن ۾پيهي ويندا جيڪي ان معاشري جو تشخص هوندا. پوءِ ان ٻار جي اظهار جو نفيس کان نفيس جذبو به پنهنجي پوريءَ شدت سان اظهار جي سگهه رکندو.هر ٻار لاءِ پهرين اعليٰ ۽مقدس درسگاهه ماءُ جي هنج ئي هوندي آهي؛ جنهن کان پوءِ گهر گهٽيءَ جي ٻولي سندس پلئه پوندي آهي، جنهن ۾ ٻار شين، راندين، ۽ رشتن جا نالا ۽ اهميت سکندو آهي. ماءُ ۽ پيءُ ان زماني ۾ ٻار جا استاد هوندا آهن ۽ سندن اولين ترجيح هوندي آهي ته ٻار ڪو غلط لفظ يا گار وغيره نه سکي سگهي.
    اڄ اسان جي ٻار جي تعليم هن موجوده وقت جي اهم ضرورت آهي. اڄ اسان جي ٻوليءَ جو مسقتبل اسان جي ٻار جي تعليم تي دارومدار رکي ٿو.اسان جي حڪومت جي حالت اها آهي ته ارڙهن سالن کان اسان وٽ هڪ به استاد ڀرتي ناهي ٿيو؛ اسان جي تعليم سرڪاري سار سنڀال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو.
    ٻوليءَ جي تحفظ جو ٻيو مورچو اسان جو اديب آهي موجوده حالتن ۾اديبن ۽ دانشورن جو ادا ڪيل ڪردار ساراهه جوڳو آهي؛مگر ان طرف اڃان به توجهه جي ضرورت آهي.
    جيڪونظريو سائين جي ايم سيد جو ” بزم صوفياءِ سنڌ“ متعلق هئو ته شاعرن ۽ اديبن کان تخليقون لکرايو،ڇپرايو ۽ ڳارايو ته جيئن اسان جو پيغام عام ٿئي! اهڙي ئي نموني ٻوليءَ جو تحفظ تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جو ڦهلاءُ سائنسي انداز ۾ٿئي.
    اڄ جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي مستقبل جو سوال اسان کي پريشان ڪندو هجي ته اسان پنهنجي ٻارن جي تعليم طرف ڌيان ڏيون ۽ پنهنجي ادب کي سائنسي انداز ۾ عام ڪيون ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي نارائڻ شيام جي ان خدشي کان آجو ڪري سگهندا سين ته:
    الا ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. ( شيام )
    آئون ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي انهن لفظن سان اختتام ڪندس ته: ڪنهن به ٻوليءَ جي زوال جوهڪ اهم ترين سبب هيءُ به آهي ته ان جا ڳالهائيندڙ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ تي ناز ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.“

    حوالا:
    1پروفسير اعجاز قريشي: سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي تاريخ ۽ پس منظر_
    2.سنڌي ٻولي تحقيقي جنرل3 2009ع
    3. ساڳيو_
    4. تاج جويو: وچولي جو معياري لهجو_ سنڌي ٻولي تحقيق جنرل 2008ع.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو