موبائيل ميڊيا: سنڌي ٻوليءَ جي گلستان ۾ بهار جو هڪ جھوٽو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    موبائيل ميڊيا: سنڌي ٻوليءَ جي گلستان ۾ بهار جو هڪ جھوٽو

    مهراڻ ملاح

    خبرن جي جهان مان هڪ خبر آهي ته ٻين کان پنجين مارچ تائين اسپين ۾ ’موبائيل ورلڊ ڪانگريس‘ ٿي رهي آهي. ان مناسبت سان چوٿين مارچ تي ’موبائيل ميڊيا سمٽ‘ به منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اشتهاري ادارا، مارڪيٽر، پبلشر، ايپ ڊويلپر، موبائيل ٽيڪ ڪمپنيون ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون شريڪ ٿينديون. ان موقعي تي نَوَن لاڙن، ميڊيا جي نئين جهان، موبائيل معرفت تخليقي تحرڪ، چين ۽ ڀارت ۾ موبائيل استعمال ڪندڙن جا مسئلا ۽ للڪارون ۽ ٻين لاڳاپيل مسئلن تي بحث مباحثا ڪيا ويندا.
    موبائيل ٽيڪنالاجيءَ جي ڏينهون ڏينهن نت نين ترقين ۽ وڌندڙ اثرن ۽ دائري ان جي ڪارج ۽ ڪردار کي غير معمولي حد تائين هٿي ڏني آهي. موبائيل هڪ ملٽي ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ واري حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. اها نَوَن ڄارن ۽ مختلف ڍانچن کي تخليق ڪري رهي آهي. موبائيل جي گھَڻَ رُخي استعمال ڪيترين ئي ٻين ٽيڪنالاجين لاءِ سهولت جا در کوليا آهن. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ان جو غيرمعمولي ۽ سگھارو اثر، ان جي افاديت کي هر ڏينهن نَون زاوين کان ترقي ڏياري رهيو آهي. مو بائيل ميڊيا/صحافت به ان ئي سلسلي جي هڪ سگهاري ڪڙي آهي. ان (موبائيل ميڊيا) ۾ هڪ کان وڌيڪ اهڙا اوزار ( Devices) اچي وڃن ٿا، جيڪي هٿ ۾ کڻي سگھڻ جوڳا آهن.
    عبدالرزاق ڇڇر، جيڪو ملائيشيا مان انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايم فل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي چائنا جي چِنگھئا يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، ۽ جنهن موبائيل ٽيڪنالاجيءَ جي جي ڪارج ۽ ڪردار تي تمام گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي هڪ تحقيقي آرٽيڪل ”مهاڻن پاران مارڪيٽنگ ۽ موسم جي معلومات لاءِ موبائيل فون جو استعمال“ ۾ لکي ٿو ته موبائيل فون ابتدا ۾ ڪاروباري مقصدن لاءِ ايجاد ڪئي وئي هئي پر هاڻي اها تعليم، صحت، زراعت، هنگامي حالتن کان خبردار ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي مقصدن لاءِ ڪتب اچي رهي آهي. ترقي پذير ملڪن ۾ تيزيءَ سان ان جو واهپو وڌيو آهي، ڇوته اها سستي آهي.
    موبائيل کي چوٿين اسڪرين (Fourth Screen ) ميڊيا به سڏيو وڃي ٿو. نئين ميڊيا جي داخلا سان هاڻي ميڊيا جي درجابندي ڪئي پئي وڃي ۽ موبائيل کي ستين ميڊيا جو درجو ڏنو ويو آهي. باقي ڇهن قسمن ۾ اشاعتي ميڊيا، ريڪارڊنگ، سينيما، ريڊيو، ٽي وي، انٽرنيٽ اچي وڃن ٿا.
    نئين ميڊيا جي ابتدا تعليم سميت سمورن شعبن لاءِ وڏيون سَنهجايون ۽ سَوَلايون پيدا ڪيون آهن. تحقيقي اڀياسن ۾ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته اڳتي هلي ’ڪلاس‘ ۽ ’استاد‘ جو تصور به ختم ٿي ويندو ۽ هرڪو پاڻ استاد، پاڻ شاگرد هوندو. موبائيل ٽيڪنالاجيءَ جو تعليم لاءِ استعمال ڏاڍو ڪارگر ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو آهي. موبائيل سکيا ( Mobile Learning) تحت دنيا ۾ بيشمار پروجيڪٽ هلي رهيا آهن، جن کي وڏيون ڪاميابيون نصيب ٿيون آهن.فلپائين، منگوليا، ٿائلينڊ، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾، 2010ع ۾ هلندڙ موبائيل سکيا جي پروجيڪٽن جو اڀياس بعنوان ”تعليمي نتيجن کي بهتر بنائڻ لاءِ موبائيل سکيا جو استعمال: ايشيا ۾ تجربن جو تجزيو“ ٻڌائي ٿو ته تعليمي نتيجن کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان موبائيل فون جو استعمال ٻن طريقن جي حوالي کان مددگار ثابت ٿيو آهي: هڪ تعليم تائين رسائيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ ۽ ٻيو سکيا جي نَوَن طريقن کي سڌارڻ. تحقيق ٻڌائي ٿي ته اڪثر موبائيل سکيا جون رٿائون يورپ، اتر آمريڪا ۽ ايشيا پئسفڪ جي ترقي يافته ملڪن ۾ عمل هيٺ آيون آهن.
    افغانستان ۾، روايتي توڻي غيرروايتي تعليم جي ڏس ۾ موبائيل سکيا جي حوالي سان تمام گھڻو ڪم نظر اچي ٿو. حڪومت طرفان 2011ع کان 2013ع تائين اهڙا پروگرام شروع ڪيا ويا، جن تحت استادن، والدين ۽ مُلن جا اسڪولن جي سطح تي پروگرام ڪرايا ويا ۽ انهن کي ريڊيو تي به نشر ڪيو. مئي 2011ع کان مئي 2012ع تائين، افغان انسٽيٽيوٽ آف لرننگ طرفان افغاني عورتن کي پڙهائڻ لاءِ موبائيل لٽريسي پروگرام شروع ڪيو ويو، جنهن وڏي ڪاميابي ماڻي. افغان حڪومت ۽ آمريڪا جي مالي سهڪار سان ’استاد موبائيل‘ نالي سان به هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو، جنهن جو مقصد عورتن کي پشتو، دري ٻوليون ۽ رياضي پڙهائڻ هو. ان کانسواءِ مقامي توڻي بين الاقوامي اين جي اوز طرفان به اهڙي قسم جون رٿائون هلايون ويو آهن.
    بنگلاديش ۾، يو ڪي سرڪار جي سهڪار سان موبائيل فون ذريعي انگريزي سيکارڻ لاءِ ’جنالا پروجيڪٽ‘ هلندڙ آهي، جنهن تحت 2017ع تائين 25 ملين ماڻهن کي انگريزي سيکارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ويب سائيٽ موجب شروعاتي ٽن مهينن ۾ هڪ ملين سبق پڙهايا ويا آهن. بنگلاديش ۾ فاصلاتي تعليم جي حوالي سان به موبائيل ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي،
    ورچوئل يونيورسٽي پاڪستان جي اسسٽنٽ پروفيسر ياسرا وقار جي، ’جرنل آف ريسرچ اينڊ رفليڪشن اِن ايجوڪيشن‘ جي ڊسمبر 2014ع واري شماري ۾شايع ٿيل ريسرچ آرٽيڪل بعنوان ”پاڪستان ۾ موبائيل سکيا جي ماڊل ڏانهن وک“ ۾ چوي ٿي ته ايشيا ۽ آفريڪا دنيا جون وڏي ۾ وڏيون موبائيل مارڪيٽون آهن. ايشيا پئسفڪ ۾ ٽي بلين کان وڌيڪ موبائيل ڪنيڪشن آهن. ان اڀياس جو مقصد ايس ايم ايس پيغامن جي استعمال بابت تحقيق ڪرڻ هو. اهو اڀياس لاهور جي ٻن سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ ڪيو ويو، جتي چوٿين ڪلاس جي شاگردن جي رياضيءَ جي مهارتن جي ڪَٿَ ڪئي وئي.
    سنڌ يونيورسٽي ريسرچ جرنل (سائنس) ۾، 2011ع ۾ شايع ٿيل هڪ اڀياس بعنوان ”پاڪستان ۾ اِي لرننگ سرشتي تي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جا اثر“ ان ڳالهه لاءِ اتساهي ٿو ته اليڪٽرانڪ سکيا گھر ويٺي تعليم پرائڻ، ڄاڻ ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جو عاليشان طريقو آهي.
    موبائيل ٽيڪنالاجي ٻين ٽيڪنالاجين، جهڙوڪ پرسنل ڪمپيوٽرن ۽ براڊبينڊ ڪنيڪشنن جي ڀيٽ ۾ نهايت سستي آهي. موبائيل سکيا جي خاصيت اها آهي ته اها ڪلاس ٽائيم تائين محدود ناهي، اهو عمل هر هنڌ، هر مهل جاري رهي ٿو. ان لاءِ ڪجھ به مخصوص ۽ محدود نه آهي. سکيا جو اهو طريقو ماڻهوءَ جي جسماني چرپر سان ڳنڍيل نه آهي. ان کانسوءِ اها موجوده دور ۾ هوند ۽ ان هوند وارن ۾ ڄاڻ تائين رسائيءَ واري وٿيءَ کي گھٽائي ٿي. موبائيل سکيا شاگردن کي ان ڳالهه جي اهل بڻائي ٿي ته اهي سکيا جي عمل ۾ ڀائيوار بڻجن ۽ ان کي تخليقي بڻائين.
    اها ڪميونٽي سطح جي سکيا کي هٿي ڏئي ٿي، جنهنڪري سماجي تناظر ۾ ان کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي. ان قسم جي سکيا سماجي_اقتصادي مقصدن جي حصول لاءِ ضروري آهي، ڇوته ان سان صحت، ڪٽنبي سارسنڀال ۽ ٻين اهڙن جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو، جيڪي خلق لاءِ للڪار بڻيل آهن.
    جيڪي ماڻهو روايتي تعليم کان وانجھيل آهن، موبائيل سکيا انهن ماڻهن لاءِ هڪ وڏي ڪشش جي حيثيت رکي ٿي. اها ان حوالي سان به افادي ۽ مفيد آهي جو تڪڙي ۽ ترت موٽ جو سگھارو وسيلو آهي. اها نئين قسم جي سکيا ماڻهوءَ جي پنهنجي هٿ وس آهي، سهڪاري آهي، هر هنڌ موجود آهي، مستقل آهي. موبائيل سکيا انهن ماڻهن لاءِ گھڻي فائديمند آهي، جيڪي سکيا ڏيندڙ ادارن ۾ جسماني طور تي وڃي سگھڻ جي اهل نه آهن يا اهي ماڻهو، جيڪي ڪم ڪارين، گھرو سرگرمين ۽ ٻين مجبورين جي ڪري روايتي تعليمي طريقن تحت پڙهي نٿا سگھن.
    `ed.org.za` ويب سائيٽ سوشل ميڊيا ذريعي تعليمي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ زبردست پليٽ فارم آهي، جنهن ذريعي سوشل ميڊيا جي تعليم لاءِ ڪارج کي بهتر نموني سمجهي سگھجي ٿو ۽ لاڀ ماڻي سگھجي ٿو.
    دنيا ۾ هاڻي تعليم ۽ ٻوليءَ وارو بحث بنيادي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. يونيسڪو طرفان هر سال 21 فيبروريءَ تي مادري ٻوليءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. ان ڏس ۾ هن سال جو موضوع آهي ’ٻولي: تعليم ذريعي شموليت‘، ڇاڪاڻ ته ٻولي (مادري) کانسواءِ تعليمي عمل ۾ شموليت برابريءَ لاءِ راهه هموار نٿي ڪري سگهي.ان کانسواءِ، عالمي سطح تي ان ڏس ۾ هڪ ٻي به سرگرمي ٿي رهي آهي ۽ اها هيءَ ته22_23 مئي تي، هانگ ڪانگ ۾ انٽرنيشنل موبائيل لَرننگ فيسٽيول ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ تعليم بابت موجوده دور جي تصورن ۽ سوچن، آن لائين ڪورسن، ايڪهين صديءَ جي تدريسي ماڊلن بابت ويچار ونڊيا ويندا.
    پاڪستان ۾ موبائيل سکيا جي حوالي سان ڪو ڳڻپ جو ڳو ڪم نه ٿيو آهي. علي حسن ملاح سنڌ جو واحد صالح فرزند آهي، جنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇلائيندي، سنڌي ٻولي سيکارڻ واسطي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي آپريٽنگ سسٽم اينڊروئڊ لاءِ سنڌي نصابي سافٽ ويئر مفت تيار ڪري،گوگل پلي اسٽور تي جاري ڪيوآهي. اهڙي ڪارنامي کانپوءِ،سنڌي ٻولي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ تي اچڻ جي حوالي کان پاڪستان جي سمورين قومي ٻولين کان گوءِ کڻي وئي آهي
    ملاح صاحب، جيڪو انڊس سليڪان سافٽ ويئر ڄامشورو جو باني آهي، پنهنجي ساٿي انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي تيار ڪيل سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي اٺاويهن سبقن سميت رنگن، جاميٽري جي شڪلين، شين، جانورن، پکين جي آوازن، لکت ۽ مشق شامل ڪري، عالمي معيار جي گھرجن جو پورائو ڪيوآهي.سنڌي ٻوليءَ لاءِ سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ لاءِ پهريون ڀيرو تيار ڪيل هن سافٽ ويئر ۾ لفظن ۽ جملن جي اچارن لاءِ آوازن ذريعي هِجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سکندڙ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ۾ آڻي سگهي ٿو.
    هي سافٽ ويئر سرڪاري ۽خانگي اسڪولن ۾ تعليمي ۽ تدريسي سرگرمين ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ خواندگي جي شرح ۾ واڌاري لاءِ پهرين وک پڻ آهي.
    وفاقي توڻي صوبائي سطحن تي خواندگيءَ جي شرح وڌائڻ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون جوڙيون وڃن ٿيون پر سرڪار اڃا تائين گھربل هدف ماڻي نه سگهي آهي. اهڙي صورتحال ۾، هن قسم جي سافٽ ويئر جو ميدان ۾ اچڻ ڪنهن ڪارنامي کان گھٽ نه آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان کي گھربل پذيرائي ۽ مڃتا ملي نه سگهي آهي. اهي سڄاڻ ڌريون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ آواز اٿارينديون رهن ٿيون، انهن جي لاتعلقي ناقابلِ ادراڪ آهي! جڏهن سماج جو سڄاڻ حصو ئي اهڙي ڪارنامي تي خاموش هجي ته بي حواس حڪومت ۽ ان جي ادارن تي ڪهڙي ميار ڏجي!
    جيڪڏهن هن پروجيڪٽ کي مڃتا ڏيندي، ان جي مالي معاونت ڪئي وڃي ته ان ۾ اڃا وڌيڪ سڌارا آڻي سگھجن ٿا ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان مختلف رٿائون تيار ڪري، سنڌ ۾ خواندگيءَ جي شرح حيرت جوڳي حد تائين وڌائي سگهجي ٿي. هن پروجيڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ سان نه رڳو سرڪار جا بيشمار وسيلا بچي سگھن ٿا پر سالن جا ڪم مهينن ۾ اڪلائي سگھجن ٿا. جيڪڏهن اسان جو ان ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته تعليم ئي سنڌ جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي ته پوءِ اڄ کان ئي اسان کي ان ڏس ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار طعي ڪرڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو