موبائل ٽيڪنالاجيءَ ذريعي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم : علي حسن ملاح

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    21 فيبروري :مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن
    موبائل ٽيڪنالاجيءَ ذريعي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم
    علي حسن ملاح

    سنڌي ڇا آهي ؟ رڳو ڪلچر آهي يا ٻولي به آهي؟ اهو سوال جڏهن دنيا جون اوڻيهه اهم ٻوليون ڳالهائيندڙ عيلين جُووِن ڪيو ته منهنجا وڻ وڄي ويا ،هن فيس بڪ تي پنهنجي عوامي صحفي polyglots ( گھڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو) ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ منهنجي سنڌي سکڻ جي زوربار ڀرڻ تي سنڌي ٻوليءَ بابت سوال ڪري رهي هئي عربي،فارسي.هندي،هيبرو ۽ روسي روانيءَ سان ڳالهائيندڙ عيلين جُووِن،جنهن آمريڪي يونيورسٽيءَ مان تقابلي ادب ۾ ماسٽرس ۽ ابلاغي هرفتن جي تربيت تي ڪمپني به جاري ڪئي آهي وٽس سنڌي ٻولي لاءِ تجسس گاڏڙ تعجب آهي ته دنيا ۾هرجاءِ پهتل۽ سستي ترين موبائل ٽيڪنالاجي ۾ سنڌ جي ادارن جي اڻهوند ۽ فردن جي شموليت آهي هن جو موقف آهي ته ادارن جي شرڪت ۽ ڀرپور منصوباندي ذريعي ئي ڪنهن سماج کي ٽيڪنالاجيءَ جو سستو ۽ تڪڙو ثمر مهيا ڪري سگھجي ٿو.هوڏانهن هانگ ڪانگ مان دنيا جي اهم ٻولين سيکارڻ لاءِ ڪتاب شايع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ پرسي وونگ ، انگريزي جا ٽي هزار جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن ته جينئن سنڌي ٻولي سيکارڻ جو عالمي معيار جو ڪتاب ، سافٽ ويئر ۽ موبائل ايپ جاري ڪري سگھي هن اهو به شرط رکيو ته اوهان ترجمو هڪ ئي وقت ٻنهي لپين عربي پرسو ۽ ديوناگري ۾ڪندا ، پرسي وونگ کي حيرت هئي ته هيڏي شاهوڪار ٻولي کي سيکارڻ لاءِ ايپل اسٽور،ونڊو بازار ۾ ڪوبه ايپ ناهي رڳو پلي اسٽور تي هڪ ايپ آهي

    اهو ايپ مون پنهنجي ساٿي سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي آپريٽنگ سسٽم اينڊروئڊ لاءِ مفت تيار ڪري گوگل پلي اسٽور تي جاري ڪيوآهي، پاڪستانجي سمورين قومي ٻولين مان سنڌي ٻولي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ تينصابي حيثيت ۾ سڀ کان پهرين پهتي آهي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي تيار ڪيل”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي اٺاويهن سبقن سميت رنگن،جاميٽري جي شڪلين ،شين،جانورن،پکين جا آوازن،لکت ۽مشق شامل ڪيو ويو آهي، وڊيو گيم ڏانهن ٻارڙن جي وڌندڙ رجحان کي سامهون رکندي نصابي ايپ جي مشق واري حصي ۾ بنيادي الف بي کي گيم واري انداز ۾ ترتيب شامل آهي،هن نصابي ايپ کي غير سنڌي ماڻهن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ واري پروجيڪٽ جو حصو پڻ بڻائي حيرت انگيز نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا هن نصابي ايپ جو پورهيو اسان شهيد بشير خان قريشي ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي ارپيو ويوآهي

    سنڌ ۾ خانگي اسڪولن وٽ مادري ٻولي سنڌي نه پڙهائڻ جا جيڪي مک جڳاڙي جواز ڄاڻاياٿي وياهن ايپ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ اهي سمورا جواز بي معنيٰ ٿي ويا آهن هي ايپ نه رڳو سرڪاري ۽خانگي اسڪولن۾ تعليمي ۽ تدريسي سرگرمين مددگار ثابت ٿيندو پر ٻهراڙين ۾ خواندگي جي شرح ۾ واڌ لاءِ غير سرڪاري تنظيمن جي خوابن جي ساڀيا ڏانهن پهرين وک پڻ آهي جنهن جو تازو مثال ايشيائي ملڪ ڪمبوڊيا ۾ مادري ٻولي خمر ۾ جوڙيل ايپ جا شاندار نتيجا سڄي دنيا جي سامهون آهن ٻه ڏهاڪا خانا جنگي ۾رهندڙ ڪمبوڊيا جو بنيادي سماجي ڍانچو تباه ٿي چڪو هو اهڙي مايوس ڪن صورتحال ۾ خمر ٻولي ۾ جوڙيل پهرين ايپ خواندگي جي شرح بهتر بنائڻ ۾ هڪ معجزو آهي

    مارڪ پيگرم پنهنجي ڪتاب “موبائل سکيا:ٻوليون، خواندگي ۽ ڪلچر ”۾ ڀارت،بنگلاديش ،چين آمريڪا ۽ سنگاپور ۾ موبائل وسيلي مادري ٻوليءَ جي سکيا کي ساراهيو آهي نموني طور سنگارپور سرڪار پاران منڊارين ،هوڪين،پنجابي،تامل،ملئي ٻولين بابت موبائل ۾ جوڙِيل پروگرامن جو ذڪر ڪيو آهي جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي رياست گجرات ۾ برٽش اڪيڊمي پاران شروع ڪيل موبائل سکيا پروگرام جي نتيجن تي بحث ڪندي لکيو آهي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائل ذريعي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم هڪ جادوءَ جي لٺ برابر آهي ڪتاب “ موبائل سکيا جو ڪتابچو” جي خالقن زيني ۽ لين ميلينبرگ بدلجندڙ دور ۽ ٻارن جي گھرجن کي سمجھندي لکيو آهي ته ٻار جي کيسي ۾ رکيل موبائل هاڻي تعليمي سرشتي جو اڻٽٽ حصو آهي پهرين شاگردن لاءِ موبائل منع ٿيل ميوو تصور ڪيو ويندو هو پراسان اهو جائزو ورتو آهي ته موبائل فون ۾ جاري سروس جنهن ۾ آڊيو،وڊيو،نوٽس، پوڊڪاسٽ ۽ايس ايم ايس ٻارکي مادري ٻولي سکڻ ۾ لاڀائتا ثابت ٿين ٿا . ڪتاب “ موبائل سکيا جو نئون نظارو : ايپ جي ذريعي تعليم ” ۾ لکيل آهي ته ڊينش تعليمي نظام ۾ ٻارن کي مادري ٻولي ۾ موبائل ذريعي نين حرفتن سيکارڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ويون انهن سرگرمين ذريعي اسان پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا آهيون

    هر سال جيان يونيسڪو پاران هن سال به مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏهاڙي جي مک تقريب ته فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ ئي ٿيڻي آهي پر پورچوگال ۾ هن سال مارچ ميني ۾ ٽي ڏهاڙا لڳاتار ٿيندڙ يارهين عالمي موبائل ڪانفرنس نه رڳو تعليدانن لاءِ اهميت اختيار ڪري وئي آهي پر تعليمي ايپ جوڙيندڙ ڪمپنيون ۽ ڊيولپر پڻ گھڻو پراميد آهن mlearning-conf.org ويب سائيٽ تان ان ڪانفرنس جا وڌيڪ تفصيل حاصل ڪري سگھجن ٿا جڏهن ته هن سال مارچ مهيني ۾ ٻن ڏينهن جو هانگ ڪانگ ۾ لڳندڙ موبائل سکيا جو ميلو پڻ خبرن جي جهان ۾ انتهائي اهميت جوڳو ڏڻ آهي جتي اشتهاري ادارا، مارڪيٽر، پبلشر، ايپ ڊويلپر، موبائيل ٽيڪ ڪمپنيون ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون وڏي پيماني تي اوس شريڪ ٿينديون. اهي ڌريون عالمن جي تحقيقي مقالن جي آڌار تي پنهنجي حڪمت عملي جوڙينديون.

    دنيا جي آزاد،باشعور ۽خوشحال خطن،ملڪن ۽ سماجن ۾ هرقسم جي تحقيق ٿئي ٿي ،تازو آمريڪي سماج اندر موبائل فون استمال جا انگ اکر سامهون آيا آهن جنهن جي بنياد موبائل ڪمپينون ۽ ايپ ڊيولپر ٻيهر نئين سر منصوبابندي ڪري رهيا آهن جينئن پنهنجي پيداوار خاص صارفين تائين پهچائي پنهنجا مخصوص هدف پورا ڪري سگھن ،انگ اکرن وچور هينئن آهن ته ايڪا سي سيڪڙو صارفين رڳو اي ميل موڪلين ۽ وصول ڪن ايس ٿا سٺ سيڪڙو صارفين موبائل تان انٽرنيٽ استعمال ڪن، ٻاونجاهه سيڪڙو اي ميل موڪلين ۽ وصول ڪن ،جڏهن ته پنجاهه سيڪڙو ايپ ڊائونلوڊ ڪن ٿا .وڌيڪ آمريڪي سماج جا موبائل استعمال بابت انگ اکرpewinternet.org تي موجود آهن

    سنڌ جي تعليمي ادارن پرائمري اسڪول کان يونيورسٽي تائين موبائل استعمال جي لاڙن بابت جامع تحقيق ڪرڻي پوندي تحقيق کانپوءِ ئي ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي ته شاگرد،شاگردياڻيون ،استاد ۽والدين موبائل فون جو استعمال ڪهڙن خاص مقصدن لاءِ ڪن ٿا انهن لاڙن کي با مقصد ۽ مثبت ڪينئن بڻائي سگھجي ٿو،تازو سنڌ سرڪار پاران تعليمي ادارن اندر موبائل فون تي پابندي کان پوءِ واري صورتحال تي تحقيق ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ادارن اندر استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سمارٽ ۽ ٽيبليٽ جي وڌندڙ لاڙي کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ استادن جي تربيتي ادارن جي نصاب ۾ موبائل سکيا جا ڪورس شامل ڪرڻا پوندا،جينئن ايندڙ وقت جي گھرجن ۽ نزاڪتن کي سمجھندي علم جي پياسن جي وقت سر آبياري ڪري سگھجي

    M03003440426@indusilicon.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو