قاضي مقصود گُل : بسنت رت ۾ وڇڙي ويل گُل
صبا شاهه
بسنت رت ۾ وڇوڙي جو درد عطا ڪري ويندڙ منهنجي شهر رتي ديري جو مشهور شاعر قاضي مقصود گل جنهن پنهنجي ڀرپور شاعراڻين صلاحيتن سان سڄي سنڌ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي. جنهن جي شاعراڻي خسٿوريءَ جي واس لکين دلين کي معطر ڪيو. جهڙي طرح هڪ شاعر سمنڊ سمان وسيع، گونا گون شخصيت ۽ ڪروڙين ستارن سان سجيل اُڀَ سمان آهي. سندس فن ۽ فڪر جي بي پايان خزاني تي ڪڏهن ڪجهه لکي، سمجهي يا سمجهائي سگهي ٿو؟ ڇو ته هڪ شاعر جي شاعريءَ جا هزارين پهلو آهن. جنهن جي اکر، اکر ۾ عميق سمايل ۽ سندن ويچار لفظن جي لڙهي ۾ پويل سهڻي نموني پيش ٿين ٿا. مان سمجهان ٿي ته هر ڪنهن جي وس ۾ اها ڳالهه هرگز نه آهي. هتي مان قاضي مقصو گل صاحب جي استاد شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جون سٽون جيڪي ذهن تي تري آيون لکندس :
”شاعري ته گهڻا ئي ڪندا آهن پر شاعر ڪو، ڪو ئي هوندو آهي“
اهڙيءَ طرح قاضي گل صاحب به زندگي جي سمورن رنگن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو آهي. لکيو اٿس ته:
اسان جَرَ تي ڏيئا جلائي جيئون ٿا،
حياتيءَ لئه حيلا هلائي جيئون ٿا،
ڏنا درد جيڪي اکين ۾ اولاون،
سڄا سُورَ سيني سمائي جيئون ٿا.
قاضي صاحب جي مزاج ۾ جيڪا سرڪشي هئي، اها ئي سندس شاعريءَ ۾ سموري توانائي سان نظر اچي ٿي. ڌرتي تي ٿيل جبر يا فطرت جون بي واجبيون هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ احتجاج ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪايو هڪ رباعي ۾ سندس ڪجهه اهڙي طرح بيان ڪيائين ته:
سي رنگ ۽ بي نور زمانو آيو،
دل درد سان ڀرپور زمانو آيو،
ڪنهن جي نٿو دانهن جو هت داد ٿئي،
سو سُور کڻي سُور زمانو آيو
قاضي مقصود گل صاحب جي شاعريءِ ۾ جيڪو گهاڙيٽو آهي، سو ئي هڪ وڏي سڄاڻ آهي. هي گهڻ موضوعاتي شاعر هو جيڪو عوامي لهجي ۾ سادن لفظن ۾ گهرو فڪر ۽ ويچار ڏيندڙ سرجڻهار هو. چيائين ته:
نيڻ بڻجي برهه جا بادل سدا وسندا رهيا،
پاند بس ويچارڙيءَ هن دل سندا پسندا رهيا،
مهربان آيا اکين ۾ رات هڪري ويا رهي،
پر سموري زندگي سي هانءُ ۾ هرندا رهيا.
پڙهڻ کان پوءِ سندس سٽون روح تائين رسن ٿيون، ڇا ته گل صاحب جي شاعري ۾ ڪمال جي روانگي آهي. هن جي شاعري جي تجربي کان پوءِ مان اها ئي راءِ رکان ٿي ته هو نه صرف سنيڌ شاري جي ڪلاسيڪل صنفن، وائي، بيت، ڪافي، دوهو، چئو سٽو جو شاعر هو، پر جديد سنڌي جي صنفن هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ ۾ به پاڻ ملهايو اٿس. غزل کي ته پنهنجي شاعراڻي سگهه سان وڏي اوج تي رسايائين. مان سندس غزل جون چند سٽون لکندس ته:
نظر جي تير سان ڦٽي، لڇڻ به ڪو نه ٿو ڏئي،
گناهه ڇا ثواب ڇا، پڇڻ به ڪو نه ٿو ڏئي،
ضمير جون حقيقتون، فقيه جون فضيلتون،
چئي به ڪو نه ٿو سگهي، چوڻ به ڪو نه ٿو ڏئي.
قاضي مقصود گل جهڙو شاعر ورلين لڀندو جيڪو سنڌي ٻولي جو ايڏو وڏو ماهر هجي. جنهن شاعرانين صنعتن کي ڪاريگري سان استعمال ڪيو. اڄ مان دعوت فڪر ٿي ڏيان سنيڌ ادب جي محققن کي ته هو سندس شاعري تي تحقيق ڪن ائين ڪرڻ سان گل صاحب هڪ تمام وڏي شاعر جي حيثيت سان عام جي اڳيان ايندو جيڪو سنڌي ادب لاءِ لاڀائتو پڻ ثابت ٿيندو. مان دل جي گهرائين سان پنهنجي شهر رتوديرو جي هيرو ۽ عظيم شاعر سنڌ کي ڳوڙهن جي ڀيٽا ڏيندي ۽ کيس ياد ڪري هي لڙڪ اکين جي رستن تان گذرندي اهو چئي رهيا آهن ته اڄ اسان سڀني محققن اديبن ۽ شاعرن کي گڏجي وک کڻڻي پوندي ته جيئن اسان جي سنڌي سٻاجهڙي ٻولي جي ليکن جو نانءُ ۽ مان مٿانهون رهي ۽ جديد لکڻيون بين الاقوامي سطح تي پهچن اچو ته هن فاني جهان ۾ شاهه سچل ۽ سامي جيان امر بڻجون ۽ اڳتي وڌندا رهون.
مرڻان اڳ جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جئڻان اڳي جي جئا .(شاهه)