وَوڙِيَمِ سَڀِ وَٿَاڻَ، يَارَ ڪَارَڻِ جَتَ جَي اللهُ بِڪُلَ شَيءِ مُحِيطُ، اِيُ آرِيَاڻِي اُهڃَاڻَ سَڀَ ۾ پُنهُون پَاڻَ، ڪَينَهي ٻِئَو ٻَرَوچَ رِي سُرُ سَسُئِي آبِرِي وَوڙِيَمَ = ڳوليم، مون ڳوليا وَٿَاڻَ = ماڳ، مڪان، رهڻ جون جايون ڪَارَڻِ = لاءِ جَتَ = اٺ چاريندڙ جي ذات اَلَلهُ بِڪُلَ شيءِ مُحِيطُ = خدا سڀ ڪنهن شئي کي ڦريل آهي، سڀ ڪنهن شئي ۾ وسي ٿو، سندس وجود سمايل آهي. اُهڃَاڻَ = نشان، پار پتا، سڃاڻپ بيت جو پس منظر ~ مون پنهنجي محبوب پنهونءَ لاءِ سندس رهڻ جون سڀ جايون تلاش ڪيون. ~ اِها محبوب جي نشاني آهي تہ هو هر شئي ۾ سمايل آهي. ~ هُنَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪونهي، هو ئي سڀ شئي ۾ سمايل آهي. سمجهاڻي سسئي چئي ٿي :مون پنهنجي محبوب پنهونءَ کي سندس رهڻ جي سڀني جاين ۾ ڳوليو آهي، پر هو تہ هر شئي ۾ ڏِسَڻَ ۾ آيو. هو پاڻ ئي سڀ شئي ۾ سمايو پيو آهي ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪونهي. ڀٽائيءَ جو هي تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل علامتي بيت، محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات جَي هر هنڌ، هر جاءِ، هر پل موجود هجڻ جو اهڃاڻ آهي. ڀٽائي اسان کي سسئيءَ جي مثال ذريعي سمجهائي ٿو تہ جيئن سسئيءَ پنهنجي محبوب پنهونءَ کي هر جاءِ ۽ هر هنڌ ڳوليو تہ کيس هر طرف، هر شئي ۾ پنهون نظر آيو.ايئين ئي محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات زمين توڙي آسمان جي هر جاءِ، هر هنڌ، هر پل ۽ هر وقت موجود آهي. صوفين جو خيال آهي لَا مَوجُودُ الاالله، يعني الله کان سواءِ ٻي ڪابہ شئي وجودنٿي رکي. ٻيون سڀ شيون فاني آهن، بقا صرف خدا جي ذات کي آهي جيڪو هر هنڌ، هر وقت ۽ هر شئي ۾ موجود آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل