سپريم ڪورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون ڏيندڙ سينيئر جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوان داس اڄ ڪراچي ۾ ديهانت ڪري ويو آهي. جسٽس ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس رهڻ سان گڏ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به رهيو. ڪجهه وقت اڳ جڏهن سڀني پارٽين کيس اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پاڻ ان کان انڪار ڪيائون. ڀڳوان داس ايمناداري ۽ ميرٽ سبب مشهوري ماڻي.
هو 20 ڊسمبر 1942ع ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر نصير آباد ۾ پيدا ٿيو. ڀڳوان داس قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ اسلامڪ اسٽيڊيز ۾ ماسٽرس ڪئي. 1965ع ۾ بار ڪائونسل ۾ شامل ٿيو، 1967ع ۾ عدليه ۾ شامل ٿيو ۽ ڪيئي سال سيشن جج طور فرض ادا ڪندو رهيو. 1994ع ۾ سنڌ هاء ڪورٽ جو جج ۽ 2000ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: