1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سن شهر تي نالو سن ڪهڙي سبب پيو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    126
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    سن شهر تي نالو سن ڪهڙي سبب پيو

    سائين جي ايم سيد جي راءِ موجب ”سن شهر تي سندس نالو ڪهڙي سبب پيو ان لاءِ ڪا خاص روايت يا تاريخي ثبوت نه ٿو ملي يا ته ڪنهن صدي جي اوائل ۾ ٻڌل ٿو ڏسجي يا سڻيء جي پوک ڪري جا ان ۾ ٿيندي هئي. اهو نالو پيو هجيس جو سڻي کي پِٽِ سن ڪري چوندا آهن. اتي جهوني شهر جا آثار اڃا تائين موجود آهن. ممڪن آهي ڪو اڳيون ڳوٺ قديم نالو بدلائي اهو اختيار ڪري ويو هجي. فتوح البلدان ۾ آهي ته نيرون ڪوٽ فتح ڪرڻ بعد محمد بن قاسم سيوهڻ طرف روانو ٿيو. رستي تي سيم يا سم جو قلعو فتح ڪيائين حيدرآباد ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ ٻيو ڪو به جهونو شهر ڪو نه آهي. سواءِ سن جي. ممڪن آهي ته اهو نالو بد لجي سن ٿيو هجي. يا عرب مورخ شهر جو صحيح نالو معلوم نه ڪري سيم لکي ويٺا هجن.“

    محترم بدر ابڙي ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪيا آهن. جنهن موجب: ”سن پتڻ جي اهميت سندس نالي مان ظاهر آهي. سن معنيٰ پراڻو، سن شهر جي اڄوڪي سڄاڻپ سائين جي ايم سيد آهي.

    بحرحال سائين جي ايم سيد جي راءِ کي پنهنجي اهميت آهي. سن شهر تي نالو جيڪڏهن سڻيء جي پوک ڪري پيو هجي ته ان ۾ ڪو مبالغو ناهي، سڻي کي پِٽِ سن ڪري چوندا آهن. پٽ سن سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت ٻولي مان ڦٽي نڪتي ان ڪري سنسڪرت، سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ آهي. پر ڪن محققن جو چوڻ آهي ته سنسڪرت ٻولي ۽ سنڌي ٻولي ٻئي ڀينرون آهن.

    اردو ٻولي جيئن ته فارسي لفظ ’ارد‘ يعني لشڪر. ان ڪري اردو کي لشڪري ٻولي چئبو آهي سڻي جي سنسڪرت واري لفظ ’سن پٽ‘ کي اڄ به اردو ۾ ’پٽ سن‘ سڏيو ويندو آهي. جيڪو اصل سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي.انگريزيءَ ۾JUTE ۽ لاطيني ۾ CORHORUS CAPSULARIS چيو ويندو آهي.

    سڻيءَ جي ٻوٽي مان ريشو حاصل ٿيندو آهي، جنهن کي پَٽُ چئبو آهي. سڻيءَ جي ٻوٽي کي پَٽُ سڻي به چيو ويندو آهي. سڻيءَ جو فصل ڪلراٺي ۽ وارياسي زمين يا هر قسم جي زمين تي پوکي سگهجي ٿو. لٽاسي زمين (ڪچي واريون زمينون، جيڪي هر سال لٽ جي تهن ڄمڻ ڪري ٺهن ٿيون) هن فصل لاءِ تمام موزون آهن. هي ٻوٽو مٺي زمين (جنهن ۾ هر وقت پاڻي بيٺو هجي) ۾ اڀري ٿو. هن لاءِ سانوڻ جي برسات ضروري آهي. گرمي جو پد 40.20 سينٽي گريد هجڻ ضروري آهي. سڻيءَ مان رسا، ٻوريون شاميانا ۽ ٿلها ڪپڙا ٺهندا هئا. آئين اڪبري (1590ع) ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته ”هندستان جا غريب ماڻهو سڻيءَ مان ٺهندڙ ڪپڙا پائين ٿا. ان ڪتري ڪيترن ڳوٺن ۾ سڻيءَ اڻڻ جا آڏاڻا نظر اچن ٿا.

    جيئن ته سن ۽ ان جي ڀر پاسي جون زمينون لٽاسي، وارياسي آهن. پراڻي زماني کان سنڌو درياءَ اوج ۽ موج سان وهندو هو. قدرت هن علائقي جي اهڙي بناوت رکي جو قدرتي ڪڙيا ۽ واه به هوندا هئا. جيئن ڪاروواه ۽ سيد محمد شاه وارو ڪڙيو مشهور پاڻيءَ جا لنگهه رهيا آهن. دريا جي چاڙه سبب ڪاري واه جي رستي پاڻي شاه اويس تائين ويندو هو. اهو قدرتي واه هو جنهن تي مقامي ماڻهو نارن جي ذريعي پاڻي پنهنجي زمينن کي ڏيندا هئا. هن واه جي اها به خصوصيت هئي ته جڏهن درياءَ ۾ لاٿ ٿيندي هئي ته ان واه جي ذريعي ويل مٿي پاڻي واپس درياءَ ۾ پوندو هو. انگريزن ان ۾ سڌارا آني کاٽي ڏياري مستقل واه جي شڪل ۾ آندو. هن وقت درياءَ ۾ نه اها موج رهي آهي نه اوج. ان ڪري اهو واه هن وقت ناڪاره ٿي ويو آهي پر ان جا نشان باقي موجود آهن. محمد شاه واري ڪڙيي جو منڍ اتان کان شروع ٿيندو هو جتي هن وقت درياءَ تي شاه اويس پمپنگ مشين آهي. ڪڙيو چئبو ان کي هو جيڪو تقريبن چار پنج فوٽ ويڪرو هجي ۽ قدرتي طور درياءَ ۾ چاڙهه جي ڪري ان ۾ پاڻي وهي هلي. ان جو نالو سيد محمد وارو ڪڙيو ان ڪري پيو جو ان ڪڙيي جي اٺ فوٽ کن کوٽائي سيد محمد شاه ڪرائي هئي. اهو پاڻي درياءَ کان ٻه ڪلو ميٽر اولهه ۾ موجوده ريلوي پٽڙي تائين ويندو هو، جنهن تي سيد محمد شاه جون زمينون آباد ٿينديون هنيون. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سن ۽ ان جي ڀر پاسي جون زمينون لٽاسي، وارياسي هجڻ ڪري سڻي يعني پٽ سن لاءِ نهايت ئي موزون هنيون ۽ آهن. سن علائقي ۾ سانوڻ جون برساتون جولاءِکان شروع ٿينديون آهن جيڪي آگسٽ، سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان جاري رهنديون آهن ۽ گرمي جو پد پڻ 40.20 سينٽي گريڊ رهندو آهي. ان ڪري ان ۾ ڪو به گمان نه آهي ته سن علائقي ۾ سڻي يعني پٽ سن جو فصل ٿيندو هو جنهن جي ڪري پهريا ن پِٽِ سن جي نالي سان سڏيو ويو هجي، جيڪو اڳتي هلي صرف سن جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو هجي. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شهر تي سن نالو سڻي يعني ”پِٽِ سن“ جي سبب پيو.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    5,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
  3. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,150
    ورتل پسنديدگيون:
    5,157
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب سهڻو ليک
     
  5. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    107
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    234
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    خدابخش جويو توھان ڇڙو ھڪ ڀيرو سن پٽ لفظ استعمال ڪيو باقي سڄي مضمون ۾ پٽ سن لکيو اٿو۰ مان سمجھان ٿو توھان سن پٽ لفظ پئي لکڻ گھريو۰ سڻ پٽ لفظ شايد اڳتي ھلي سن پٽ ٿيو ھجي جيڪو اڳتي ھلي سڻي ٿيو ھجي۰ سڻ پٽ مان سڻي ڪجھ وڌيڪ نفيس ۽ شاسته لفظ محسوس ٿئي ٿو۰

    نھايت سٺو مضمون آھي۰ اھڙي سٺي ڄاڻ ڏيڻ لاء ٿورائتو آهيان۰
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. AKHTAR SOOMRO

    AKHTAR SOOMRO
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    64
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي سندھ
    بهترين ڄاڻ آ سائين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد يونس ٻرڙو

    محمد يونس ٻرڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري کاتي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سکر (ڪراچي)
    تمام سٺي ڄاڻ ڪنهن جهوني سگهڙ وانگي پئي سمجهايوَ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    95
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    سائينءَ جي علم ۽ ڄاڻ تي تہ ڪو ٻيو رايو ڏيڻ سج کي ڏيو ڏيکارڻ برابر ٿيندو...... پر هڪڙي ڳالھ جا دل ۾ هُري پئي سا ونڊ ڪريان پيو تہ ، هتي لاڙ جي پاسي مون سن لفظ ٻي معنا ۾ بہ استعمال ٿيندي ڏٺو آهي . پاڻيءَ جو زمين جي پورن ۾ ذخيري کي سَنُ چون ٿا (جنهن کي اتر ۾ جر چون ٿا ) پاڻي جڏهن کوهن مان هيٺ لهي تہ چون سن هيٺ ٿي ويو آهي . برساتن ‎نہ پوڻ ڪري سن هيٺ (اونهائي )۾ هليو ويو آهي. ريج واري زمين کي سَنَ واري زمين چون.۽ اها بہ ٺهڪندڙ معنا پئي لڳي. درياءَ جي ويجهي هجڻ ۽ زمين ۾ پاڻي جهجهو هئڻ ڪري (ان روشنيءَ ۾ ) چئي سگهجي ٿو تہ هتي سَنُ آهي . هڪڙي ناچيز راءِ آهي وڌيڪ ماهرن جي راءِ کي اهميت آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو