سنڌ جون سرتيون

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    پي ايڃ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ سن جي پهرين عورت:
    تحرير: خدابخش جويو

    سن جي پهرين عورت پي ايڃ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ جيجي ڊاڪٽر سيد درشهوار هئي. هوءَ سيد خاندان ۽ مٽن مائٽن منجهان پهرين عورت هئي، جنهن گهر کان ٻاهر نڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن ڪراچي ۽ پوءِ ڪجهه وقت ڄامشوري ۾ رهي تعليم حاصل ڪئي. 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي ۾ سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جو عنوان تصوف واري حوالي سان جيئن ته مذهب سان لاڳاپو رکي پيو، ان ڪري اتي کيس مذهبن جي تاريخ ۽ تقابلي مطالعي واري حوالي سان ٻيهر ايم اي ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اهڙيءَ طرح انگلينڊ جي سسڪس يونيورسٽي (Sussex university) جي سائوٿ ايشين اسٽڊيز مان (History and comparative Religion عنوان تي 1978ع ۾ ٻيهر ايم اي ڪيائين. ان کان پوءِ ايڊمبرا يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي جيتياري ڪيائين، جنهن ۾ سندس تحقيقي مقالي جو عنوان (The Poetry of Shah Abdul Latif ) هو. اتي پڙهائي دوران مانٽوگومري واٽ (Prof. Montgomry watt) ۽ ايلول سلٽن (prf. Elwel Sulton) جهڙا عالم سندس استاد هئا. جڏهن ته ڊاڪٽر ڪرول هلين برانڊ (Dr. carole Hilenbrand) ۽ ڪرسٽوفر شڪل (cristopher Shakle) سندس سهڪاري رهيا ۽ مشهور عالم ڊاڪٽر اينمري شمل کانئس واءِ وائيس ورتي. کيس پي ايڇ ڊي جي ڊگري 1884 ع ۾ ملي.

    سن جي نياڻين ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ سندن ڪيل ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو نه رڳو ڳوٺ جي ٻين نياڻين تعليم پرائڻ شروع ڪئي (جن منجهان ڪيترين جي پاڻ شاگرديءَ واري دور ۾ سندن پيسي، ڏوڪڙ جي مدد ڪيائون) پرسنائي ۽ مٽياري خاندان جون ڇوڪريون پڻ پوءِ تعليم جي زيور سان مالا مال ٿيڻ لڳيون.

    ڊاڪٽر سيد درشهوار جي تعليم پرائڻ جو مجموعي طور ماحول تي اهو اثر ٿيو جو اڄ سيدن ۽ سن شهر جون نياڻيون تعليم جي زيور سان مالا مال آهن ۽ مختلف شعبن ۾ نوڪريون پڻ ڪري رهيون آهن. ننڍي هوندي کان ئي سن ۾ سندس عورتن لاءِ سماجي خدمتن طرف رجحان رهندو پئي آيو. هوءَ سن جي غريب عورتن جا مسئلا معلوم ڪري، انهن جي حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ۽ هٿ ونڊائيندي رهندي هئي.

    سنڌ جي عورتن جي ڀلائي، بهبود ۽ تعليم لاءِ ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن“ (اسوا) جو بنياد وڌائين جنهن جي ذريعي عورتن ۾ سجاڳي آئي. سندن شعور ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين غريب فردن ۽ گهراڻن جي ڀرپور مدد پڻ ڪيائين.

    ڊاڪٽر سيد در شهوار، عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ هٿ ۾ قلم کنيو ۽ پنهنجي لکڻين جي ذريعي سنڌي ٻولي پڙهائڻ ۽ ان کي گهرن ۾ استعمال ۽ وڌائڻ، ويجهائڻ واري رجحان کي هٿي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيائين.پنهنجي لکڻين ۾ اهڙن ڪردارن جو به بيان ڪيائين جيڪي عورت هئڻ واري حوالي سان سندس سامهون هئا. انهن ۾ سنڌ جي مٿئين ڪلاس (جنهن سان سندس پنهنجو واسطو به هو) جي عورتن کان وڌيڪ سنڌ جي گهڻائي يعني هيٺئين ڪلاس جي عورتن جي مسئلن ۽ تڪليفن جو وڌيڪ ذڪر ملي ٿو. انهن جي مسئلن کي سمجهي قلم ذريعي اظهار ڪيائون. مٿئين ڪلاس جي عورتن جي جذبن ۽ احساسن جي حوالي سان جيڪي مجبوريون ٿين ٿيون، انهن جو پڻ سندن لکڻين ۾ جهلڪ نظر اچي ٿي. سندس لکڻين تي مشتمل ڪتاب ”سور ورهايان سرتيون“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سماجيات، سنڌي عورت، علم ادب ۽ ٻين موضوعن تي سندس لکڻيون شامل آهن جنهن مان سندس سُرهِين سوچن جي ڄاڻ ملي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو