عورتن جي ڀلائي جي تعليم

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    عورتن جي ڀلائي جي تعليم
    تحرير: خدابخش جويو

    عورتن جي ڀلي، سڌاري ۽ تعليم جي سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد وٽ هڪ خاص سوچ ۽ پروگرام هو. ان خيال ۽ عمل جو پتو سندس لکيل مضمون ”ڪراچي ضلعي اندر عورتن جي ڀلي لاءِ ڪوشش جي ضرورت“ جي عنوان سان 29 جنوري 1929ع جي هفتيوار اخبار پرڪاش ۾ ڇپيل، مان پوي ٿو. ان وقت سن ڪراچي ضلعي اندر هو.

    اخبار پرڪاش ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”اڄ جڏهن ماڻهو سڌاري طرف ڊوڙي رهيا آهن، ته به ملڪ جو زنانو فرقو آهي جنهن کي ٻهراڙيءَ ۾ وساريو ويو آهي. ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. نڪو ان کي ڪنهن شمار ۾ آندو ٿو وڃي. اڄ ڪلهه ٻهراڙيءَ ۾ زالون صرف اولاد ڄڻڻ ۽ پيهڻ، پچائڻ لاءِ سمجهيون وڃن ٿيون. اهي غلام آهن، جيڪي پيون وهن. اهڙي روش ڪري نتيجا به اهڙا ٿا نڪرن. ملڪ ۾ مفلسي، بي علمي، بيماريون، ۽ بد رسمون وڃن زياده ٿينديون. حالتون هر روز پست ٿينديون وڃن ٿيون. ملڪي همدردن جي مڙني ڪوششن مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي. هڪ طرف وڃن ٺاهيندا ته ٻئي طرف وڃي ڊهندو. آخر هڪ هٿ جي تاڙي به ڪانه وڄندي آهي. زال ۽ مرد حياتيءَ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار آهن. هڪ ٻئي جي پوري مدد ۽ ميلاپ کان سواءِ سندن حياتي ڪٺن ۽ بيڪار آهي. مردن جون ڪوششون تيستائين ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهن جيستائين هنن پنهنجون مددگار ۽ رفيق زالون ڪارائتيوننه بنايون آهن. ٻي حالت ۾ ”آهر آڻي اوبڻي، جوءِ وڃائي رنبو هڻي.“ واري حالت بڻي پيئي هوندي. گهر، آسائش جي بدلي رنج ۽ ڪِلڪِل جو مڪان بڻيو پيو هوندو، ته اولاد نه پڙهندو، نه چڱيون عادتون سکندو. انهن ڳالهين کي خيال ۾ آڻيندي، آئون هن راءِ جو ٿيو آهيان ته جيڪڏهن ملڪ جو سڌارو ڪرڻو آهي ته پراڻا وهم ۽ تنگ خيالي ڇڏي هن فرقي کي پنهنجو سچو مددگار سمجهي، کين سڌارڻ جي ڪوشش ڪجي. سندن سڌاري ۽ سک سمجهجي.

    هن وقت زالن جي ڀلي لاءِ جيڪي ڳالهيون ڌيان لهن سي هي آهن:

    1. ماڻهن ۾ پرچار ڪري زناني تعليم جي فائدي مان واقف ڪري کين سمجهائين، ته ڇوڪرين کي گهڻي تعداد ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن يا مڪتبن ۾ موڪلين، پر جتي اهي اسڪول نه هجن ته ڇوڪرن جي اسڪول ۾ به موڪلين.

    2. وڏين زالن کي ڪن ملڪ جي گهڻ گهرن زالن جي معرفت عام زالن جي مجموعن ۾ تقريرن (ليڪچرن) رستي صفائي سٺائي، گهرو انتظام، ٻارن جي نيپاج وغيره کان واقف ڪرائڻ ۽ ميجڪ لالٽين (جادو بتي) رستي کين سمجهاڻيون ڏين.

    3. مڪاني داين جي اڻ سمجهيءَ ڪري جو سوين زالن ۽ ٻارن جي حياتي زيان ٿي رهي آهي، تنهن مرض ۽ مصيبت کان ملڪ کي ڇڏائڻ کان ملڪي ۽ مڪاني داين کي ضروري هدايتن ڏيڻ سان ويم جي ڪم کان واقف ڪرڻ.

    4. اڄ ڪلهه جي زالن ۾ ڀرم ۽ رسم و رواج جو واڌارو ٿي رهيو آهي. جنهن سان سندن اولاد وغيره تي اخلاقي طرح خراب اثر پئجي رهيا آهن انهن کان بچڻ لاءِ رٿ ڪرڻ.

    5. ڇوڪرين جي اسڪول لاءِ ماستراڻيون، ٻهراڙيءَ جي اسڪولن واسطي ڪين ٿيون ملي سگهن، جو شهر جون ماستراڻيون ٻاهر وڃڻ مشڪل ٿيون ڄاڻن ۽ نه پڙهڻ ڪري ڳوٺاڻن مان ماسترياڻيون ڪونه ٿيون ٿين. ان لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ.

    مٿين ڪمن ۾ ڪابه ڪوشش ان وقت تائين سجائي ٿي ڪين سگهندي، جيستائين ڪي تعليم يافته زالون پنهنجي ڀينرن جي سڌاري لاءِ ان طرف ڌيان نه لڳائينديون. رٿ آهي ته في الحال ڏهن، پندرهن ڳوٺن ۽ ضلعي اندر زالن کي گڏ ڪري کين سندن سڌاري ۽ فائدي لاءِ پرچار ڪري، صفائي، سٺائي، گهرو انتظام، ٻارن جو نيپاج ۽ انهن کي علم پڙهائڻ لاءِ سمجهاڻيون ڏيارجن. پر ان ڪم کي پورو رڳو زالون ئي ڪري سگهنديون. تنهن ڪري ڪراچي شهر جي زالن جي ڀلي چاهيندڙ عورتن کي گهرجي ته پنهنجي ڀينرن جي ڀلي لاءِ ان طرف ضرور ڪوشش وٺن ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي گهرجي ته جهونا خيال ڪڍي اسان سان هن ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين جي ايم سيد وٽ بهترين سوچ هُئي عورتن جي تعليم بابت..پر سائين سنڌ تي گهڻي وقت کان قابض پ پ وٽ بينظير اسڪيم تحت به عورتن لا زبردست پينو فقير بنائڻ جو به پروگرام موجود آهي ۽ ڪاميابي سان هلي به ٿو ان ۾ اسان جا ئي سنڌي ڀائر شامل آهن عورتن کي تعليم جي سکيا بجا ..ڌڪا ۽ ٿاٻا کائي پئسا وٺي گهر موٽڻ جي ترڪيب سيکارڻ ۾ مشغول آهن
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    محترم منظور ڪلهوڙو صاحب ” عورتن جي ڀلائي جي تعليم“ تي پنهنجا خيال ونڊڻ تي مهرباني. اوهان جي بلاگ جو سير ڪيم اوهان طرفان رني ڪوٽ جي سفر ۽ ٻيا مضمون پڙهيم، اوهان جا خيال سٺا لڳا. خاص ڪري رني ڪوٽ جوڙيندڙ سنڌ جي پورهيتن جي محنت کي اوهان طرفان ڏنل مڃتا، بنيادي طور اوهان جي حقيقت پسندانه نظرو سوچ جو مظهر آهي.اهو تمام سٺو پيغام آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين اوهان جا قرب اسان ته سکڻ واري مرحلي ۾ آهيون بس اوهان جهڙن سڄڻن جي صحبت جي پاڇي هيٺ رهون ٿا ان جو ئي اثر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو