جِيئَڻُ جَتَ ڌَارَا، مَعذُورِ جَو مَسَ ٿِئَي چَانگَنِ سِرِه چَڙَهي وِئَا، سَاٿِي سَوَارَا اَکِيُون اَوتَارَا، پَسِئَو رَونِ پُنھُوءَ جَا سُرُ سَسُئِي آبِرِي جَتَ = اٺ چاريندڙ جي ذات _ پنهون ڌَارَا = کان سواءِ مَعذُورِ = هيڻي مَسَ = هرگز نه چَانگَنِ = اُٺن سِرِه = تي وِئَا = ويا سَوَارَا = سويل ئي اَوتَارَا = بيٺڪون، ويهڻ جون جايون پَسِئَو = ڏِسِيَو بيت جو پس منظر ~ مون هيڻيءَ جو جتَ پنهونءَ کان سواءِ جيئڻ هرگز نٿو ٿئي. ~ پنهونءَ جا ڀائر کيس اٺ تي چاڙهي سويل ئي هليا ويا آهن. ~ پنهونءَ جي ويهڻ جون خالي جايون ڏسي نيڻن مان نير پيا وهن. سمجهاڻي جڏهن سسئيءَ جي اک کُلي تہ پنهون پاسي ۾ نہ ڏسي گهڻي ڳولا ڪيائين پر پنهون ڪٿي نہ ملیو۔ پوءِ پڪ ٿيس تہ پنهونءَ کي سندس ڀائر مون کان ڇني ڌار ڪري ويا آهن. تڏهن هنجون هاريندي چئي ٿي : پنهنجي محبوب کان سواءِ آئون اڪيلي ضعيف عورت ڪيئن جِي سگهنديس. منهنجو محبوب بي قصور آهي، زبردستي سندس ڀائر کيس اٺ تي چاڙهي پرھ ڦٽيءَ ويل ئي پلاڻي هليا ويا آهن. پنهونءَ جو ڪمرو، هنڌَ، جايون، کٽون ۽ پلنگ خالي ۽ ويران ڏسي سسئيءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هوءَ پنهونءَ کي ساريندي زارو قطار روئي رهي آهي. سسئي چئي ٿي: پنهونءَ سوا ڪهڙو جيئڻ؟ ڪيئن گذارينديس اڪيلي، هي جبل جيڏيون اونداهيونراتيون.هي ويس وڳا ڍڪي ۽ هار سينگار ڪري ڪنهن کي ڏيکارينديس؟ ڪنهن سان رُسَنديس؟ ۽ ڪير پرچائيندو مون کي؟ ڪنهن سان ڪنديس ناز، انداز ۽ ادائون؟ پنهونءَ کي تہ اٺ تي کَنڀَي سندس ڀائر الائي ڪيڏانهن کڻي هليا ويا.هاڻي تہ هي کٽون، پلنگ ۽ خالي گهر ويران لڳو پيو آهي. پنهونءَ پڄاڻان هن باغ جا وڻ سُڪِي ويا هن، ڪَوئِلِيُنِ بہ ڪوڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. سمورا گل ڪومائجي ويا هن، سندن مِهڪَ اڏامي وئي آهي. سڄو سنسار اجڙي ويو آهي، اکين جا بند ڀڄي پيا هن، هي موتين مالهائون تہ وهڻ کان بس ئي نٿيون ڪن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل