آءُ اَورَاهَون، سُپَرِين! ڏُکِيَ ڏَيجُ مَ ڏَاگُھ وَٽِ ڇَڏَي مُون وَاگُھ، آرِي ! وَئين عِشقَ جَو سُرُ سَسُئِي آبِرِي اَورَاهَون = ويجهو، اورتي مَ = نہ ڏَاگُھ = داغ، چُٽَو، سوز، ساڙو، ڏَنڀُ، الزام وَاگُھ = چِيتَو (عشق جو) آرِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون بيت جو پس منظر ~ اي پرين! منهنجي ويجهو اچ، هن ڏکويلَ کي اِهو وڇوڙي جو داغ نہ ڏي. ~ مون وٽ عشق جو چِيتَو ڇڏي پاڻَ هليو ويو آهين. سمجهاڻي ڪنهن وڃائجي وَيَلَ ساٿيءَ کي ڳولي ڳولي جڏهن ٿڪجي پئبو آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪبا آهن تہ شايد اِهو آواز ٻڌيموٽي اچي. ايئين ئي سسئي بہ جڏهن جبل جهاڳي پنهونءَ کي ڳولي ٿڪجي پئي آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪرڻُ شروع ڪيا اٿئين. او پرين !! تون ڪٿي آهين؟ هلي آ، منهنجي ويجهو اچ. مون ڏکيءَ کي هي جدائيءَ جو عذاب ڏئي تون الائي ڪاڏي هليو آهين. او آري ڄام جي اولاد، پنهون !! منهنجا محبوب، هي عشق جو شِينهُن تہ مون کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل