ڏَيھُ ڏَيهَائِين ڏُورِ، پَرِ ڏَيهَا پَرَي ٿِيَا سَيڻَنِ ڪَارَڻِ سَسُئِي، پَئِي پَرَاهَين پُورِ تُون وَڃَين هَوتَ حُضُورِ، مُهِجَو جِيَڻُ جَيلَاهِين ٿِيَي سُرُ سَسُئِي آبِرِي ڏَيھُ = وطن، ملڪ، ديس ڏَيهَائِين = هن ڏيھ کان، هن وطن، ديس کان ڏُورِ = پَرَي پَرَڏَيهَا = پرديس کان بہ پري ٿِئَا = ٿيا سَيڻَنِ = مائٽن، عزيزن، محبوبن پَرَاهَين = پري، گهڻو پري پُورِ = ڊگهي مسافري، تهائين ڏور منزل هَوتَ = پنهون حُضُورِ = درٻار ۾ (آري ڄام جي) مُهِجَو = منهنجو جَيلَاهِين = جنهن ڪاڻ، جنهن جي خاطر بيت جو پس منظر ~ منهنجي محبوب جو وطن، منهنجي ديس کان تہ پري آهي، پر پاڻَ پرين تہ اڃان پري آهن. ~ سسئي پنهنجي محبوب خاطر ڪنهن ڊگهي مسافريءَ تي سنبريل آهي. ~ او محبوب! تون، جنهن جي لاءِ آئون جيئان ٿي سو تہ آري ڄام جي درٻار ۾ کڄيو پيو وڃين. سمجهاڻي سسئي اڄ ڪنهن تمام پراهين پنڌ تي اُسِرِيَلَ ٿي ڏسجي. هي پنڌ سندس ديس جو ناهي پر سندس محبوب پنهونءَ جي مُلِڪَ جو آهي، جيڪو هتان تمام گهڻو پري آهي. سسئي پنهنجي پرينءَ لاءِ هي جيڪي جبل پئي جهاڳي ۽ ڪشالا پئي ڪري، سو هتان ڊگهي مسافري ۽ انتهائي ڏور منزل تي آهي. سسئي پنهنجي پرينءَ سان شڪايت ڪندي ٿي چئي تہ او محبوب! آئون تہ صرف تو لاءِ ٿي جيئان، ۽ تون وري قيد ٿيو آري ڄام جي درٻار ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پيو وڃين. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ محبوبَ ۽ منزلون ڪيتريون پري، تهائين پري ڇونہ هجن، پر مستقل مزاجي، اورچائي، جستجو ۽ لاڳيتي جدوجهد وسيلي تن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل