1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

هر شيءِ کي قيد ڪرڻ : الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف شيخ

    هر شيءِ کي قيد ڪرڻ

    گذريل دفعي ڪراچي پهچڻ سان اڙدو بازار هليو ويس جِتي ڪاٺياواڙ ۽ ويلڪم نالي ڪِتابن جي دڪانن تي اڙدو سان گڏ سنڌي ڪِتاب به ملن ٿا. انهن وٽ ٻين ڪِتابن سان گڏ منهنجا لکيل سفرنامن جا ڪِتاب پڻ هوندا آهن. هو مونکي (۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کي به) ڪجهه ڊسڪائونٽ تي يعني ڪِتاب تي لکيل قيمت کان ڪجهه گهٽ تي وڪڻندا آهن.

    منهنجا ڪجهه نوان ڪِتاب سنڌي ادبي بورڊ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ۽ نئون نياپو پبليڪيشن سچل ڳوٺ جا ڇپيل موجود هُئا. پنهنجي پڙهڻ لاءِ هڪ هڪ ڪاپي کان علاوه هر هڪ ڪِتاب جون ڪجهه وڌيڪَ ڪاپيون پڻ خريد ڪيم.... اهو سوچي ته آئون نه ڪنهن دوست يا مائٽ کي دعوت ڪريان ٿو ۽ نه ڪنهن جي شادي غميءَ ۾ پير ڀريان ٿو... سو گهٽ ۾ گهٽ اهي سڃاڻا جيڪي منهنجيون لکڻيون پسند ڪن ٿا انهن کي پنهنجي طرفان پنهنجو ڪتاب ته گفٽ ڪريان. هِدايت بلوچ سنگاپور ۾ PIA جو مئنيجر ٿي رهيو. سخت مشغول هوندي به مونکي فون ڪندو رهندو هو ته ملائيشيا کان سنگاپور اچان ته ماني هن وٽ کان. ملائيشيا کان سنگاپور ائين سڏ پنڌ تي آهي جيئن حيدرآباد کان ڄامشورو يا حيدرآباد کان ڪوٽڙي، ملائيشيا جا ماڻهو اليڪٽرونڪ جو سامان وٺڻ لاءِ سنگاپور هليا ويندا آهن ۽ سنگاپور جا ماڻهو سستي ڀاڄي ۽ ميوو وٺڻ لاءِ ملائيشيا ايندا ويندا رهن ٿا. هِدايت توڙي ستار ڀٽي جا ڪِتاب ڇپيا ته هنن پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنا... اهڙي طرح پروفيسر قاضي خادم، ڊاڪٽر نور افروز ۽ پروفيسر اعجاز قريشي جن پڻ پنهنجا ڪِتاب موڪلي ڏنا. ان ريت ٻيا ڪيترا دوست مهرباني ڪندا رهن ٿا توڙي کڻي هنن کي سندن ڪِتابن جي پبلشرس طرفان ڪجهه ڪِتابن جون ڪاپيون مفت ملنديون هجن پر ان هوندي به هنن جو مونکي ياد ڪرڻ ۽ ٽپال جو ڳرو خرچ ڀري مون ڏي پوسٽ ڪرڻ سندن خلوص ۽ قرب جو اظهار آهي.

    بهرحال ڪراچي ۾ هُجڻ دوران انهن سڄڻن..... (خبر ناهي ”سڄڻن“ لکجي يا ”پيارن“.... پر محمد قاسم ماڪا جو KTN ٽي وي تان رنگ منچ نالي پروگرام ڏسي ڏسي اسان جي زبان تي به اهو به لفظ سڄڻ اٽڪي پيو آهي)۽ دوستن کي TCS ذريعي يا ماڻهوءَ هٿان سندن گهر پنهنجا اهي تازا ورتل ڪِتاب موڪلي ڏنم. ڪِتابن جي پئڪيٽ ۾ هنن ۽ هنن جي ٻارن لاءِ مختلف ننڍا وڏا سووينئر به وجھي ڇڏيا هئم. ملڻ تي امر سنڌو، امر جليل، منوج هالائي، انور فگار، عزيز ڪورائي، مختيار سمي، نصير مرزا ۽ ٻين ڪيترن انهن شين بابت پڇيو ته انهن کي موڪلڻ جي تڪليف ڇو ڪئي اٿم.

    ”بس ائين ئي توهان کي پسند اچن ته نشانيءَ طور ضرور رکجو نه ته پنهنجي ڪنهن سڃاڻي کي ڏئي ڇڏجو.“ مون کين ٻڌايو ٿي ۽ جواب ۾ سڀني انهن کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪيو ٿي ۽ پاڻ وٽ رکڻ جي ارادي کان آگاهه ڪيو ٿي.

    بهرحال اهي ننڍا سووينئر هنن کي کڻي پسند هُجن يا نه پر مونکي بيحد پسند هئا ۽ اڃان تائين آهن به انهن کي مون گهٽ ۾ گهٽ پاءُ صدي کن پاڻ وٽ سانڍي رکيو هوندو.... بلڪه ان کان به وڏو عرصو .... ڇو جو انهن شين کي گڏ ڪرڻ جي شروعات مون 1968ع کان ڪئي هئي جڏهن مون گرئجوئيشن بعد سامونڊي سفر شروع ڪيو.

    ننڍي هوندي شاهه لطيف جي عُرس تي ڀٽ شاهه واري ميلي ۾ ويندو هوس ته اتان جي سوکڙي ڳانا ضرور وٺندو هوس. موڪلن تي هالا ايندو هوس ته ڪا دير جنڊي ۽ ڪاشي جي دڪانن تي بيهي ننڍڙيون ننڍڙيون شيون خريد ڪري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پنهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ رکندو هوس. مئرين اڪيڊمي چٽگانگ (اڙدو نالو چاٽگام ۽ بنگالي نالو چتروگرام.... چٽگانگ اسان سنڌي سڏيون ٿا جيڪو هن شهر جو نالوChittagong انگريزن رکيو جيئن هنن ممبئي جو بامبي، ودورا جو بڙودا، قاهرو جو ڪيرو ۽ طرابلس جو ٽرپولي رکيو) ۾ هوندو هوس ته اتي بنگالين جون ٺهيل ڪکن جون يا ناريل جي کوپي مان ٺهيل شيون يادگيري/نشاني طور وٺي ايندو هوس ۽ اچي پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق ۾ رکندو هوس. اها عادت قائم رهي ۽ جهاز جي نوڪري دوران جنهن بندرگاهه ۾ قدم رکيم ٿي اتي اکيون چرخ ٿي ويون ٿي ۽ کائڻ پيئڻ تي خرچ ڪرڻ بدران ان ملڪ ۽ ان بندرگاهه جي سووينئرن (نشاني ۽ سڃاڻپ خاطر ٺهيل ان ملڪ جي شين) کي خريد ڪيم ٿي. پهرين ته آمريڪا ۽ يورپ جي روٽ تي جهاز هلائڻ دوران هڪ ٻن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيڻ بعد ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي جنهن دوران بندرگاهه مان ورتل سووينئرن کي هڪ هڪ ڪري غور سان ڏسندو هوس ۽ ڏاڍو enjoy ڪندو هوس ۽ پنهنجي ڪئبن جي شيشي جي ڪٻٽن ۾ سجائي رکندو هوس. ان بعد ڇا ٿيو جو جيئن ئي ڏور اوڀر واري روٽ تي آيس ته ان تي ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جهڙا وڏا سمنڊ ته ٽپڻا نٿي پيا جنهن جو اسان وارو عربي سمنڊ يا خليج بنگال وارو سمنڊ ننڍڙا حصا آهن، يعني هندي وڏو سمنڊ اهو پڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ وانگر ڪافي وڏو آهي پر ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا بندرگاهه هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن. ڪراچيءَ مان نڪر ته ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ۽ اهڙي ڏيڍ ڏينهن بعد ڪولمبو.... پوءِ اڳيان ڪولڪتا يا چٽگانگ .... ۽ اتان ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ گهڙڻ کان اڳ ڏينهن اڌ جي فاصلي تي پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور)، جوهور بارو ۽ سنگاپور بندرگاهه هڪ ٻئي پويان اچن ٿا. ان بعد هڪ طرف منيلا ۽ برونائي جا بندرگاهه آهن ته ٻئي طرف بئنڪاڪ، هو چي منهه سٽي، هانگ ڪانگ، تائيوان وغيره ۽ پوءِ جپان جا انيڪ بندرگاهه ٽوڪيو، يوڪوهاما، چيبا، اوساڪا، ڪوبي، فڪوڪا، شمونو سيڪي، موجي، هيروشيما ۽ نگويا وغيره هڪ ٻئي کي ايڏو ويجھا آهن جو اسانجو پاڻي وارو جهاز به ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃي. ِ ان روٽ تي جهاز هلائڻ دوران مون ڏٺو ته سال جو وڏو عرصو بندرگاهن ۾ ٿي گذريو يعني سووينئر ۽ سوکڙيون خريد ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت ٿي مليو پر سمنڊ تي رهڻ يعني انهن خريد ڪيل تحفن کي ڏسڻ ۽ ان پويان ان ملڪ يا بندرگاهه جي تاريخ ۽ ڪلچر تي غور ڪرڻ لاءِ گهٽ وقت ٿي مليو. هونءَ به جهاز جي ڪمرن جي سائيز ننڍي هجڻ ڪري ان ۾ ڪٻٽ به ان حساب سان ننڍا ٿا ٿين. باقي ٽيبلن تي ته ڪا شيءِ سجائي نٿي سگهجي جو ڏينهن ٻن بعد سمنڊ ڏي نڪرڻ تي خراب سمنڊ جي پهرين ئي لوڏي تي اڻ ٻَڌَل شيون اڇلجيو وڃن ۽ شيشي جون شيون ڪئبن (ڪمري) جي لوهي ڀتين سان ٽڪرائي ٽڪرائي ٽٽيو پون. سو اهڙين شين کي محفوظ رکڻ لاءِ گتي جا دٻا ڀرڻ لڳس ۽ اهو ئي ارادو ڪيم ته ڪناري جي نوڪري ۾ وڏو گهر هوندو ته اتي ڊرائنگ روم جي ڪٻٽن ۾ دنيا جي ڀانت ڀانت بندرگاهن مان خريد ڪيل هي سوکڙيون سجائي رکندس.

    شادي بعد به اٺ سال کن جهاز تي رهڻو پيو ان بعد ٻارن جي وڏي ٿيڻ ۽ انهن جي تعليم خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري ملڻ تي ملائيشيا ۾ اچي رهيس. جِتي گهر ته تمام وڏو مليو پر ڪٻٽ ڪو هڪ اڌ مس هو جنهن جو پوءِ يڪدم احساس ٿيو ته انڊونيشيا، ملائيشيا، برونائي جهڙن خط استوائي ملڪن جي لائيف اسٽائيل اسان جهڙن اتراهن ۽ ڏاکڻن ملڪن کان مختلف آهي. اسان وٽ گرمي ٿئي ته سيءَ به ٿين ٿا جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر گهر ۾ بلاڪيٽ رليون ۽ ڪمبل ٿين ٿا. ڪپڙن ۾ به هر هڪ لاءِ ڪوٽ سئيٽر رکڻ ضرور آهن..... ۽ سياري جي موسم ختم ٿيڻ تي انهن شين کي رکڻ لاءِ ڪٻٽ آهن. ملائيشيا ۾ ٻارهو ئي هڪ جهڙي ”گرم ۽ مينهوڳي“ واري موسم هجڻ ڪري ڪڏهن ڪنهن کي گرم ڪپڙن جي ضرورت ئي نٿي پوي. ڪاٽن جا به سڄي سال لاءِ ٻه ٽي وڳا ڪافي آهن جو ملائيشيا ۾ مِٽي يا ڌوڙ آهي ئي ڪونه جو ڪپڙا ميرا ٿين. ساڳي قميص ٻه هفتا پائڻ بعد به اهڙي جي اهڙي.... وڌ ۾ وڌ اُس ۾ ڪم ڪرڻ واري جي پگهر ۾ خراب ٿي سگهي ٿي.

    بهرحال ملائيشيا ۾ هڪ هنڌ ڏهه سال ٽِڪي رهڻ دوران به هن ملڪ جي مختلف شهرن جون سوکڙيون توڙي Antique شيون خريد ڪري رڳو دٻن ۾ اهو سوچي وجھندو ويس ته رٽائرڊ ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ هلي هي شيون پنهنجي گهر ۾ سجائي رکندس.

    سٺ سال جي ڄمار ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچي ۾ گهر جي ٽي وي لائونج ۾ هڪ وڏو شيشي جو ڪٻٽ ٺهرائي ان کي گذريل زندگي جي 40 سالن جي گڏ ڪيل شين سان ڀري ڇڏيم پر في لاحال ڪراچي ۾ رهڻ بدران آئون اهي ئي ٻاهر جا چڪر هڻندو رهيس ۽ منهنجا گڏ ڪيل سووينئر ڌوڙ ۾ اٽبا رهيا. مون کي ڪڏهن اها توفيق به نٿي ٿي ته ٻه چار ڪڍي کڻي صاف ڪيان يا ڏسي پراڻيون يادون تازيون ڪيان. دراصل ڳالهه اها آهي ته جيئن ڪنهن ٻار کي توهان هڪ ننڍڙي پلاسٽڪ جي ئي ڪار وٺي ڏيندائو ته هو ان کي ويٺو غور سان ڏسندو ۽ راند ڪندو. جنهن وقت توهان هن کي ڏهه ٻارهن ڪارون وٺي ڏيندئو ته هو ڪار سان کيڏڻ بدران رڳو ويٺو انهن کي ڳڻيندو ۽ فخر محسوس ڪندو ته هن وٽ هيتريون گهڻيون ڪارون آهن تڏهن ته انگريز چوندا آهن ته توهان جيڪڏهن چاهيو ٿا ته توهانجو ٻار راند ۾ وندريو رهي ته هن کي هڪ يا ٻه رانديڪا ڏيو. پر جي توهان هن کي گهڻا رانديڪا ڏيندائو ته هو اسٽور ڪيپر ٿي پوندو .... هو انهن کي رڳو ڳڻڻ ۾ پورو هوندو ۽ هن کي رڳو ان جي تات ۽ لالچ رهندي ته مون وٽ گهڻي کان گهڻيون شيون هجن.

    بهرحال آئون به دنيا جا سووينئر ۽ سوکڙيون گڏ ڪري اسٽور ڪيپر ٿي پيو هوس ۽ منهنجي گهر جي ٽي وي لائونج ڄڻ دڪان ٿي لڳو..... گهر ۾ نه ٻار نه ٻچو ۽ آئون قبر ۾ پير لٽڪايو ويٺو آهيان.... مرڻ بعد هي سڀ هيڏانهن هوڏانهن اڇلجي وڃن ان کان بهتر آهي ته آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي فئوريٽ ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيان. اهو سوچي سوچي ۽ پوءِ نيٺ پڪو پهه ڪري ورهائڻ شروع ڪيم ۽ انهن چاليهه سالن جيcollection مان جان آجي ڪيم.

    ملائيشيا ۾ لڳاتار ڏهه سال رهڻ دوران هڪ ٻيو بار به پاڻ سان گهليندو رهيس. هاڻ ته ملائيشيا ۾ هر قسم جو کير ۽ ملڪ شيڪ ملن ٿا پر جن ڏينهن ۾ منهنجو ملائيشيا ۾ پهريون دفعو 1968ع ۾ وڃڻ ٿيو انهن ڏينهن ۾ (بلڪه 80 واري ڏهي ۾ به جڏهن آئون اتي ڪناري جي نوڪري ڪري ٽِڪي پيو هوس).... ملئي ۽ چيني ماڻهن ۾ کير پيئڻ جي عادت نه هوندي هئي هو فقط چانهه ۾ گهاٽو مٺو condensed دٻي وارو کير استعمال ڪندا هئا نه ته ڪافي به کير بنا ڪاري پيئندا هئا. هڪ اهو به سبب آهي جو ملئي ۽ چيني ماڻهن جا ڏند خراب ٿين ٿا. ملائشيا ۾ رهندڙ انڊين ڪميونٽي ۾ سري لنڪا جا تامل ۽ انڊيا جا گجراتي ۽ سنڌي هندو پنهنجي ٻارن کي ڳئون جو کير پياريندا هئا جن جي معرفت اسان به هڪ ڍڳي پالڻ واري تامل کان کير گهرائيندا هئاسين. پوءِ اسان جي ڏينهن ۾ ئي ملائيشيا جي حڪومت کير پيئڻ جي مهم هلائي ۽ ڪيترن ئي کير ٺاهڻ وارين ولايت جي ڪمپنين کي ملائيشيا ۾ کير امپورٽ ڪرڻ لاءِ همٿايو. نيسلي، نيڊو، ملاڪ جهڙين ڪمپنين پائوڊر ۽ پئسچورائيزڊ کير جا دٻا وڪڻڻ شروع ڪيا ۽ اهي ڪمپنيون هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي کير خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ هر دٻي تي مختلف گفٽ .... ملئي لفظ ’پرچُوما‘ (percuma) ڏيڻ لڳا. سڀ ۾ اعليٰ نيڊو وارن جو گفٽ ”پليٽ“ هئي جيڪا ڇهه ڇهه مهينن کان پوءِ بدلائي ٻي ڊيزائين جي ڪئي وئي ٿي. اها پليٽ هڪ ته ڳري ۽ سهڻي هوندي هُئي ۽ ٻي ڳالهه ته اهڙي پليٽ ڪنهن دڪان تي موجود نه هوندي هئي. اها نيڊو وارن جپان جي مشهور ڪمپني نوريٽاڪي وارن کان ٺهرائي هئي جنهن جي بارڊر تي نيڊو لکيل هو ۽ پٺيان Limited Edition لکيل هو. معنيٰ هي پليٽون هڪ ننڍڙي انگ ۾ ٺاهيون ويون آهن. اسان جي آفيس ۾ سڀ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جن ڪئڊٽن کي پڙهايو ٿي اهي انهن پليٽن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهيا ٿي. اسان به پليٽون گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ نيڊو کير پيئندارهياسين ۽ جيڪي سال ٻه اها آفر رهي اسان به ويهارو کن پليٽون گڏ ڪري گد گد پئي ٿياسين ۽ انهن پليٽن کي ڪِچن جي در جي سامهون جيڪا شيشي جي ڪئبينيٽ هئي ان ۾ منهنجي زالَ سينگاري رکيو. ڄڻ پليٽون نه پر ايوارڊ جون شيلڊون هجن جن کي ايندڙ ويندڙ پاڙي جي هر ملئي عورت، اسانجي گهر ۾ قدم رکڻ سان ڏٺو ٿي. انهن پليٽن کي مهيني ڏيڍ بعد فقط صاف ڪرڻ لاءِ ڪڍيو ويو ٿي باقي ان ۾ ڀت وجھي کائڻ جي نه مونکي اجازت هئي نه منهنجي ٻارن کي. ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن ان گهر ۾ رهڻ دوران عام مهمانن کي ته منهنجي زال ان ۾ ماني نه ڏني پر هڪ دفعو نجيب عبدالرزاق (اڄ ڪلهه وارو ملائيشيا جو وزير اعظم) ۽ رحيم تامبي چڪ (انهن ڏينهن جو صوبي جو وزير اعليٰ) آيو ته انهن لاءِ به اهي پليٽون ڪڍڻ لاءِ منهنجي زال منع ڪئي. هن کي هر وقت اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي ”محدود ڇاپي“ (Limited Edition) وارين پليٽن مان ڪا ٽُٽي نه پوي.

    بهرحال سائين ملائيشيا ۾ ڏهه سال گذارڻ بعد ٻه اڍائي سال سئيڊن ۾ اچي رهياسين اتي به اهي پليٽون ڄڻ ٽِيپ ۾ هيون. ان بعد اهي بار گهلي ڪراچي واري گهر جي ڪٻٽ ۾ اچي رکياسين. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. هڪ ڏينهن سٺ سال به پورا ٿي ويا ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿئي به ست سال ٿي ويا ته منهنجي زال کي خيال آيو ته انهن پليٽن مان ٽي چار ڪڍي استعمال ڪرڻ کپن. ڏينهن ٻه استعمال ڪرڻ بعد مون ڏٺو ته اسان ٻئي ڄڻا اهي پليٽون ڇڏي پلاسٽڪ جون پراڻيون پليٽون استعمال ڪرڻ لڳاسين. ان جو سبب اهو ئي هو ته 30 سال کن اڳ جڏهن هي پليٽون مليون هيون ۽ اسان جوان هئاسين تڏهن به هي پليٽون اسان کي ڳريون ٿي لڳيون ۽ هاڻ هن عمر ۾ جڏهن هٿ پيا ڏڪن اهڙي پليٽ کي هٿ ۾ کڻي کائڻ خطري کان خالي ناهي. آخر هڪ اهڙو سهاڻو ڏينهن آيو جو منهنجي زال چيو ته اهي پليٽون اجائي جاءِ روڪي رهيون آهن ڪنهن کي ڏيڻ چاهين ته ڀلي ڏئي ڇڏ.... استعمال ۾ ته هونءَ ئي نٿيون اچن.

    قسمت ڀلي منهنجي به ۽ سليمان وساڻ ۽ سندس دوست ڊاڪٽر حفيظ لغاري (جيڪو اڄ ڪلهه ترڪي ۾ آهي) جي، جو هو اسانجي گفتگو جي اڌ ڪلاڪ بعد مون سان ملڻ لاءِ اچي اسان جي گهران نڪتا . وڃڻ مهل کين پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب ڏيندي چيومان ته بابا جوان ڇوڪرا آهيو... هي ٽيهارو کن سال مون وٽ سانڍيل پليـٽون به گفٽ طور مون وٽان کڻي وڃو ته مهرباني ٿيندي. ڇو جو مون دل ۾ اهو ئي سوچيو ته انسان جي خيال ۽ دل بدلجڻ تي دير نٿي لڳي.... ڪٿي آئون يا منهنجي زال ارادو نه بدلائي ڇڏيون.

    هي سڀ ڳالهيون ان تان ياد آيون جو ڪالهه ڪراچي جي بندرگاهه ۾ هڪ ملائيشيا جي جهاز تي پنهنجي پراڻي شاگرد سان ملڻ ويس جيڪو هن جهاز جو ڪئپٽن آهي. اٿڻ مهل هن مونکي ڪرسٽل قسم جي ڇهن گلاسن جو پئڪ تحفي ۾ ڏنو. گهر موٽيس ان وقت اسانجو هڪ پيٽارين رئيس سمون جيڪو رينجرس ۾ SP رئنڪ تي آهي ۽ عمر ۾ مونکان 25 سال کن ننڍو ٿيندو سو حيدرآباد کان مون لاءِ اٽو کڻي آيو هو جيڪو منهنجي هڪ ٻئي پيٽاري جي دوست نور احمد نظاماڻيءَ موڪليو هو. کانئس سامان وٺي گلاسن جو گفٽ پئڪ کيس چنبڙايم ته منهنجي پاران هو استعمال ڪري. موڪلائڻ وقت هو گاڏي اسٽارٽ ڪري هلڻ وارو هو ته هٿ جي اشاري سان ترسڻ لاءِ جھلي چيومانس: ”ڳالهه ٻڌ! تنهنجي زال اسان جي ڳوٺ جي آهي جِتي گهڻو ڪري هر گهر ۾ اوچا ٿانوَ پنهنجي سڄي عمر رڳو تختن ۽ مدنن تي گذاريندا آهن. مهرباني ڪري هنن گلاسن کي گهر پهچي گفٽ پئڪ مان ڪڍي انهن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪجانءِ، متان تنهنجي هالا جي ڊاڪٽر زال انهن کي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏي. ڀلي ٻار به پيا استعمال ڪن. ڀڄي پوڻ جو فڪر نه ڪجو. هڪ گلاس به ڀڄي پوي ته مونکي فون ڪجانءِ توکي ٻيو پئڪ جيڪو اسان جي گهر ۾ سال کان ٽِيپ پيو کائي، اهو زال کان وٺي ڏيندوسانءِ.“

    پاڻ ٽهڪ ڏيندي چيائين ”سر تختن تي ڪراڪري کي سينگاري رکڻ جو رڳو هالا ۾ ڪلچر ناهي، اسان جي ڳوٺ هوسڙيءَ ۾ به آهي.“
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاوش ميگزين ۾ لکيل ساڳيو ليک

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو