ناميارو راڳي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ترائيل

    سائل پيرزادو

    سُرن جا ساهه ڪوماڻا،
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!
    حياتيءَ موت جا ماڻا،
    سُرن جا ساهه ڪوماڻا!

    اداسي روح ۾ راڻا،
    لٿي حسناڪ مٽيءَ تي!
    سُرن جا ساهه ڪوماڻا،
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ،
    چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.

    اڃ سڄو ڏينهن رکي رکي ٿي صادق فقير جي سريلي آواز ۾ منهنجي ڪنن ۾ پئي گونجندو رهيو، ها ياد آيو مان هڪ سُرمئي شام جو سچل ڳوٺ جي سائين جي ايم سيد پارڪ ۾ پهتو هيم خبر پئي ته صادق فير به آهي بس مونکي مٿيون سوز ڀريو ڪلام صادق فقير جي آواز ۾ ٻڌڻو هيو..بس محفل هلندي رهي پر صادق فقير نظر ڪين آيو تان جو رات کٽي ۽ باک ڦٽڻ کان اڳ هرڪو وات ڳاڙهو وڃي گهر ڀيڙو ٿيو بس ڪي ڇند ئي سڪ ۽ سوز وارا ويٺل رهيا بس اسُر ويل جئين صادق فقير آيو سازندن سازن کي چيڙيو ته بدن ۾ سيءُ جا سيسراٽ نڪرڻ لڳا..بس ڇا لکان .صادق فقير پنهنجي من کي موهيندڙ آواز ۾ ...هواءُ ۾ هُڳاءُ آآهي.......جو آلاپ جهونگاريائين ته هر طرف هوا ڦيراٽيون ڏئي جهومڻ لڳي..۽ منهنجي جسم جي لونءِ لونءَ ڪانڊرجي وئي...بس اهڙو ته رومانس وارو ماحول هيو جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مهال آهي..هر اهو باذوق جنهن صادق فقير کي اسُر ويل اهو آلاپيندي ٻڌو هوندو ته يقينن ان مهل جي عشق جو اندازو اهو ئي لڳائي سگهي ٿو ته منهنجي ڇا ڪيفيت هوندي..نيٺ آخر منهنجي من کي موهيندڙ ڪلام ..سکي پيا کي ملي ته چئجئين ته چاندني تو سوا نه ٿيندي. پهريون ڀيرو سامهون ٻڌم ته اکين ۾ محبوبن جو عڪس تري آيو..اهي محبوب جيڪي اڄ وري صادق فقير جي اوچتي وڇوڙي تي وري ياد اچي ويا..۽ اڃ اکيون آليون رهيون ..ڇو ته هڪ ته هن سريلي آواز کي آلاپيندڙ عشق جو جادوگر هن ڀون۽ کان هميشه لاءِ لڏي ويو ۽ محبوبن جو به ڪو پتو کرو ڪونهر ته ڪهڙي حال ۾ هوندا....آلين اکين سان عقيدت منجهان صادق فقير کي ڀيٽا طور هي سٽون سرجيون اٿم..مان مرحوم نه لکندس ڇو ته هو زنده آهي....ان جو سريلو آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي ته..

    وڃون ڪنويليو وڃو ، وڃي پرينءَ کي چئو...اڃان پيو جيئان اڃا پيو جيئان..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    صادق فقير
    کي الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري.
    سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار اسان کان هميشه لا وڇڙي ويو.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    خبر ناهي ته سڀ مٺڙا ايئن بغير موڪلائي ڇو ٿا وڃن ؟ گهڻو اڳ ڪراچي ۾ ملاقات ٿي هئي جتي ڪافي دوست گڏ هياسين جڏهن هي يار ٿيو ته ٺيٺ سنڌي روايتي انداز ۾ ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ته موڪلاڻيون مُئن جون هونديون، جي جيئرا هونداسين گڏجاڻيون پيا ڪنداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو