ورلڊ ڪپ ۾ ٺهندڙ رڪارڊس تي هڪ نظر

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ۾ نوان رڪارڊ ٺهي رهيا آهن ۽ پراڻا رڪارڊ ماضيءَ جو حصو بڻجي رهيا آهن. مجموعي طور تي هي ورلڊ ڪپ بيٽمسينن جي نالي رهيو آهي، جنهن ۾ هر ٽيم جا بيٽسمين ڇڪن ۽ چوڪن جو مينهن وسائي رنسن جا ڍير لڳائي رهيا آهن. بالر ويچارا رنسن جي انهن برسات کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن. اچو ته ٺهندڙ ڪجهه رڪارڊن تي هڪ نظر وجهون:
    ٽيمن جو مجموعي وڏي ۾ وڏو اسڪور:
    زمبابوي جي خلاف رنسن جو انبار لڳائڻ واري ڪاري آنڌي (يعني ويسٽ انڊيز) کي سائوٿ آفريڪا پنهنجي ڇڪن چوڪن ۽ رنسن جي برسات سان وائڙو ڪري ڇڏيو.
    سائوٿ آفريڪا ويسٽ انڊيز جي خلاف ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو ٻيون وڏو مجموعو 408 رنسون ٺاهيون. ان کان پهرين ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ 2007 ورلڊ ڪپ ۾ انڊيا هڪ ننڍي ٽيم برمودا جي خلاف 413 رنسون ٺاهيون هيون.
    بهترين انفرادي اسڪور:
    ويسٽ انڊيز طرفان ڪرس گيل 24 فيبروري تي زمبابوي خلاف 215 رنسون ٺاهي ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به رانديگر جي طرفان بهترين انفرادي اسڪور جو ريڪارڊ جوڙي ورتو. ياد رهي ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اها چوٿين ڊبل سينچري آهي. گيل کان پهرين جون 3 ڊبل سينچريون انڊيا جي رانديگرن طرفان ٺاهيون ويون.
    گيل کان پهرين ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون سائوٿ آفريڪا جي گيري ڪرسٽن 188 رنسون ٺاهيون هيون.
    تيز ترين 150 رنسون:
    27 فيبروري ويسٽ انڊيز جي خلاف گروپ ميچ ۾ سائوٿ آفريڪا جي ڪپتان اي بي ڊي ويليئرس بالرن لاءِ خوفناڪ خواب ثابت ٿيو ۽ 17 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مدد سان وليئرس فقط 66 بالن تي 245 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 162 رنسون ٺاهيون.
    هن پنهنجون 100 رنسون 51 بالن تي جڏهن تي 150 رنسون فقط 62 بالن تي مڪمل ڪيون.
    وڌيڪ رنسون ڏيندڙ بالر:
    توڙي جو هن ورلڊ ڪپ ۾ ڪجهه بالرن پاڻ کي مڃايو آهي پر گهڻا بالر بيٽسمينن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن.
    ويسٽ انڊيز جي بالر جيسن هولڊر 10 اوورن ۾ سائوٿ آفريڪا جي خلاف 104 رنسون ڏنيون، جيڪو ورلڊ ڪپ ۾ خراب ترين بالنگ جو ريڪارڊ بڻجي ويو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو